Menu Bar

Drop Down MenusCSS Drop Down MenuPure CSS Dropdown Menu

نيوز ٽڪر

قادياني اسلام ۽ پاڪستان جا مجرم ***ابوعمير حزب الله بلوچ

پاڻيءَ جي نعمت خطاب : فضيلة الشيخ ذوالفقار علي طاهر رحمھ الله

Friday, February 23, 2024

قادياني اسلام ۽ پاڪستان جا مجرم ابوعمير حزب الله بلوچ


ڪجهه ڏينهن کان ملڪي ميڊيا ۾ هڪ خاص واقعي جي تناظر ۾ مرزا غلام قادياني جي پوئلڳن جي باري ۾ بحث مباحثو عروج تي آهي ، قادياني الله رب العالمين جي پسند ڪيل دين اسلام ۽ اسان جي پياري وطن پاڪستان جا بدترين ڏوهاري آهن ، اها رڳو دعويٰ ناهي بلڪه روز روشن وانگر چٽي حقيقت آهي. 

قادياني مرزا غلام قادياني کي سندن نزديڪ “ظلي“ بروزي “ يا ڪنهن به حيثيت ۾ نبي، رسول ۽ پنهنجو رهبر ، رهنما يا چڱو مڙس تسليم ڪندا آهن ۽ سندس ڳڻ ڳائيندي نه ٿڪبا آهن . 

جڏهن ته ختم نبوت وارو عقيدو اسلام جي بنيادي عقيدن مان اهڙو اهم ترين عقيدو آهي جو ان جي دفاع لاءِ مسيلمه ڪذاب (نبوت جي دعويٰ ڪندڙ) جي خلاف جنگ يمامه واري ڏينهن ستر(70) صحابه ڪرام رضي الله عنهم پنهنجي قيمتي جانين جو نذرانو پيش ڪيو. (صحيح بخاري : 4078) 


ختم نبوت جا ڪجهه دليل 


ختم نبوت جا ڪجهه دليل هيٺ ذڪر ڪجن ٿا . 

الله تعاليٰ جو فرمان آهي : 

⭐ (مَا كَانَ مُحَمَّدٌ أَبَا أَحَدٍ مِنْ رِجَالِكُمْ وَلَٰكِنْ رَسُولَ اللَّهِ وَخَاتَمَ النَّبِيِّينَ ۗ وَكَانَ اللَّهُ بِكُلِّ شَيْءٍ عَلِيمًا( ]سورة اﻷحزاب 40[ 

محمد (ﷺ) توهان مردن مان ڪنهن جو به پيءُ ناهي بلڪه الله جو رسول ۽ سڀني نبين جي پڇاڙي ۾ ايندڙ (خاتم النبيين يعني آخري نبي) آهي .

⭐ اَلْيَوْمَ أَكْمَلْتُ لَكُمْ دِينَكُمْ وَأَتْمَمْتُ عَلَيْكُمْ نِعْمَتِي وَرَضِيتُ لَكُمُ الْإِسْلَامَ دِينًا ۚ (المائدة 3)

 اڄ مون اوھان جو دين اوھان لاءِ مڪمل(پورو) ڪري ڇڏيو ۽ اوھان تي پنھنجي نعمت پوري ڪيم ۽ اوھان لاءِ دين اسلام پسند ڪيم . 

نبي ڪريم ﷺ جن جا ڪجهه فرمان آهن ته: 

⭐ لَا نُبُوَّةَ بَعْدِي (صحيح مسلم:2404)

⭐ وَأَنَا الْعَاقِبُ الَّذِي لَيْسَ بَعْدِي نَبِيٌّ( جامع ترمذي : 2840)

⭐ كَانَتْ بَنُو إِسْرَائِيلَ تَسُوسُهُمُ الْأَنْبِيَاءُ، كُلَّمَا هَلَكَ نَبِيٌّ خَلَفَهُ نَبِيٌّ، وَإِنَّهُ لَا نَبِيَّ بَعْدِي.(صحيح بخاري : 3455)

⭐ وَاَنَا الْمُقَفّيٰ (صحيح ابن حبان : 7162) 

⭐ وَأَنَا آخِرُ الْأَنْبِيَاءِ،وَأَنْتُمْ آخِرُ الْأُمَمِ (سنن ابن ماجة : 4077. صحيح مسلم : 1394)

⭐ .....فَأَنَا اللَّبِنَةُ وَأَنَا خَاتِمُ النَّبِيِّينَ . (صحيح بخاري : 3535)

⭐ لَوْ كَانَ بَعْدِي نَبِيٌّ لَكَانَ عُمَرَ بْنَ الْخَطَّابِ (جامع ترمذي : 3686)

⭐ وَأُرْسِلْتُ إِلَى الْخَلْقِ كَافَّةً، وَخُتِمَ بِيَ النَّبِيُّونَ. (صحيح مسلم : 52)

ذَهَبَتِ النُّبُوَّةُ وَبَقِيَتِ الْمُبَشِّرَاتُ ( سنن ابن ماجة : 3896)

⭐ إِنَّ الرِّسَالَةَ وَالنُّبُوَّةَ قَدِ انْقَطَعَتْ، فَلَا رَسُولَ بَعْدِي وَلَا نَبِيَّ .( جامع ترمذي: 2272)

⭐ فَأَنَا مَوْضِعُ اللَّبِنَةِ، جِئْتُ فَخَتَمْتُ الْأَنْبِيَاءَ. (صحيح مسلم: 2287)

⭐ فَإِنِّي آخِرُ الْأَنْبِيَاءِ، وَإِنَّ مَسْجِدِي آخِرُ الْمَسَاجِدِ. (صحيح مسلم: 1394)

⭐ وَإِنَّهُ سَيَكُونُ فِي أُمَّتِي ثَلَاثُونَ كَذَّابُونَ، كُلُّهُمْ يَزْعُمُ أَنَّهُ نَبِيٌّ، وَأَنَا خَاتَمُ النَّبِيِّينَ لَا نَبِيَّ بَعْدِي. (جامع ترمذي : 2219)

⭐ نَحْنُ الْآخِرُونَ السَّابِقُونَ يَوْمَ الْقِيَامَةِ .(صحيح بخاري:896)


⭐ إِنِّي عِنْدَ اللَّهِ فِي أُمِّ الْكِتَابِ لَخَاتَمُ النَّبِيِّينَ، وَإِنَّ آدَمَ لَمُنْجَدِلٌ فِي طِينَتِهِ. (مسنداحمد : 17163. صحيح ابن حبان : 6404. صححه الالباني مشكاة : 5759) 


 مفهوم هيءُ آهي ته : آئون آخري نبي ۽ رسول آهيان مون کان پوءِ نبوت ۽ رسالت جو سلسلو بلڪل ختم ٿي چڪو آهي ڪا به نبوت ، رسالت ۽ ڪو به نبي يا رسول مون کان پوءِ ناهي اچڻو ، آؤن سڀني(نبين) کان آخر ۾ آيو آهيان ، مون کان پوءِ جيڪڏهن ڪو نبي اچڻو هجي ها ته اهو عمر بن الخطاب (رضي الله عنه) هجي ها ، آؤن نبوت جي سلسلي جي اها آخري سِرَ آهيان جيڪا الله تعاليٰ قائم ڪري ڇڏي آهي ، منهنجي مسجد (نبوي) ڪنهن نبي جي هٿان تعمير ٿيندڙ آخري مسجد آهي ۽ توهان آخري امت آهيو ، توهان کان پوءِ ٻي ڪا به امت ناهي، منهنجي امت ۾ ٽيهه(30) اهڙا ڪوڙا ، دجال يعني وڏا ڌوڪيباز پيدا ٿيندا جيڪي نبوت جي دعويٰ ڪندا پر ياد رکو ته آؤن خاتم النبيين آهيان مون کان پوءِ ڪو به نبي نه ايندو . رسول الله عليه وسلم جي وفات کان پوءِ سيدنا ابوبڪر ، سيدنا عمر ۽ سيده ام ايمن رضي الله عنهم ان ڳالهه تي روئي رهيا هئا ته : أَنَّ الْوَحْيَ قَدِ انْقَطَعَ مِنَ السَّمَاءِ. هاڻي آسمان مان وحي اچڻ جو سلسلو بند ٿي ويو!.(صحيح مسلم: 2454)


مرزا قادياني طرفان نبوت ۽ رسالت جي دعويٰ 


پڙهندڙ دوستو مٿي ذڪر ڪيل قرآن ۽ حديث جي دليلن جي ابتڙ مرزا غلام قادياني نبوت ۽ رسالت جي دعويٰ ڪئي ۽ ان جا پوئلڳ کيس نبي مڃين ٿا . 

⚫ مرزا لکي ٿو : سچو خدا اهو ئي آهي جنهن قاديان ۾ پنهنجو رسول موڪليو . (دافع البلاء ص 11)

چيائين ته : نبي جي نالي لاءِ مون کي خاص ڪيو ويو.(حقيقة الوحي ص 39)

آئون رسول ۽ نبي به آهيان. مون کي موڪليو ويو آهي ، ۽ خدا طرفان غيب جون خبرون ڏنيون وڃن ٿيون. (روحاني خزائن : ج 18 ص 211، غلطي ڪا ازاله ص 7 )

ان باري ۾ ٻيا به ڪيترا ئي حوالا پڻ آهن جيڪي اختصار خاطر هتي ذڪر نه ڪيا ويا آهن . 

ان ڪري مرزا غلام ۽ سندس پوئلڳ اسلام جا مجرم آهن ڇو ته هو ختم نبوت جي بنيادي ۽ اساسي عقيدي جا انڪاري آهن. 


مرزا قادياني هڪ گستاخ شخص 


 ان کان سواءِ اهو نامعقول شخص الله تعاليٰ ، سندس رسولن عليهم السلام ، صحابه ڪرام رضي الله عنهم جون گستاخيون ڪندو رهيو ۽ مسلمان عالمن يا عام ماڻهن کي گاريون ڏيندو ۽ لعنتون وجهندو رهيو . هيٺ انجو صرف اجمالي خاڪو ذڪر ڪجي ٿو: 

الله تعاليٰ جي باري لکي ٿو : هاٿي ڏند ، بجلي ، خدا جاڳندو ، سمهندو نماز پڙهندو ۽ روزا رکندو آهي . غلطي ڪندو آهي، خدا قاديان ۾ نازل ٿيندو. (براهين احمديه ج 2 ص 555. ، البشريٰ 2/79).

خدا مرزا جو نالو وٺندي شرمائي ٿو. مرزا پاڻ کي الله تعاليٰ جي اولاد سمجهي ٿو. پاڻ لاءِ الله تعاليٰ واريون وصفون : “فعال لما يريد ، ڪن فيڪون“ لکي ٿو.

 ۽ مرزا پاڻ کي سڀني نبين کان افضل قرار ڏئي ٿو، سيدنا آدم ، نوح ، موسيٰ ۽ يوسف عليهم السلام جا نالا وٺي پاڻ کي انهن کان افضل سمجهي ٿو . چوي ٿو ته نبي ﷺ کي ٽي هزار معجزا ڏنا ويا ۽ خود مرزا کي ٽي لک بلڪه ڇهه لک کان به وڌيڪ . 

(حقيقة الوحي ص 67. 89 . 107 .356. براهين احمديه 5/76.82)

سيده مريم سلام الله عليها جي عفت ۽ عصمت تي ناقابل بيان حملا ۽ سيدنا عيسيٰ عليه السلام جي شان ۾ بدترين گستاخيون ۽ پاڻ کي ان کان افضل قرار ڏنو اٿس . سيدنا عيسيٰ عليه السلام کي سڀني کان وڌيڪ تنقيد جو نشانو بڻايو اٿس.(ايام صلح ص 65. چشمه مسيحي ص 49 دافع البلاء ص 10 ازاله اوهام ص 69 . 158)

سيدنا علي، سيده فاطمه، سيدنا حسن ۽ سيدنا حسين رضي الله عنهم جي شان ۾ پڻ گستاخيون ڪيون اٿس.(نعوذبالله من ذالڪ)

پڙهندڙ دوستو مرزا غلام ۽ سندس فڪري غلامن جون اڃان اڻ ڳڻيون اهڙيون عبارتون به آهن جن کي هتي لکڻ کان تهذيب ، شرم ۽ حياءُ رڪاوٽ آهي . وڌيڪ تفصيل ۽ حوالن لاءِ ڏسندا : (قاديانيت اپني آئيني ۾ از علامه صفي الرحمان مبارڪپوري رحمه الله)


قادياني ٽولو پاڪستان جو مجرم 


⚫ مرزائي ، قادياني ٽولو نه صرف اسلام بلڪه اسلام جي نالي تي حاصل ڪيل پياري وطن پاڪستان جو پڻ مجرم ۽ غدار آهي ، ڇوته پاڪستان جي آئين مطابق قادياني غيرمسلم آهن، اهي پاڻ کي مسلمان نه ٿا چئي سگهن ، پنهنجي عبادت خاني جو نالو مسجد نه رکندا ، پنهنجي صدا کي اذان ۽ عبادت کي نماز ، روزي وغيره جو نالو نه ڏيندا ، پنهنجي مذهب جي تبليغ نه ڪندا وغيره ، ان پاڪستاني عدالتي فيصلي کي باقي اسلامي دنيا پڻ قبول ڪيو ۽ اهڙي طرح قاديانين جي ڪفر تي سڀني مسلمانن جو اجماع ٿي ويو ، پر قادياني پاڪستان جي ان آئين ۽ قانون کي تسليم ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن ، مٿي ذڪر ڪيل سڀني شين جو کليو انڪار ڪن ٿا ، پاڻ کي مسلمان سڏرائڻ تي اصرار ڪن ٿا ، بلڪه ان جي ابتڙ صرف پاڻ کي ئي مسلمان سمجهن ٿا ۽ ٻين سڀني مسلمانن کي ڪافر قرار ڏين ٿا ،

جناب قائد پاڪستان محمد علي جناح جي مسلمان هجڻ جي ڪري “سر“ چوڌري ظفر الله خان سندس جنازي نماز به نه پڙهي هئي ڇوته هو پڪو قادياني هيو .


⭐ 1974ع ۾ جڏهن پاڪستان جي قومي اسمبلي ۾ قاديانين جي باري ۾ بحث مباحثو جاري هيو ان موقعي تي قادياني “خليفي“ مرزا ناصر چيو هيو ته : هُن جي نزديڪ هِتي موجود اسمبلي جا سڀيئي ميمبر ، ۽ قاديانين کان سواءِ باقي ملڪ جي پوري عوام پڻ ڪافر آهي . 


⭐ سيپٽمبر 1974ع ۾ پاڪستاني اسمبلي طرفان متفقه طور قاديانين کي غيرمسلم قرار ڏيڻ واري تاريخي فيصلي خلاف احتجاج ڪندي فزڪس ۾ نوبل ايوارڊ حاصل ڪندڙ ان وقت جي وزير اعظم پاڪستان جي سائنسي مشير قادياني ڊاڪٽر عبدالسلام پنهنجي عهدي تان استعفيٰ ڏئي ملڪ ڇڏي روانو ٿيو هيو . 

تاريخ شاهد آهي ته قادياني هميشه مسلمانن ۽ پاڪستان جي دشمنن آمريڪا ، ڀارت ۽ خاص طور اسرائيل سان ٻانهن ٻيلي نظر اچن ٿا ، سوشل ميڊيا ، يوٽيوب ، فيس بوڪ وغيره تي قادياني اڳواڻن جون اهڙيون وڊيوز ۽ بيان پڻ موجود آهن .


⭐ اسلام ۽ پاڪستان سان ايترين ويساگهاتين کان پوءِ قاديانين کي اسلام ۽ پاڪستان جو خير خواهه ڪيئن ٿو قرار ڏئي سگهجي !!! 

پر وڌيڪ افسوس ته ملڪ جي لبرل ۽ روشن خيال سڏائيندڙ طبقي تي آهي، جو هو ايترين پڌرين حقيقتن جي باوجود قاديانين جي حمايت لاءِ سندرو ٻڌي بيٺو آهي . 


⚫ ٽي وي واري اسڪالر جاويد احمد غامدي جو چوڻ آهي ته : “جيڪو شخص پنهنجي زبان سان چوي ته آئون مسلمان آهيان ته پوءِ مون کي ڪو به حق ناهي جو آئون ان کي ڪافر چوان“ !!، ۽ سندس ٻڌندڙ حواري خوش ٿي تاڙيون وڄائين ٿا .(هيءَ سندس قاديانين سان ڳجهي همدردي آهي) پر سوال ٿو پيدا ٿئي ته پوءِ مسيلمه ڪذاب جو ڪهڙو ڏوهه هيو جو ان خلاف جنگ ڪئي ويئي ۽ ستر صحابه ڪرام شهيد ٿيا ،جڏهن ته مسيلمه نه ته اسلام جو انڪار ڪيو ۽ نه ئي هو نبي ڪريم ﷺ جي نبوت ۽ رسالت جو انڪاري هيو، بلڪه هن جي دعويٰ هئي ته هو رڳو شريڪ نبي آهي، جڏهن ته مرزا غلام مسيلمه کان وڏو ڏوهاري آهي، غامدي صاحب جيڪڏهن ان وقت هجي ها ته مسيلمه ڪذاب جي بچاءَ جي ڪا راهه ضرور ڳولهي لهي ها !!

اهڙو ئي نظريو صحابه ڪرام جو دشمن ۽ گستاخ سوشل ميڊيا جو نام نهاد اسڪالر مرزا محمد علي پڻ رکي ٿو سندس چوڻ مطابق ته اسان قاديانين کي رڳو ان ڪري ڪافر چئون ٿا جو هو اسان کي ڪافر سمجهن ٿا مطلب ته جيڪڏهن هو اسان کي ڪافر نه چون ته اسان به انهن کي ڪافر نه چونداسين!! انا لله وانا اليه راجعون . قارئين ڪرام توهان مٿي قادياني ٽولي جو ڪردار ٻيهر پڙهو ۽ پوءِ قاديانين جي هنن ناڪام وڪيلن جي صورتحال ملاحظه فرمايو. 


 

***

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

Saturday, August 29, 2020

⭐ *گارين ۽ لعنتن وارو مذھب!*

 

شيعه مذهب ۾ گهٽ وڌ ڳالهائڻ گاريون ۽ لعنتون ڏيڻ باقاعده هڪ وڏي عبادت آھي انهي بنياد تي اهي صحابه ڪرام ۽ اهلسنت کي بد شد ڳالهائيندا رهندا آھن ، انهن وٽ گاريون ۽ لعنتون ڏيڻ درود شريف وانگر ضروري عبادت ۽ ثواب جو باعث آھي. 

⭐ جيئن معروف شيعو عالم ۽ فقيھ علي بن الحسين الڪرڪي العاملي (940ھ) لکيو آھي ته : 

اللعن قد يكون عبادة بالنسبة إلي مستحقيه كالصلاة فإنها عبادة بالنسبة إلي مستحقيها، وكما يترتب الثواب علي القسم الثاني كذا يترتب علي القسم الأول إذا وقع في محلة ابتغاءاً لوجه الله تعالی .


يعني لعنت جي حقدارن تي لعنتون ڪرڻ اهڙي طرح عبادت آھي جيئن درود ۽ سلام جي مستحقن تي درود ۽ سلام پڙھڻ هڪ عبادت آھي جهڙي طرح درود پڙھڻ ۾ ثواب ۽ الله تعاليٰ جي رضامندي آھي اهڙيءَ طرح الله جي خوشنودي حاصل ڪرڻ لاءِ لعنتون ڪرڻ (۽ گاريون ڏيڻ) ۾ ثواب ملي ٿو .   

📚 (نفحات اللاهوت في لعن الجبت والطاغوت ، ص 43 ، مکتبہ نینوی الحدیثیہ)


⭐ اهڙي طرح مشھور شيعه عالم الحسن بن سليمان الحلي العاملي (802ھ) لکي ٿو :

فثبت وجوب البراءة من أعداء آل محمد واللعن لهم كما ثبت وجوب الصلاة على محمد وآله (عليهم السلام).

آل محمد جي دشمنن (يعني صحابه) 

کان برائت جو اظھار ڪرڻ ۽ انهن تي لعنت ڪرڻ اهڙي طرح واجب ۽ ثابت آھي جهڙي طرح محمد ۽ آل محمد 

صلي الله عليه وسلم تي درود پڙھڻ واجب ۽ ثابت آھي. 

📚 (المحتضر فی تحقیق معاینة المحتضر للنبي والائمة : 149، مكتبة العلامة المجلسي)


⭐ اهڙي طرح شيعن رافضين جي مذھب ۾ نماز کان پوءِ جي ذڪر اذڪار ۾ لعنتون ڪرڻ به شامل ۽ مستحب آھي . ڏسندا : 

📚 (وسائل الشيعة، كتاب الصلاة، باب استحباب لعن أعداء الدين عقيب الصلاة بأسمائهم.... وانظر : مستدرک الوسائل ومستنبط المسائل : 5/ 60)


⭐ مشھور شيعو محقق ابوالقاسم الخوئي (1413ھ) لکي ٿو :

ثبت في الروايات والادعية والزيارات جواز لعن المخالفين، ووجوب البراءة منهم، وإكثار السب عليهم، واتهامهم، والوقيعة فيهم: أي غيبتهم، لانهم من أهل البدع والريب.

روايتن ۽ دعائن ۾ مخالفن تي لعنت ڪرڻ جائز ۽ ثابت آھي اهڙي طرح مخالفن کان اعلان برائت ڪرڻ ، ۽ دل کولي انهن کي گاريون ڏيڻ ، انهن مٿان خوب الزام ۽ تهمتون مڙھڻ ۽ گلا غيبت ڪرڻ فرض ۽ واجب آھي. 

📚(مصباح الفقاهة : 497، مطبوع ضمن موسوعۃ الخوئی، الجزء الخامس و الثلاثون)


⭐ اهي بدبخت پنهنجي انهن عبارتن ۽ غليظ نظرئي جي ثبوت لاءِ قرآن ۽ حديث ۾ جتي ڪافرن ۽ ظالمن تي لعنت ٿيل آھي انهن کي امت جي عظيم ترين ۽ افضل ترين ماڻھن صحابه ڪرام ۽ امهات المومنين کي گاريون ڏيڻ لاءِ دليل طور پيش ڪن ٿا . 

(ڏسندا: النفحات اللاھوت فی لعن الجبت و الطاغوت لمحقق الکرکی)


⭐ حقيقت ۾ رافضي شيعن پنهنجو اهو گارين ۽ لعنتن وارو مذھب ابن سبا يهودي کان اخذ ڪيو آھي جيئن معروف شيعو عالم ابو محمد حسن بن موسيٰ النوبختي (قبل 400ھ) لکي ٿو :

وكان ممن أظهر الطعنَ على أبي بكر وعمر وعثمان والصحابة وتبرأ منهم، وقال إن علياً عليه السلام أمره بذلك .


عبدالله بن سبا (يهودي سڀ کان پهرين) ابوبڪر ، عمر ، عثمان ۽ ٻين صحابه تي طعن ۽ برائت جي شروعات ڪئي ۽ چوندو هيو ته مون کي اهو ڪم ڪرڻ جو حڪم علي عليه السلام ڏنو آھي . 

📚 (فرق الشيعة : 44، نیز دیکھئے : تنقیح المقال للمامقانی وغیرہ)


⭐ اهو ان يهودي خبيث جو سيدنا علي رضي الله عنه مٿان سراسر بهتان ۽ نسورو ڪوڙ آھي حقيقت ۾ سيدنا علي رضي الله عنه ته خود ان ڪاري يهودي ابن سبا کان برائت جو اعلان ڪيو هيو . 

📚 (تاریخ الكبير لابن أبي خيثمة وغیرہ)


⭐ عبدالله بن عبدالرحمان الخرقي چوي ٿو : 

رافضين جي شروعات هيئن ٿي جو ڪجھ زنديق (سخت گمراھ ڪافر) ماڻھو گڏ ٿيا ته اسان مسلمانن جي نبي سڳوري کي گهٽ وڌ ڳالهائيون ۽ گاريون ڏيون ٿا ! جنهن تي انهن کي سندن ڪنهن وڏي صلاح ڏني ته ايئن ڪرڻ سان اوهان ماريا ويندؤ ان ڪري ان جو ڪو ٻيو رستو ڳولهيو ! ان چيو ته ڏسو جڏھن پاڙيسري سان وڙھڻو هجي ته پهرين ان جي چوڪيدار کي ماربو تنهن ڪري اچو ته پهرين نبي (صلي الله عليه وسم) جي پيارن ساٿين صحابه ڪرام کي گاريون ڏيون ۽ پوءِ انهن کي ئي ڪافر قرار ڏينداسون ! پوءِ انهن اهو به چوڻ شروع ڪيو ته علي (رضي الله عنه) کان سواءِ سڀيئي صحابي دوزخي آھن ۽ اهو به چيائون ته اصل ۾ نبي ته علي (رضي الله عنه) آھي جبرائيل عليه السلام کان وحي پهچائڻ ۾ غلطي ٿي وئي . 

📚 (المجالسة للدينوري، نقل عنه السيوطي في مفتاح الجنة : 75)

(ختم شد.)


⭐ قارئين ڪرام توهان اندازو لڳايو ته جنهن مذھب ۾ لعنت ۽ گار جهڙي بدترين صفت عبادت ۽ وڏي ثواب جو درجو رکندي هجي ته ڇا انهن جي بد زباني کان نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جا عظيم جان نثار پيارا اصحابي سڳورا ۽ مومنن جون مائرون ۽ عام مسلمان محفوظ رهي سگهن ٿا؟؟ هرگز نه ! 


⭐ *گاريون ۽ لعنتون دين اسلام ۾ !* 


⚫ ⭐ ٻي پاسي دين اسلام جي تعليم ته اها آھي ته الله تعاليٰ جي دشمنن ڪافرن ۽ مشرڪن کي به گاريون نه ڏجن ، الله تعاليٰ جو فرمان آھي : 


(وَلَا تَسُبُّوا الَّذِينَ يَدْعُونَ مِنْ دُونِ اللَّهِ فَيَسُبُّوا اللَّهَ عَدْوًا بِغَيْرِ عِلْمٍ ۗ كَذَٰلِكَ زَيَّنَّا لِكُلِّ أُمَّةٍ عَمَلَهُمْ ثُمَّ إِلَىٰ رَبِّهِمْ مَرْجِعُهُمْ فَيُنَبِّئُهُمْ بِمَا كَانُوا يَعْمَلُونَ .[سورة اﻷنعام 108]


  ۽ (اي مسلمانو) جيڪي ماڻهو الله کان سواءِ ٻين کي پڪارين ٿا تن (جي بتن ديوتائن ۽ شريڪن) کي گاريون نه ڏيو جو وري هو به حد کان ٻاهر لنگهي بي سمجهيءَ کان الله کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ لڳن. اسان اهڙيءَ طرح هر ڪنهن قوم لاءِ سندس عمل چڱا ۽ سهڻا بنايا آهن (يعني جيڪي ماڻهو غلط ۽ بد ڪم ڪن ٿا تن کي به پنهنجا ڪم صحيح ۽ سٺا ڏسڻ ۾ اچن ٿا) پوءِ آخر سڀني کي پنهنجي پروردگار ڏانهن موٽڻو آهي. ان وقت هو انهن سڀني کي سندن عملن جي حقيقت کولي ڏيکاريندو جيڪي عمل هو (دنيا ۾) ڪندا رهيا آهن.


⭐ نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جا فرمان آهن : 

⭐ مسلمان اهو آھي جنهن جي زبان ۽ ھٿ کان ٻيا مسلمان محفوظ رهن . (بخاري: 6484) 


⭐ ڪنهن مسلمان کي گار ڏيڻ گناھ جو ڪم آھي .(بخاري:48)

 

⭐ نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم بد زباني ڪندڙ گاريون ڏيندڙ ۽ لعنتون وجهندڙ نه هئا. (بخاري:6046) 


⭐ اها منافق جي نشاني آھي جو اهو گاريون ڏئي ٿو . (بخاري:34) 


⭐ الله تعاليٰ بدزباني ڪندڙ گاريون ڏيندڙ کان نفرت ڪري ٿو. (ترمذي: 2002) 


⭐ مومن ڪڏھن طعنا ڏيندڙ لعنتون ڪندڙ گاريون ڏيندڙ بري اخلاق وارو نه ٿو ٿئي . (ترمذي: 1977) 


⭐ لعنت ڪرڻ جي سبب نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم گهڻين عورتن کي دوزخ ۾ ڏٺو . (بخاري: 304)


⭐ جيڪو ماڻھو ڪنهن مومن تي لعنت ڪري ٿو ته اهو سندس قتل جهڙو ئي گناھ آھي (بخاري: 6047) 


⭐ ڪنهن سچار ماڻھو لاءِ لعنتون ڪرڻ لائق ئي ناهي . (مسلم:2597)


⭐ لعنتون ڪندڙ ماڻھو قيامت جي ڏينهن سفارش نه ڪري سگهندا ۽ نه ئي شاهد ٿي سگهندا (مسلم: 2598) 

 

⭐ الله تعاليٰ مون کي لعنتون ڪندڙ بنائي ناهي موڪليو بلڪه رحمت بنائي موڪليو اٿس .(مسلم:2599) 


⭐ جيڪو ماڻھو ڪنهن تي لعنت ڪري ٿو ۽ اهو لعنت جو حقدار ناهي ته اها ڦٽڪار لعنت ڪندڙ جي مٿان موٽي اچي ٿي . (ابوداؤد: 4908) 

✍️ حافظ محمد طاھر حفظه الله 

✍ ترجمو ۽ اضافا : ابومعاذ سنڌي

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

Friday, August 28, 2020

9 ۽ 10 محرم) عاشوري جا روزا معتبر سُني ۽ شيعه روايتن مطابق*


10 محرم يعني عاشوري جو روزو زمانه جاهليت ۾ قريش به رکندا هئا نبي ڪريم ﷺ جن پاڻ به اهو روزو رکيو مديني هجرت کان پوء به پاڻ اهو روزو رکيائون ۽ صحابه ڪرام کي حڪم پڻ ڏنو جڏھن رمضان جا روزا فرض ڪيا ويا ته پاڻ فرمايائون ته هاڻي جيڪو چاهي اهو عاشوري جو روزو رکي ۽ جيڪو چاهي نه رکي ۽ فرمايائون اهو روزو فرض ناهي پر آئون رکان ٿو  (صحيح بخاري : 2002 ، 2003 ، مسلم : 1125، 1129) 

مطلب ته رمضان جي فرضيت کان پهرين اهو روزو رکڻ فرض هيو. 


⭐ اهڙي طرح مديني ۾ يهودي پڻ اهو روزو رکندا هئا جڏھن انهن کان پڇا ڪئي ويئي ته چيائون ته ان ڏينهن موسيٰ عليه السلام ۽ سندس قوم کي الله تعاليٰ فرعون کان نجات ڏني هئي ته موسيٰ عليه السلام شڪراني طور روزو رکيو هيو جنهن تي نبي ڪريم ﷺ جن فرمايو اسان موسيٰ جا اوهان کان وڌيڪ حقدار آھيون ۽ پاڻ روزو رکيائون ۽ صحابه ڪرام کي پڻ حڪم ڏنائون (بخاري: 2004 . 3397. مسلم : 1130) 


⭐ ان ڪري نبي ڪريم ﷺ  عاشوري جي روزي کي خاص اهميت ڏيندي ۽ افضل سمجهندي خوب اهتمام فرمائيندا هئا (صحيح بخاري: 2006 مسلم : 1132) 


⭐ عاشوراء (10 محرم) جي روزي جي فضيلت ذڪر ڪندي نبي ڪريم ﷺ جن فرمايو: 

 وَصِيَامُ يَوْمِ عَاشُورَاءَ أَحْتَسِبُ عَلَى اللَّهِ أَنْ يُكَفِّرَ السَّنَةَ الَّتِي قَبْلَهُ . 


آئون الله تعاليٰ مان اميد رکان ٿو ته عاشوري جا روزا رکڻ سان الله تعاليٰ گذريل هڪ سال جا گناھ معاف ڪري ڇڏيندو . (صحيح مسلم : 1162) 


⭐ ٻي حديث ۾ آھي : 

أَفْضَلُ الصِّيَامِ بَعْدَ رَمَضَانَ ؛ شَهْرُ اللَّهِ الْمُحَرَّمُ. (صحيح مسلم : 1163) 


سندن فرمان مبارڪ آھي ته رمضان کان پوءِ سڀ کان وڌيڪ افضل روزا الله تعاليٰ جي مهيني محرم جا آھن. صحيح مسلم: 1163) 


⭐ صحابه ڪرام رضي الله عنهم عرض ڪيو ته اي الله جا رسول ان عاشوري جي ڏينهن جي ته يهودي ۽ نصاريٰ به تعظيم ڪن ٿا (۽ پاڻ مسلمان پڻ روزو رکون ٿا اها ته انهن سان موافقت ٿي ويندي!) پاڻ فرمايائون ته جيڪڏھن آئون ايندڙ سال تائين زندھ رهيس ته نائين تاريخ (محرم جو پڻ) روزو رکندس پر پاڻ ٻئي سال کان پهرين وفات ڪري ويا . (صحيح مسلم : 1134) 


⭐ سیدنا عبداللہ بن عباس رضي الله عنهما فرمائين ٿا : 

خالفوا الیھود وصوموا التاسع والعاشر <ولاتشبهوا باليهود> 

توهان عاشوري جو روزو رکڻ ۾ يهودين جي مخالفت ڪندي نائين ۽ ڏھين محرم جو روزو رکو ۽ يهودين جي مشابهت نه ڪيو . 

(مصنف عبدالرزاق 4/287 ح 7839 وسندہ صحیح، والسنن الکبریٰ للبیھقي.4/287 ، والسنن الماثورة للشافعي: 337 .)  


⭐ معلوم ٿيو ته عاشوري جا ٻه روزا رکڻ گهرجن هڪڙو ڏھين تاريخ جو ۽ ٻيو ان سان گڏ نائين تاريخ جو پڻ روزو رکڻ گهرجي ته جيئن يهودين جي مخالفت ٿئي ۽ مشابهت کان بچي سگهجي . 


⭐ امام احمد شافعي اسحاق بن راهويه رحمهم الله وغيرهم ان جا قائل آھن ته ڏهين تاريخ جو روزو رکڻ گهرجي ڇو ته نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن خود اهو روزو رکيو ۽ ان سان گڏ نائين تاريخ جو روزو به رکجي ڇو ته ان روزي رکڻ جي رسول الله صلي الله عليه وسلم جن نيت فرمائي ھئي ته آئون ايندڙ سال نائين تاريخ جو روزو رکندس . (جامع ترمذي تحت حديث: 755  . شرح النووي: 1/ 359 )


⭐ *نوٽ :* 

باقي هيٺين لفظن سان جيڪا مرفوع روايت ذڪر ڪئي وڃي ته يهودين جي مخالفت ڪندي عاشوري يعني 10 محرم سان گڏ 9 تاريخ يا وري 11 تاريخ جو روزو رکو اها راوي داؤد بن علي ۽ ابن ابي ليليٰ جي ضعيف هجڻ جي ڪري قابل حجت نه آھي .

صُومُوا يَوْمَ عَاشُورَاءَ، وَخَالِفُوا فِيهِ الْيَهُودَ، صُومُوا قَبْلَهُ يَوْمًا، أَوْ بَعْدَهُ يَوْمًا . (مسند احمد : 2154. ابن خزيمه: 2095 وضعفه الالباني والارناؤط رحمهم الله) 


⭐ ياد رکڻ گهرجي ته مٿي محرم جي مهيني يا عاشوري جي روزي رکڻ متعلق جيڪا فضيلت وغيره ذڪر ڪئي وئي آھي ان جو سيدنا حسين رضي الله عنه يا ڪربلا واري واقعي سان ڪوبه تعلق ناهي . 


⭐ *نوٽ* : قارئين ڪرام محرم جي مهيني ۾ روزن کان سواء ٻي ڪا خاص عبادت نماز يا ڪو خاص ذڪر دعا ۽ وظيفو ثابت نه آھي ان سلسلي ۾ جيڪي روايتون بيان ڪيون وڃن ٿيون اهي سڀ جعلي ضعيف موضوع ۽ ناقابل اعتبار آھن جن جو ڪوبه شرعي ثبوت ناهي . 


*9 ۽ 10 محرم جو روزو شيعه مذھب ۾*  


انهن روزن جي مستحب هجڻ جي باري ۾ خود شيعه جي معتبر ڪتابن ۽ امامن کان روايتون موجود آھن. 


 هيٺ ٻه روايتون لکجن ٿيون: 

⭐ امير المومنين سيدنا علي رضي الله عنه فرمايو : 

صوموا عاشوراء التاسع والعاشر فانه يكفر ذنوب سنة.  

نائين ۽ ڏھين تاريخ عاشوري جو روزو رکو ڇو ته ان سان هڪ سال جا گناھ معاف ٿي وڃن ٿا . 

(تهذيب الاحڪام 4/ 299 رقم 905 

الاستبصار 2 /134 رقم 437 ، وسائل الشيعه 10 / 475 رقم 13839 ) 


شيعه اصول جي مطابق هن روايت جي سند صحيح آھي. 

مشھور شيعه محقق ابوالقاسم الخوئي هن روايت کي صحيح چيو آھي (المستند في شرح العروة الوثقيٰ ، موسوعة الخوئي 22 / 331) 


⭐ امام ابوجعفر محمد الباقر رحمه الله فرمايو : 

 صيام يوم عاشوراء كفارة سنة.  

(9- 10 محرم) عاشوري جا روزا هڪ سال جي گناهن جو ڪفارو آھن . 

(تهذيب الاحڪام 4/ 300 رقم 907 

الاستبصار 2/ 134 رقم 437 وسائل الشيعه 10/ 475 رقمه 13849 ) 

 علامه خوئي هن روايت کي صحيح چيو آھي ، موسوعة الخوئي 22/ 316 ) 

(وڌيڪ روايتن لاءِ ڏسندا : 

التهذيب : 905 تا 908 ، 1045 ، الكافي 86:4/ح1) 


⭐ ڪيترا ئي شيعه عالم غم حسين ۾ عاشوري جي روزن کي مستحب چون ٿا . (شرائع الاسلام للحلي 1/ 149) 


⭐ ڪجھ شيعا انهن روزن جي مستحب هجڻ تي اجماع نقل ڪن ٿا . (جواهر الڪلام لمحمد حسن نجفي 17/ 105) 


⭐ شيعن جو مشھور عالم شيخ المفيد چوي ٿو : 

 أن من صام يوم عاشورا على طريق الحزن بمصائب آل محمد عليهم السلام فقد أصاب ...

جيڪو ماڻھو آل محمد (صلي الله عليه وسلم ) کي پهچندڙ تڪليف ۽ ڏک جو غم ڪندي عاشوري جو روزو رکي ٿو ته اهو بلڪل صحيح آھي ... 

(الاستبصار 2 / 135 ، 136 )


⭐ ڪجھ شيعه عالم سيستاني وغيره چون ٿا 10 محرم تي سڄو ڏينهن ڪجھ به کائڻ پيئڻ نه گهرجي عصر کان پوء هڪ ڍڪ پاڻي پيئجي . 


⭐ تعجب جهڙي ڳالھ آھي ته انهي معتبر ۽ مناسب تعليم جي ابتڙ انهن ڏينهن ۾ وري شيعا ۽ نام نهاد سني قسمين قسمين جا شربت ، بريانيون طعام ۽ حليم وغيره جون ديڳيون دهل وڄائيندي وڄائيندي چَٽُ ڪريو ڇڏين !! اهو آھي انهن کي آل محمد (صلي الله عليه وسلم) جو ڏک ۽ غم !! 


⭐ قارئين ڪرام شيعه مذھب جي اهڙين معتبر ترين روايتن جي هوندي ڪجھ شيعه عالمن جو وري عاشوري جي روزن کي حرام يا مڪروھ چوڻ انتهائي عجيب آھي !!

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

Thursday, May 7, 2020

تاريخ جا ٻه پاسا؛ ساڃاهه وند ماڻهن کان ھڪ سنجيده سوال ۽ دعوت سوچ ويچار؟ (عبدالصمد المدني، فاضل مدينه يونيورسٽي)


پھريون پاسو: ھڪ ڌاريو اچي ڪنھن قوم جو شاھي مھمان ٿئي ٿو،  قوم وارا خوب ميزباني جو حق ادا ڪن ٿا، اڳتي ھلي اھو نيچ ذات مھمان ان قوم جي مهاراجا جي زال کي ورغلائي ان سان بدڪاري ڪرڻ سان گڏ،  مهاراجا خلاف علم بغاوت بلند ڪري قتل ڪري ڇڏي ٿو ،ان راجا  جي زال سان شادي ڪري ،   قوم جو «مھاراجا» ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ٿو ! اڳتي ان نمڪ حرام جو وارث ٿيندڙ پٽ بہ  پنھنجي پيء وانگر «جھڙا ڪانو تھڙا ٻچا جي مثال مطابق » ظلم جو ساٿ ڏيڻ سان گڏ ، ان قوم جی ڌرم  ۽ روايتن جي بر خلاف  پنھنجي سڳي ڀيڻ سان شادي رچائي ٿو، ڇاڪاڻ ته ايئن ڪرڻ سان ان راجا جي اقتدار جو سج نه لھي سگھندو! ۽ ان جا ٻيا به ڪڌا ڪرتوت آھن جن کان  تاريخ جو ادني  طالب علم به واقف آھي...
ٻيو پاسو: ھڪ بادشاھ جيڪو انصاف جا سڀ تقاضا پورا ڪري، ان «مھا راجا» کان مطالبو ڪري ٿو ته  اسان جون ڪجھ پردي دار عورتون جيڪي تنھنجي علائقي ۾  ناحق قيد آھن تن کي پنھنجي ملڪ جي ڌاڙيلن کان بازياب ڪرائي، عزت ۽ احترام سان اسان جي حوالي ڪيو وڃي! پر اھو راجا جواب ۾ چئي ٿو ته انھن ڌاڙيلن تي سندس ڪو به اختيار نه آھي حالانڪه اھي ڌاڙيل ھن جي سرزمين ۽ علائقي ۾ موجود آھن !  تنھن بعد اھو غيرتمند حاڪم  پنھنجن ننگن جي حفاظت لاء ھڪ نوجوان کي پنھنجي لشڪر سان گڏ موڪلي ٿو ۽ اھو نوجوان ان بد ڪردار ۽ ظالمن جي مددگار راجا  تي  عذاب الاھي بڻجي ٽٽي پئي ٿو ۽ ان جي منحوس وجود ۽ ان جي زبردستي ڦٻائيل اقتدار منجھان ان قوم کي نجات ڏياري ٿو، ان فاتح نوجوان جي اخلاق ، ڪردار جي بلندي جي ڪري ان قوم جا ماڻھو ان سان بي انتها پيار ڪن ٿا، پنھنجي جيء ۾ جايون ڏين ٿا، ايتري تائين جو پنھنجي ڌرم کي ڇڏي ان  فاتح جي مذھب ۾  بخوشي داخل ٿين ٿا ،  باقي جيڪي  ان جي دين ۾ داخل   نٿا ٿين سي بہ ان کي پنھنجو اوتار ۽ ديوتا مڃن ٿا۔۔۔ اھو فاتح ضرور آھي پر تاريخ اھڙو فاتح گھٽ ئي ڏٺو ھوندو جنھن سان  مفتوح قوم وارا ايئن پيش آيا ھجن... جو پنھنجي آبائي عقيدي کي به قربان ڪري ڇڏن ٿا.....
ان قوم وارا پنھنجي ھن محبوب شخص سان بھترين ڏينھن گذاري رھيا ھئا ، ته ان عظيم فاتح کي پنھنجي نئين بادشاھ جو حڪم پھچي ته تون انھن پاڻ سان محبت ڪندڙ ماڻھن  کي ڇڏي اسان جي حڪم موجب واپس اچ! حاڪم جي ارادن مان اھو بہ ظاھر ھجي ٿو تہ سندن قربانين جو ان وٽ ڪو به قدر ته پري رھيو پر ان سان سٺو سلوڪ  بہ ڪونه ڪيو ويندو بلڪه ان جي جان کي به خطرو  آھي! ان جي باوجود اھو فاتح پنھجي اقتدار کي ٺوڪر هڻي واپس ھليو وڃي ٿو؛ ان جي رواني ٿيڻ کان پھريان اھا قوم پنھنجي محبوب فاتح کي ھر طرح سان روڪي ٿي پر ھو پنھنجي بادشاه جو وفادار آھي ، ھو ڪوبه ٽڪراء نه ٿو چاھي، ھو نمڪ حلال آھي ان لاء پنھنجن محبت ڪرڻ وارن کي ڇڏي ، واپس سندي ديس جو راھي ٿئي ٿو!
شاه عبدالطيف ڀٽائي اھڙن ئي جوڌن جي لاء چيو آھي:
گھوڙن  ۽  گھوٽن    جيئن   ٿورڙا  ڏينھڙا 
ڪڏھن منجھ ڪوٽن، ڪڏھن راھي رڻ جا
   
ھتي آئون  سڀني مانوارن پڙهندڙن کان اھو نماڻو سوال ڪندس ته:
 خدارا تعصب ۽ ھٽ ڌرمي کي پري ڪري، پنھنجي دل کان پڇندا !
  اسان جي تاريخ جا ٻه پاسا   روشن سج وانگر  اسان جي سامهون آھن:
 پھريون پاسو اھو ڪارو ۽ اونڌاهي وارو آھي جنھن ۾  آنجھاني راج ڏاھر پنھنجن پورين نحوستن سان موجود آھي ...
ٻيو پاسو ان عظيم انسان ، صاف سٿري ڪردار جي مالڪ ،  عظيم فاتح نوجوان محمد  بن قاسم رحمة الله عليہ جو آھي جنھن جي آمد سنڌين لاء ھڪ عظيم نعمت الاھي ھئي ، جنھن سنڌ کي «باب الاسلام» جو اھو  قابل فخر اعزاز بخشيو جيڪو  رھندي دنيا تائين(ان شاءالله) ان جي مٿي جو تاج بڻجي رھندو ! 
 الله تعالي جي احسان کان پوء ، اھو ٿورو آھي ان عظيم انسان جو!
شيخ اياز چئي ٿو:
ٿورو نه ڪڏھن ڪنھن جو ٿورو سمجھ جانء
ان کان  وڌ  ڏجانء ، جيڪي  ھن  توکي ڏنو
راجا ڏاهر نالي اھو شخص ، سنڌي قوم جو ھيرو ته ڇا پر ڪنھن عزت ۽ احترام سان ذڪر ڪرڻ جي بہ لائق  آھي؟ 
ڇا  ماضيءَ ۾ اھو ڪير سوچي به سگھی پیو ته اڳتي ھلي ان بدڪار ، نمڪ حرام کي سنڌين  جي  ايندڙ نسلن مان به، اھي جيڪي قومپرست  ھجڻ جا دعويدار ھوندا ۽ پنھنجي قوم جي غم ۽ ڏک ۾ ڳري رھيا ھوندا ، سي اٿي ڪري ان حرامي ، نيچ انسان کي  پنھنجو قومي  ھيرو  قرار ڏيڻ جي ڪوشش ڪندا ۽ پنھنجي محسن کي جنھن ڏاھر جي منحوس وجود ۽ ان جي ظلمن کان  ڇوٽڪارو ڏياريو ھو،  تنھن جي باري ۾ اھو چوندا گ ته اھو ھڪ ڌاڙيل ۽ ڦورو ھو جنھن اسان جي ھيري ڏاھر کي ناحق «شھيد» ڪري ڇڏيو ....!!!!  
غيرمسلم تاريخدان ۽ مفڪر ته محمد بن قاسم رحمة الله عليہ کي ھڪ عظيم فاتح جي روپ ۾ پيش ڪندي ان جي سنڌ ۽ سنڌين لاء ان جي خدمتن کي سونھري لفظن ۾ ڀيٽا ۽ سلام  پيش ڪن ٿا، پر اسان جي اندر اسان جي ٻولي ڳالھائيندڙ ڪچھ نام نهاد دانشورن کان اھي ڳالھ ھضم نه ٿي ٿئي! 
اصل ڳالھ اھا آھي ته انھن منجھان ڪن  کان تہ سنڌ جو باب الاسلام وارو لقب ناقابلِ برداشت آھي جو ابن قاسم ۽ فاتحين عرب جي ڪري پيو ۽ ٻئي ڌر رافضي نواز  آھي جيڪا بني اميه ۽ انھن جي امرائن سان مذھبي وير ۽ نفرت رکي ٿي ، سي ڪيئن چاھيندا ته اھو عظيم ڪارنامو (فتح سنڌ)  بنو اميه جي کاتي ۾ ھڪ خوبي طور وڌو وڃي؟
ھاڻي ان قوم جي غيرت مند فرزندن ۽ دانشمندن جو امتحان آھي ته انھن جو ڪردار ڏاھر جي وارثن جي مقابلي ۾ ڪھڙو ھجڻ کپي ....؟؟
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>