Menu Bar

Drop Down MenusCSS Drop Down MenuPure CSS Dropdown Menu

نيوز ٽڪر

قادياني اسلام ۽ پاڪستان جا مجرم ***ابوعمير حزب الله بلوچ

پاڻيءَ جي نعمت خطاب : فضيلة الشيخ ذوالفقار علي طاهر رحمھ الله

Thursday, May 7, 2020

تاريخ جا ٻه پاسا؛ ساڃاهه وند ماڻهن کان ھڪ سنجيده سوال ۽ دعوت سوچ ويچار؟ (عبدالصمد المدني، فاضل مدينه يونيورسٽي)


پھريون پاسو: ھڪ ڌاريو اچي ڪنھن قوم جو شاھي مھمان ٿئي ٿو،  قوم وارا خوب ميزباني جو حق ادا ڪن ٿا، اڳتي ھلي اھو نيچ ذات مھمان ان قوم جي مهاراجا جي زال کي ورغلائي ان سان بدڪاري ڪرڻ سان گڏ،  مهاراجا خلاف علم بغاوت بلند ڪري قتل ڪري ڇڏي ٿو ،ان راجا  جي زال سان شادي ڪري ،   قوم جو «مھاراجا» ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ٿو ! اڳتي ان نمڪ حرام جو وارث ٿيندڙ پٽ بہ  پنھنجي پيء وانگر «جھڙا ڪانو تھڙا ٻچا جي مثال مطابق » ظلم جو ساٿ ڏيڻ سان گڏ ، ان قوم جی ڌرم  ۽ روايتن جي بر خلاف  پنھنجي سڳي ڀيڻ سان شادي رچائي ٿو، ڇاڪاڻ ته ايئن ڪرڻ سان ان راجا جي اقتدار جو سج نه لھي سگھندو! ۽ ان جا ٻيا به ڪڌا ڪرتوت آھن جن کان  تاريخ جو ادني  طالب علم به واقف آھي...
ٻيو پاسو: ھڪ بادشاھ جيڪو انصاف جا سڀ تقاضا پورا ڪري، ان «مھا راجا» کان مطالبو ڪري ٿو ته  اسان جون ڪجھ پردي دار عورتون جيڪي تنھنجي علائقي ۾  ناحق قيد آھن تن کي پنھنجي ملڪ جي ڌاڙيلن کان بازياب ڪرائي، عزت ۽ احترام سان اسان جي حوالي ڪيو وڃي! پر اھو راجا جواب ۾ چئي ٿو ته انھن ڌاڙيلن تي سندس ڪو به اختيار نه آھي حالانڪه اھي ڌاڙيل ھن جي سرزمين ۽ علائقي ۾ موجود آھن !  تنھن بعد اھو غيرتمند حاڪم  پنھنجن ننگن جي حفاظت لاء ھڪ نوجوان کي پنھنجي لشڪر سان گڏ موڪلي ٿو ۽ اھو نوجوان ان بد ڪردار ۽ ظالمن جي مددگار راجا  تي  عذاب الاھي بڻجي ٽٽي پئي ٿو ۽ ان جي منحوس وجود ۽ ان جي زبردستي ڦٻائيل اقتدار منجھان ان قوم کي نجات ڏياري ٿو، ان فاتح نوجوان جي اخلاق ، ڪردار جي بلندي جي ڪري ان قوم جا ماڻھو ان سان بي انتها پيار ڪن ٿا، پنھنجي جيء ۾ جايون ڏين ٿا، ايتري تائين جو پنھنجي ڌرم کي ڇڏي ان  فاتح جي مذھب ۾  بخوشي داخل ٿين ٿا ،  باقي جيڪي  ان جي دين ۾ داخل   نٿا ٿين سي بہ ان کي پنھنجو اوتار ۽ ديوتا مڃن ٿا۔۔۔ اھو فاتح ضرور آھي پر تاريخ اھڙو فاتح گھٽ ئي ڏٺو ھوندو جنھن سان  مفتوح قوم وارا ايئن پيش آيا ھجن... جو پنھنجي آبائي عقيدي کي به قربان ڪري ڇڏن ٿا.....
ان قوم وارا پنھنجي ھن محبوب شخص سان بھترين ڏينھن گذاري رھيا ھئا ، ته ان عظيم فاتح کي پنھنجي نئين بادشاھ جو حڪم پھچي ته تون انھن پاڻ سان محبت ڪندڙ ماڻھن  کي ڇڏي اسان جي حڪم موجب واپس اچ! حاڪم جي ارادن مان اھو بہ ظاھر ھجي ٿو تہ سندن قربانين جو ان وٽ ڪو به قدر ته پري رھيو پر ان سان سٺو سلوڪ  بہ ڪونه ڪيو ويندو بلڪه ان جي جان کي به خطرو  آھي! ان جي باوجود اھو فاتح پنھجي اقتدار کي ٺوڪر هڻي واپس ھليو وڃي ٿو؛ ان جي رواني ٿيڻ کان پھريان اھا قوم پنھنجي محبوب فاتح کي ھر طرح سان روڪي ٿي پر ھو پنھنجي بادشاه جو وفادار آھي ، ھو ڪوبه ٽڪراء نه ٿو چاھي، ھو نمڪ حلال آھي ان لاء پنھنجن محبت ڪرڻ وارن کي ڇڏي ، واپس سندي ديس جو راھي ٿئي ٿو!
شاه عبدالطيف ڀٽائي اھڙن ئي جوڌن جي لاء چيو آھي:
گھوڙن  ۽  گھوٽن    جيئن   ٿورڙا  ڏينھڙا 
ڪڏھن منجھ ڪوٽن، ڪڏھن راھي رڻ جا
   
ھتي آئون  سڀني مانوارن پڙهندڙن کان اھو نماڻو سوال ڪندس ته:
 خدارا تعصب ۽ ھٽ ڌرمي کي پري ڪري، پنھنجي دل کان پڇندا !
  اسان جي تاريخ جا ٻه پاسا   روشن سج وانگر  اسان جي سامهون آھن:
 پھريون پاسو اھو ڪارو ۽ اونڌاهي وارو آھي جنھن ۾  آنجھاني راج ڏاھر پنھنجن پورين نحوستن سان موجود آھي ...
ٻيو پاسو ان عظيم انسان ، صاف سٿري ڪردار جي مالڪ ،  عظيم فاتح نوجوان محمد  بن قاسم رحمة الله عليہ جو آھي جنھن جي آمد سنڌين لاء ھڪ عظيم نعمت الاھي ھئي ، جنھن سنڌ کي «باب الاسلام» جو اھو  قابل فخر اعزاز بخشيو جيڪو  رھندي دنيا تائين(ان شاءالله) ان جي مٿي جو تاج بڻجي رھندو ! 
 الله تعالي جي احسان کان پوء ، اھو ٿورو آھي ان عظيم انسان جو!
شيخ اياز چئي ٿو:
ٿورو نه ڪڏھن ڪنھن جو ٿورو سمجھ جانء
ان کان  وڌ  ڏجانء ، جيڪي  ھن  توکي ڏنو
راجا ڏاهر نالي اھو شخص ، سنڌي قوم جو ھيرو ته ڇا پر ڪنھن عزت ۽ احترام سان ذڪر ڪرڻ جي بہ لائق  آھي؟ 
ڇا  ماضيءَ ۾ اھو ڪير سوچي به سگھی پیو ته اڳتي ھلي ان بدڪار ، نمڪ حرام کي سنڌين  جي  ايندڙ نسلن مان به، اھي جيڪي قومپرست  ھجڻ جا دعويدار ھوندا ۽ پنھنجي قوم جي غم ۽ ڏک ۾ ڳري رھيا ھوندا ، سي اٿي ڪري ان حرامي ، نيچ انسان کي  پنھنجو قومي  ھيرو  قرار ڏيڻ جي ڪوشش ڪندا ۽ پنھنجي محسن کي جنھن ڏاھر جي منحوس وجود ۽ ان جي ظلمن کان  ڇوٽڪارو ڏياريو ھو،  تنھن جي باري ۾ اھو چوندا گ ته اھو ھڪ ڌاڙيل ۽ ڦورو ھو جنھن اسان جي ھيري ڏاھر کي ناحق «شھيد» ڪري ڇڏيو ....!!!!  
غيرمسلم تاريخدان ۽ مفڪر ته محمد بن قاسم رحمة الله عليہ کي ھڪ عظيم فاتح جي روپ ۾ پيش ڪندي ان جي سنڌ ۽ سنڌين لاء ان جي خدمتن کي سونھري لفظن ۾ ڀيٽا ۽ سلام  پيش ڪن ٿا، پر اسان جي اندر اسان جي ٻولي ڳالھائيندڙ ڪچھ نام نهاد دانشورن کان اھي ڳالھ ھضم نه ٿي ٿئي! 
اصل ڳالھ اھا آھي ته انھن منجھان ڪن  کان تہ سنڌ جو باب الاسلام وارو لقب ناقابلِ برداشت آھي جو ابن قاسم ۽ فاتحين عرب جي ڪري پيو ۽ ٻئي ڌر رافضي نواز  آھي جيڪا بني اميه ۽ انھن جي امرائن سان مذھبي وير ۽ نفرت رکي ٿي ، سي ڪيئن چاھيندا ته اھو عظيم ڪارنامو (فتح سنڌ)  بنو اميه جي کاتي ۾ ھڪ خوبي طور وڌو وڃي؟
ھاڻي ان قوم جي غيرت مند فرزندن ۽ دانشمندن جو امتحان آھي ته انھن جو ڪردار ڏاھر جي وارثن جي مقابلي ۾ ڪھڙو ھجڻ کپي ....؟؟

0 تبصره :

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔