Menu Bar

Drop Down MenusCSS Drop Down MenuPure CSS Dropdown Menu

نيوز ٽڪر

قادياني اسلام ۽ پاڪستان جا مجرم ***ابوعمير حزب الله بلوچ

پاڻيءَ جي نعمت خطاب : فضيلة الشيخ ذوالفقار علي طاهر رحمھ الله

Monday, October 29, 2018

وقت جو قدر ۽ قيمت تحرير مولانا عبدالسلام جمالي حفظه الله

محترم قارئين ! اسان جي معاشري ۾ وقت جي اھميت ۽ قدر کي بلڪل وساريو ويو آھي اسان زندگي ايئن جيئون پيا ڄڻ زندگي اسان جو منتظر ھجي، في الحقيقت وقت ھڪ اھڙي سواري جيان آھي جيڪا پنھنجي سوارين کي کڻي اسان جي سِرُن کان ائين گذري وڃي ٿي جو اسان کي محسوس ئي نٿو ٿئي ۽ اسان غفلت جي بستري ۾ سڪون سان ستا پيا آھيون ۽ اھو گھڙي کن جو سڪون مستقبل جي پڇتاء جو ڪارڻ آھي تنھن ڪري مالڪ ڪائنات زماني جو قسم کڻندي اعلان فرمايو آھي ته :
وَ الْعَصْرِ اِنَّ الْاِنْسَانَ لَفِیْ خُسْرٍ .

زماني جو قسم آھي ! انسان خساري ۽ تباھي ۾ آھي .
يعني الله تعالي وقت جو قسم کڻي ان جي اهميت کي بيان ڪيو آهي ته وقت ڪيتري قيمتي شئي آھي ؟ ۽ اها به حقيقت آھي ته وقت جو قدر نه ڪرڻ وارو شخص کوڙ سارن ڀلائين کان محروم ٿي پوي ٿو جيئن ته سيدنا ابوھريره رضي الله عنه کان مروي آھي ته نبي ڪريم ﷺ جن فرمايو :
مَنْ اغْتَسَلَ يَوْمَ الْجُمُعَةِ غُسْلَ الْجَنَابَةِ ثُمَّ رَاحَ فَكَاَنَّمَا قَرَّبَ بَدَنَةً وَمَنْ رَاحَ فِي السَّاعَةِ الثَّانِيَةِ فَكَاَنَّمَا قَرَّبَ بَقَرَةً وَمَنْ رَاحَ فِي السَّاعَةِ الثَّالِثَةِ فَكَاَنَّمَا قَرَّبَ كَبْشًا أَقْرَنَ وَمَنْ رَاحَ فِي السَّاعَةِ الرَّابِعَةِ فَكَاَنَّمَا قَرَّبَ دَجَاجَةً وَمَنْ رَاحَ فِي السَّاعَةِ الْخَامِسَةِ فَكَاَنَّمَا قَرَّبَ بَيْضَةً فَإِذَا خَرَجَ الْإِمَامُ حَضَرَتْ الْمَلَائِكَةُ يَسْتَمِعُونَ الذِّكْرَ( صحيح بخاري : 1964 )
جنھن جمعي جي ڏينھن جنابت وانگر غسل ڪيو پوء مسجد ڏانھن ويو ته انھي ڄڻ ھڪ اٺ جي قرباني ڪئي ۽ جيڪو ٻي نمبر تي ويو انھي ڄڻ ھڪ ڍڳي جي قرباني ڪئي ۽ جيڪو ٽين نمبر تي ويو انھي ڄڻ ھڪ سنڱن واري رڍ جي قرباني ڪئي ۽ جيڪو چوٿين نمبر تي ويو انھي ڄڻ الله جي راھ ۾ ھڪ ڪڪڙ خيرات ڪئي ۽ جيڪو پنجين نمبر تي ويو انھي ڄڻ ھڪ بيدي جي خيرات ڪئي انھي کان پو جڏھن امام ايندو آھي ته ملائڪ سڳورا خطبو ٻڌڻ لاء ويھي رھندا آھن .
مذڪوره حديث مبارڪ مان وقت تي پھچڻ جو ثمر ۽ وقت کان غافل شخص جي محرومي معلوم ٿئي ٿي يعني جيڪو شخص جيترو وقت جو قدر ڪندو اوترو ئي ثمر حاصل ڪندو ۽ جيتري قدر وقت کان غافل ٿيندو ايترو ئي محروم ٿيندو !
امام ذھبي رحمه الله سويد بن غفله رحمه الله جي متعلق لکن ٿا ته هو رسول الله ﷺ سان ملڻ جي ارادي سان مديني ان مهل پهتا جڏھين صحابي سڳورا پاڻ ڪريمن جي تدفين مان فارغ ٿيا هئا .
( تاريخ الاسلام ، للذھبي رحمه الله 6 / 38 )
يعني ڪجھ ڏينهن اڳ پهچن ها ته کين شرف صحابيت حاصل ٿئي ها .
تنھن ڪري چيو ويو ته : الوقت کالسيف ان لم تقطعه قطعک . وقت ھڪ تلوار جيان آھي توھان انھي کي ڪٽيو يا ھو توھان کي ڪٽي ڇڏيندي، وقت جو قدر اسڪول مدرسي ۽ ڪاليج يونورسٽي ۾ فيل ٿيل شاگرد کان پڇو جيڪو سال پوئتي ويندو آھي، وري سال لاء محنت ڪندو آھي ۽ مٿي تي ھٿ رکي روئيندو آھي ته جيڪڏھن گذريل سال محنت ڪريان ھا ته اڄ ھي ڏينھنڙا ڏسڻا نه پون ھا ۽ اھو ئي حال روز محشر ۾ انھن گناھگارن جو ٿيندو جيڪي پنھنجي جواني جو قدر نٿا ڪن ۽ گناھن جي زندگي بسر ڪن ٿا حشر ۾ روئندي چوندا ته : یٰلَیْتَنِی اتَّخَذْتُ مَعَ الرَّسُوْلِ سَبِیْلًا ( سورة الفرقان : 27 )
ڪاش آئون رسول ﷺ جي واٽ وٺان ھا يعني رسول ﷺ جن جي اطاعت ۽ فرمانبرداري ڪريان ۽ چوندو ته : یٰوَیْلَتٰی لَیْتَنِیْ لَمْ اَتَّخِذْ فُلَانًا خَلِیْلًا ( سورة الفرقان : 28 )
ڪاش آئون فلاڻي کي دوست نه ٺاھيان ھا .
اڄ ڪلهه شرابي زاني جوا کور ماڻھن سان دوستي رکي صبح کان شام تائين شام کان رات دير تائين گناھن جي مجلسن ۾ ويٺا ھوندا آھيون ڪا پرواھ ئي ناھيون ڪندا پنھنجي وقت تي ويچار ئي ناھي ٿيندو پر جڏھين وقت گذري ويندو ۽ حساب جو ٽائيم اچي سر تي بيھندو ته پوءِ ھاءِ گھوڙا پيا ڪنداسين .
انسان ڪيڏو نه بيوقوف آھي ! وقت ھوندي انھي جو قدر ناھي ڪندو ۽ وقت وڃڻ کان پوء پيو ھٿ مليندو، ھاڻ جڏھين چاڪ چڱا ڀلا آھيون ته صوم صلات صدقات خيرات ڏانھن ڪو ڌيان ئي ڪونھي پر جڏھين بيمار ٿي کٽ تي ڪرياسين ته پوء پيا چونداسين جي ٺيڪ ٿيس ته نماز پڙھڻ شروع ڪندس تنھن ڪري نبيء ڪائنات ﷺ جن فرمايو آھي ته :
نِعْمَتَانِ مَغْبُونٌ فِيهِمَا كَثِيرٌ مِنَ النَّاسِ:‏‏‏‏ الصِّحَّةُ، ‏‏‏‏‏‏وَالْفَرَاغُ. ‏‏‏‏‏‏ ( صحيح بخاري : 6412 )
ٻه نعمتون اھڙيون آھن جن جو اڪثر ماڻھو قدر ناھن ڪندا ھڪ صحت ۽ ٻي فراغت .
صحت ۽ فارغ وقت جو قدر ڪري وٺو نه ته اھڙو به ڏينھن ايندو جو صحت ۽ فارغ وقت کي تلاش ڪندئو پر اھي توھان کي ھٿ ڪون ايندا تنھن ڪري اھو به چيو ويندو آھي ته انھي کان اڳ ئي سجدا ڪري وٺو جو توھان سجدا ڪرڻ چاھيو پر ڪري نه سگھو ! يعني پوڙھپ کان اڳ ئي عبادت ڪري وٺو ڇاڪاڻ ته پوڙھپ ۾ ماڻھو سجدو ڪرڻ ته چاھي ٿو پر اڪثر پوڙھن جا چيلهه پوڙھپ جي ڪري انھن کي سجدي ڪرڻ جي اجازت ناھن ڏيندا ۽ ھڪ ڏينھن ڪنھن ٻڌايو ته ڪنھن تاجر غمگين ٿي ڪري پنھنجو واقعو ٻڌائيندي چيو ته ڪنھن زماني ۾ مون وٽ فارغ وقت ھيو تڏھين آئون عبادت کان بلڪل غافل ھئس ھاڻ نماز ته وڏي مشڪل سان پڙھان ٿو قرآن جي تلاوت لاء دل چوي ٿي پر مون کي مصروفيتن کان فراغت ناھي ملندي !
ھر ڪلاڪ کان پوءِ گھڙيال جي گھنٽي کٽڪ کٽڪ ڪندي اسان کي سجاڳ ڪندي آھي ۽ متوجه ڪندي آھي ته اي انسان ! پنھنجي فارغ ۽ صحتمند وقت مان فائدو حاصل ڪري وٺ ائين نه ھجي جو پوءِ پيو ھٿ ملين پر افسوس ! پو به اسان غفلت جي ننڊ ستل ھوندا آھيون.
اسان جا نوجوان اڪثر پنھنجو وقت ٽي وي ۽ موبائيل ۾ ضايع ڪريو ڇڏين ۽ پنھنجي مستقبل جو بلڪل به ناھن سوچيندا .
مولانا اقبال ڪيلاني حفظه الله موجوده دور جي ماڻھن جي وقت جي ضياع بابت ڪيڏو نه خوب لکيو آھي ته : هڪ سرسري جائزي مطابق ٽي وي ڏسڻ جو شوقين روزانو چار ڪلاڪ ٽي وي ڏسي ٿو ، ٽي وي کي چار ڪلاڪ ڏيڻ وارو ماڻھو جي سٺ سال زندھ رهي ٿو ته هو پنهنجي زندگي جا ڏھ سال صرف ٽي وي جي نذر ڪري ٿو . (فضائل قرآن : 65)
فاعتبروا…… الله تعالي کان دعا آھي ته رب رحمان اسان کي صحت ۽ تندرستي عطا فرمائي ۽ وقت جو قدر ڪرڻ جي توفيق بخشي . آمین

1 تبصره :

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔