Menu Bar

Drop Down MenusCSS Drop Down MenuPure CSS Dropdown Menu

نيوز ٽڪر

قادياني اسلام ۽ پاڪستان جا مجرم ***ابوعمير حزب الله بلوچ

پاڻيءَ جي نعمت خطاب : فضيلة الشيخ ذوالفقار علي طاهر رحمھ الله

Sunday, September 1, 2019

پاڻيءَ جي نعمت خطاب : فضيلة الشيخ ذوالفقار علي طاهر رحمھ الله

پاڻيءَ جي نعمت
خطاب : فضيلة الشيخ ذوالفقار علي طاهر رحمھ الله
سنڌيڪار: مولانا جاويد اختر مهڙ حفظھ الله (فاضل مدرسه تعليم القرآن والحديث، حيدرآباد)
پاڻيءَ جي نعمت
مسنون خطبي کان پوءِ!
الله تبارڪ وتعاليٰ جا اسان سڀني تي وڏا انعام ۽ احسان ۽ وڏيون نعمتون آهن ۽ سندس هر نعمت وڏي شان واري آهي. ڪابه نعمت حقير ۽ معمولي نه آهي. انهن نعمتن مان هڪ نعمت پاڻي آهي. جيڪا الله تعاليٰ جي وڏي نعمت آهي.
انسان جا بيشمار معاملا پاڻي سان حل ٿين ٿا. انسان کي هر جاءِ تي پاڻيءَ جي ضرورت پوندي آهي. پاڻي کان سواءِ انسان جو زندهه رهڻ به ناممڪن ٿي سگهي ٿو ۽ زندگي جا معاملا حل ڪرڻ مشڪل ٿي وڃن ٿا.
معلوم ٿئي ٿو ته پاڻي الله تبارڪ وتعاليٰ جي تمام وڏي نعمت آهي ۽ پياري وطن پاڪستان کي الله تعاليٰ انهيءَ نعمت سان خوب مالا مال ڪيو آهي. پاڻي گهڻي مقدار ۾ موجود آهي. انهيءَ ڪري اسان کي گهرجي ته اسان انهيءَ پاڻيءَ جي حفاظت ڪريون ۽ ان کي ضايع نه ڪريون. پاڻي جيتري قدر وڏي نعمت آهي، اها ئي حيثيت انهيءَ پاڻي کي ڏيون ۽ پاڻي جي حفاظت ڪئي وڃي ۽ ان کي احتياط سان استعمال ڪيو وڃي. ليڪن ڏٺو ويو آهي ته اسان کي جيتري قدر احتياط سان استعمال ڪرڻ گهرجي، اوترو ئي اسان پاڻي کي استعمال ڪرڻ وقت بي احتياطي ڪريون ٿا. هي بي احتياطي ڪرڻ جو معاملو ڪنهن هڪ گهر جو نه آهي، ڪنهن محلي جو نه آهي. بلڪه پوري ملڪ ۾ ائين ئي ٿي رهيو آهي. ڪو پائيپ ڦاٽي پوي ٿو ته ڪيترن ڏينهن تائين ان کي درست نٿو ڪيو وڃي. نه حڪومت ڪا توجه ڪندي آهي ۽ نه ئي عوام انهيءَ معاملي تي غور ڪندي آهي ته هُتان لائين ٽٽل آهي، پاڻي ضايع ٿي رهيو آهي ۽ ٿيندو رهندو آهي. ان ڏانهن ڌيان ئي نه آهي.
اهڙي طرح گهر ۾ ڪا ٽونٽي خراب ٿيو وڃي ٿي يا ڪا نالي پاڻي جي ليڪ ٿي وڃي ٿي ۽ ان مان پاڻي وهندو رهي ٿو. ڪيترن ڏينهن تائين (انهيءَ طرف) ڪو خيال نه هوندو آهي ته هي پاڻي ضايع ٿي رهيو آهي، ان کي درست ڪجي. ايستائين جو اهو پاڻي جيڪو انهيءَ ٽونٽيءَ مان فرش تي ڪري رهيو آهي، ان سان فرش تي ڀلي نشان پئجي وڃن پر اسان ان کي درست ڪرڻ لاءِ تيار نه هوندا آهيون. هي سڀ اسان وٽ پاڻي ضايع ڪرڻ جا طريقا آهن.
اهڙي طرح اسان غسل ڪرڻ لاءِ وڃون ٿا ته غسل ڪندي ڪافي دير تائين پاڻي جو گهڻو نقصان ڪريون ٿا. شريعت پاڻي ضايع ڪرڻ جي اجازت نه ڏني آهي. اسان پاڻي ايترو استعمال ڪريون، جيتري پاڻي جي ضرورت هجي. وڌيڪ پاڻي ضايع ڪرڻ جي اجازت نه آهي.
اهڙي طرح سان گاڏي ڌوئڻ يا ڪچن (بورچي خانو) ڌوئڻ وقت به اسان پوري قوم جي حيثيت سان ڪيترا ئي لک گيلن پاڻي ضايع ڪري ڇڏيون ٿا. اسان جي طبيعت اها ئي بڻجي چڪي آهي.
پيارا ڀائرو! منهنجي چوڻ جو مطلب هي آهي ته هي پاڻي اسان وٽ الله تبارڪ وتعاليٰ جي عظيم نعمت آهي. حڪومت ۽ عوام کي انهيءَ نعمت جي اهميت کي ذهن ۾ رکندي ان جي حفاظت ۽ بچاء جو احتياطي بندوبست ڪرڻ گهرجي.
پاڻي جي ماهرين باقاعده حساب لڳايو آهي ته سن 2030ع تائين پياري ملڪ پاڪستان جي ماڻهن جي آبادي 50 ڪروڙ کان وڌي ويندي. انهيءَ وقت اسان کي پاڻيءَ جي جيڪا گهرج هوندي، اها ستاويهه ڪروڙ ٽيهه لک ايڪڙ فٽ هوندي ۽ جيڪو پاڻي اسان وٽ دستياب (موجود) هوندو، اهو اوڻيهه ڪروڙ ٽيهه لک ايڪڙ فٽ هوندو. انهيءَ مان اندازو لڳايو ته اسان جي آبادي (ڪيتري قدر) گهڻي ۽ اسان وٽ موجود پاڻي گهٽ دستياب هوندو. اندازو لڳايو ته پاڻي جو معاملو ڪيئن بڻجي ويو آهي ۽ بڻجندو وڃي پيو. اهو پاڻي جيڪو اسان وٽ گهڻي مقدار ۾ موجود هيو، اسان انهيءَ جو قدر نه ڪيوسين، ان ڪري معاملو ڇا بڻجندو پيو وڃي. اسان جي آبادي تيزيءَ سان وڌي رهي آهي. ان ڪري پاڻي جي گهرج وڌي رهي آهي ۽ پاڻي جي کوٽ ٿي رهي آهي. ائين ڇو ٿي رهيو آهي اهو انهيءَ ڪري ته اسان پاڻي جو قدر نٿا ڪريون، اسان پاڻي کي ضايع ڪري رهيا آهيون. تنهن ڪري جنهن نعمت جو قدر نه ڪيو ويندو آهي، اها آهستي آهستي هٿن مان هلي ويندي آهي. سورة ابراهيم آيت 7 ۾ الله تعاليٰ جو ارشاد آهي: لَىِٕنْ شَكَرْتُمْ لَاَزِيْدَنَّكُمْ جيڪڏهن توهان منهنجو شڪر ڪندؤ ته آءٌ ضرور توهان کي (اڃا به) وڌيڪ ڏيندس. الله تعاليٰ جو هيءُ اعلان آهي ته توهان جنهن نعمت جو قدر ڪندؤ، آءٌ اها (نعمت) اوهان کي وڌائي ڏيندس. ان جي برعڪس جنهن نعمت جو قدر نه ڪيو ويندو آهي، اها نعمت هٿن مان نڪري ويندي آهي. تنهن ڪري اسان کي گهرجي ته اسان ايندڙ وقت کي ڏسندي احتياطي تدبيرون اختيار ڪريون ۽ پاڻيءَ جي حفاظت جي لاءِ باقاعده عملي قدم کڻون.
پاڻيءَ جي حفاظت جي لاءِ چند عملي اقدام ۽ تدبيرون:
(1) سڀ کان پهرين جيترا ٿي سگهن اسان ڊيم ٺاهيون.
اسان جو ازلي دشمن ڀارت نوان نوان ڊيم ٺاهي رهيو آهي. هن ڪشمير جي علائقي ۾ ڪيترا ئي ڊيم ٺاهيا آهن. ٿورو تاريخ جو مطالعو ڪري ڏسون، اسان اڃا تائين ڪالا باغ ۽ سفيد باغ جي چڪر ۾ ڦاٿل آهيون. نه ٺاهينداسين ۽ نه ٺاهڻ ڏينداسين. الله جا ٻانهؤ! هي ڊيم ٺهندو ته فائدو ڪنهن کي ٿيندو؟ پاڪستان کي ٿيندو، جيڪو اسان سڀني جو ملڪ آهي. هي اسان جو پيارو ملڪ آهي. ها! جنهن جا جيڪي اعتراض ۽ مسئلا آهن، اهي ويهي حل ڪيا وڃن پر جيئن ئي ڊيم ٺاهڻ جي ڳالهه ٿئي ٿي ته هڪ صوبو ناراض ٿي چوي ٿو ته اسان ڊيم ٺاهڻ نه ڏينداسين. اسان انهن ئي مسئلن ۾ ڦاٿل آهيون ۽ انڊيا ڊيمن مٿان ڊيم ٺاهي رهيو آهي. اسان کي به صوبن جا تحفظ حل ڪري ڊيم ٺاهڻ گهرجن.
(2) جيڪا بارش (برسات) پوي، انهيءَ جي پاڻي جي حفاظت لاءِ باقاعدي ڊيم ٺاهيا وڃن. مستقبل جو معاملو ڏاڍو ڏکيو آهي پاڻي جي حوالي سان. ڊيم ٺاهي پاڻي جي حفاظت ڪئي وڃي، چاهي اهو پاڻي درياء جو هجي يا بارشن جو.
(3) ماڻهن کي باقاعده تربيت ڏني وڃي. اهڙي قسم جا پروگرام هلايا وڃن، جن جي ذريعي ماڻهن کي پاڻيءَ جي اهميت جي خبر پوي ۽ پاڻي جي استعمال ڪرڻ ۾ احتياط ڪن ۽ پاڻي کي ضايع نه ڪن. هي انتهائي ضروري ذريعا آهن. ماڻهن ۾ آگاهي ڪئي وڃي ته پاڻي ضايع نه ڪن. هر سطح تي گهر گهر تائين، شهر تائين، پوري ملڪ تائين اهو پيغام عام ڪيو وڃي ته پاڻي ضايع نه ڪن، پاڻي جي استعمال ۾ ڪفايت ۽ قناعت کان ڪم وٺن.
نبي اڪرم ﷺ جو پاڻي جي استعمال ڪرڻ وقت احتياط:
حديث جي ڪتابن ۾ اها ڳالهه موجود آهي ته الله جا نبي ﷺ پاڻي جي استعمال ڪرڻ ۾ ڪيتري قدر قناعت ۽ ڪفايت ڪندا هئا.
کَانَ رَسُوْلُ اللهِ ﷺ يَتَوَضَّاُ بِالْمُدِّ وَيَغْتَسِلُ بِالصَّاعِ.
ته نبي ﷺ هڪ پاء پاڻيءَ مان وضو ڪندا هئا ۽ اڍائي ڪلو پاڻيءَ مان غسل ڪندا هئا.
(صحيح بخاري: 201، صحيح مسلم: 325) صحابي فرمائي ٿو ته:
الله جي نبي ﷺ جي هن حديث مبارڪ مان ڪهڙو درس ملي ٿو. ڪفايت شعاري يعني پاڻي ضايع نه ٿئي. پاڻي ايترو استعمال ٿئي جيتري قدر ضرورت آهي.اها الله جي نبي ﷺ جي سنت آهي.
غسل ۽ وضوء ۾ اسان جو عمل:
اڄ اسان وضو ڪرڻ وقت ڏسون ته اسان ڪيترو پاڻي ضايع ڪريون ٿا، ڪيترا ڪلو پاڻي ضايع ڪريون ٿا ۽ اسان جا پيارا پيغمبر ﷺ هڪ پاء پاڻيءَ مان وضو ڪندا هئا. الله جي نبي ﷺ جي سنت ڪهڙي طرح آهي ۽ اسان جو عمل ڪهڙو آهي؟
ڇا الله جي نبي ﷺ جي سنت جي پيروي صرف انهن ڪمن ۾ آهي جيڪي ڪم اسان جي طبيعت جي مطابق آهن؟ بس! منهنجا ڀائرو! ائين نه آهي. بلڪه هر ڪم ۾، هر معاملي ۾ پياري پيغمبر ﷺ جي سنت جي پيروي ڪرڻ لازمي آهي. نبي ﷺ اڍائي ڪلو پاڻيءَ مان غسل ڪندا هئا ۽ اسان غسل ڪرڻ وقت ڪيترو پاڻي ضايع ڪريون ٿا. ڪو حساب آهي؟ ڪا حد آهي پاڻي جي استعمال ڪرڻ جي؟ ۽ نبي ﷺ هي (غسل جي لاءِ ۽ وضوء جي لاءِ) باقاعده هڪ حد مقرر آهي ته هڪ پاء پاڻيءَ مان وضوء ۽ اڍائي ڪلو پاڻيءَ مان غسل فرمائيندا هئا. سنن نسائي جي حديث آهي، صحابي فرمائي ٿو ته:
اَنَّ رَسُوْلَ اللهِ ﷺ يَتَوَضَّاُ بِمَاءٍ قَدْرَ ثُلَثَيِ الْمُدِّ.
(نسائي: 74، ابوداؤد: 94)
ته الله جي نبي ﷺ هڪ ڀيري وضو ڪيو. ڪيتري پاڻيءَ سان؟ صحابي فرمائي ٿو ته هڪ پاء پاڻيءَ جا ٽي حصا ڪري ٻه حصا الڳ، هڪ حصو الڳ. جيڪي ٻه حصا آهن، انهن ٻن مان محمد رسول الله ﷺ وضو ڪيو.
پهرين حديث مان هڪ پاء پاڻيءَ مان وضو ڪرڻ جو ثبوت مليو، ٻي حديث مان هڪ پاء پاڻيءَ کان به گهٽ مان وضو ڪرڻ معلوم ٿيو. ڪهڙي طريقي سان ڪيو؟ صحابي پاڻ ئي اهو بيان فرمائي ٿو ته:
اِنَّهٗ ﷺ غَسَلَ ذِرَاعَيْهِ وَجَعَلَ يَدْلُکُهُمَا.
(نسائي: 74)
ته الله جي نبي ﷺ هڪ پاء جي ٻه ٽهائي سان وضو ڪيو وَجَعَلَ يَدْلُکُهُمَا ۽ ٻانهن کي ملي رهيا هئا ته جيئن پاڻي گهٽ استعمال ٿئي ۽ وضو جا عضوا به ڌوئجي وڃن.
اڄ اسان ٽونٽي کولي ڇڏيون ٿا. پاڻي وهي رهيو آهي، اسان کي ڪابه پرواهه نه آهي ته پاڻي ضايع ٿي رهيو آهي. ڪيترا ئي ڪلو پاڻي ضايع ڪيو ويندو آهي اسان جي وضو ۾. محمد رسول الله ﷺ هڪ پاء پاڻي جي ٻن ثلث مان پنهنجي امت کي وضو ڪري ڏيکاريو. اسان انهيءَ طريقي سان نٿا ڪري سگهون ته هيٺيان هٿ رکي ٽونٽي کولي ٿورڙو پاڻي کڻي ٽونٽي بند ڪري ڇڏيون. اهو پاڻي چهري کي هڻي پوءِ چهري کي چڱي طرح مهٽيون. اهڙي طريقي سان وري به پاڻي کڻي ٽونٽي بند ڪري ڇڏيو، پوءِ اهو پاڻي پنهنجي ٻانهن تي هاريو ۽ ان کي چڱي طرح سان مليو. ڏسو الله جي نبي ﷺ جي سنت تي عمل ڪيئن ٿئي ٿو. اوهان آزمائي ڏسو، انهيءَ پاڻي کي به اوهان گهڻو محسوس ڪندا. مون خود هڪ ڀيرو نه ڪئي ڀيرا آزمايو آهي. نبي ﷺ هي سنت بلڪل برحق ۽ سچ آهي. اسان عمل ڪرڻ وارا بڻجون ۽ اسان هن ڳالهه کي سمجهون. منهنجا ڀائرو! هي مسئلو ۽ هي معاملو ڪو هلڪو نه آهي. هي طريقو الله جي نبي ﷺ هو طريقو آهي. پاڻ هيءَ سنت اسان کي ڏئي ويا آهن، هي اسوه حسنه آهي.
جيئن اسان هڪ لوٽي/ ڪَري مان وضو ڪندا آهيون، ٽونٽي مان ائين نٿا ڪري سگهون؟ ڇا ان وضو جي ٿانون/ برتن کي کولڻو پوي ٿو؟ نه بلڪه جهڪائڻو پوندو آهي. ان کي هيٺ جهڪائي پاڻي کڻون ٿا، پوءِ ان لوٽي/ ڪَري کي رکي ڇڏيون ٿا. ڇا ٽونٽي مان وضو ڪرڻ وقت اسان انهيءَ طريقي سان وضو نه ٿا ڪري سگهون؟ مطلب ته اسان اهو تصور قائم ڪريون ته اسان جي سامهون وضو جو ڪرو رکيل آهي، ٽونٽي نه آهي. انهيءَ تصور سان اسان الله جي نبي ﷺ جي وضو واري طريقي کي اختيار ڪري سگهون ٿا. ورنه جيڪڏهن اسان ٽونٽي کولي رکي ۽ پاڻي وهندو رهيو ته اسان پاڻي ضايع ڪنداسين ۽ ائين ڪرڻ سان اسان الله جي نبي ﷺ جي طريقي ۽ سنت کان هٽي وينداسين.
سنن نسائي ۾ حديث آهي. هڪ ڳوٺاڻو ماڻهو نبي ڪريم ﷺ جي خدمت ۾ آيو. انهيءَ وضو جي باري ۾ سوال ڪيو. نبي ﷺ سوال ٻڌو:
فَاَرَاهُ الْوُضُوْءَ ثَلَاثًا ثَلَاثًا ثُمَّ قَالَ مَنْ زَادَ عَلٰي هٰذَا فَقَدْ اَسَاءَ وَتَعَدّٰی وَظَلَمَ. (ابوداؤد: 135، نسائي: 140، ابن ماجه: 422)
فرمايو اچ آئون توکي وضو ڪري ڏيکاريان ٿو. ڪير فرمائي رهيا آهن؟ محمد رسول الله ﷺ. الله جي نبي ﷺ وضو جي عضون کي ٽي ٽي ڀيرا ڌوتو، ٽي ڀيرا هٿ، ٽي ڀيرا گرڙي، ٽي ڀيرا نڪ ۾ پاڻي وڌو، ٽي ڀيرا چهري کي ڌوتو، ٽي ڀيرا ٻانهُن کي ۽ هڪ ڀيرو مٿي جو مسح ڪيو. ٻين حديثن ۾ آيو آهي ته ٽي ڀيرا پيرَ ڌوتا. ان کان پوءِ فرمايو ته اهو ئي وضو آهي. جنهن انهيءَ کان وڌايو، تنهن برائي ڪئي، زيادتي ڪئي ۽ ظلم ڪيائين. هي الفاظ ڪنهن جا آهن؟ محمد رسول الله ﷺ جا. اسان ڏسون اسان جو ڪو حساب آهي عضون ڌوئڻ جو؟ ڪو حساب نه آهي. ٽونٽي کليل آهي، ان جي هيٺان اسان جي ٻانهن آهي. خبر ڪيئن پوندي ته اسان ڪيترا ڀيرا ڌوتي؟ تعداد ڳڻيو ڪيئن ويندو؟ جڏهن ٽونٽي بند هجي، پاڻي کڻي هڪ ڀيرو ٻانهن تي هاريو، هيءُ هڪ دفعو ٿيو. وري پاڻي کڻي ٻيو دفعو ٽونٽي بند ڪريو، ٻانهن تي پاڻي هاريو، هي ٻيو دفعو ٿيو. وري ٽيون دفعو پاڻي کڻو، پوءِ ٽونٽي بند ڪريو. پوءِ ٻانهن تي وجهو اهڙي طرح چهري کي ڌوئو. تڏهن ئي اسان انهن عضون کي ڳڻي سگهون ٿا ته ڪيترا ڀيرا ڌوتو هڪ ڀيرو، ٻه ڀيرا، ٽي ڀيرا. باقي جي ٽونٽي کليل آهي، پير هيٺان رکيل آهي يا ٻانهن رکيل آهي ته ڪابه خبر نه پوندي ته اسان ٻانهن ۽ پيرن کي ڪيترا ڀيرا ڌوتوسين. الله جي نبي ﷺ جو فرمان آهي:
مَنْ زَادَ عَلٰي هٰذَا فَقَدْ اَسَاءَ وَتَعَدّٰي وَظَلَمَ.
يعني جنهن ٽن ڀيرن کان وڌيڪ وضو جي عضون کي ڌوتو، ان برائي ڪئي، ان زيادتي ڪئي ۽ ان ظلم ڪيو.
اندازو ڪريو! پياري پيغمبر ﷺ پنهنجي امت کي ڪيتري قدر احتياط جو سبق ڏنو آهي، ڪفايت شعاري جو سبق ڏنو آهي، قناعت جو سبق ڏنو آهي. اڄ اسان پنهنجي پياري پيغمبر ﷺ جي انهيءَ درس ۽ سبق کي سمجهڻ لاءِ تيار آهيون؟ اسان کي ڪيترو جذبو آهي ۽ ڪيترو شوق آهي انهيءَ درس کي سمجهڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ جو؟
سنن نسائي جي حديث آهي، سيدنا سعد ﷦ وضو ڪري رهيو هو. مَرَّ رَسُوْلُ اللهِ ﷺ وَهُوَ يَتَوَضَّاُ. سعد ﷦ وضو ڪري رهيو هو ته رسول الله ﷺ جو ان وٽان گذر ٿيو. اندازو ڪريو ته نبي ﷺ پنهنجي امت تي ڪيئن نظر رکندا هئا. سعد ﷦ تي نظر پئي، نبي ﷺ اتان وڃي رهيا هئا. پياري پيغمبر ﷺ بيهي سعد ﷦ کي متوجه ڪري فرمايو: يَا سعد! مَا هٰذَا السرف! اي سعد! هي اسراف آهي. تون ايترو پاڻي ضايع ڪري رهيو آهين. هي سعد ﷦ جي وهم ۽ گمان ۾ به نه هو ته وضو ۾ پاڻي ضايع ٿئي ٿو. وضو ۾ به اسراف ٿئي ٿو. انهن جي وهم گمان ۾ به نه هو. سعد ﷦ حيران ٿي ويو ۽ الله جي نبي ﷺ کي عرض ڪرڻ لڳو: ”في الوضوء سرف؟“ الله جا نبي ﷺ! ڇا وضو ۾ به اسراف ٿيندو آهي؟ الله جي نبي ﷺ فرمايو: نَعَمْ وَاِنْ کُنْتَ عَلٰي نَهْرٍ جَارٍ. (ابن ماجھ: 425، مسند احمد: 7065) ها! وضو ۾ به اسراف آهي، فضول خرچي آهي، انهيءَ جو به گناهه آهي، چاهي تون وهندڙ نهر تي ويهي وضو ڪري رهيو هجين. اتي به اسراف جو مسئلو آهي. هاڻي ته توهان ٿانون مان وضو ڪري رهيا آهيو، جنهن ۾ محدود پاڻي هوندو آهي. توهان وهندڙ نهر جي ڪناري تي ويهي به وضو ڪندؤ، اتي به اسراف (ضايع ڪرڻ) جو معاملو آهي. اتي اسراف جو معاملو ڪيئن ٿيندو؟ اتي ڇا پاڻي ضايع ٿيندو؟ ماڻهو نهر تي ويهي وضو ڪرڻ لڳي ۽ ان جي ذهن ۾ (هي خيال) اچي ته هي نهر وهي رهي آهي، انهيءَ لاءِ جيترا ڀيرا چاهيان وضو جي عضون کي ڌوئان. هاڻي ان ماڻهو نهر تي ويهي اهو سوچيو ته پاڻي ضايع نه ٿيندو ۽ ٽن دفعن کان وڌيڪ وضو جي عضون کي ڌوتائين ته سمجهه ان اسراف ڪيو. حالانڪه پاڻي ضايع نه ٿيندو پر ”نهر تي ويهي پاڻي ضايع ڪرڻ“ انهيءَ جو مطلب ڇا آهي؟ شريعت هڪ حد مقرر ڪئي آهي ته ٽن دفعن کان وڌيڪ (ڌوئڻو) نه آهي. ان ماڻهو نهر تي ويهي سوچيو ته هتي مان جيترو چاهيان پاڻي استعمال ڪريان، پاڻي ضايع نه ٿيندو. ٽن دفعن کان وڌيڪ وضو جي عضون کي ڌوتائين ته انهيءَ اسراف ڪيو. هي الله جي نبي ﷺ جي تعليم آهي. اندازو ڪريو ته معاملو ڪٿي وڃي پهچي ٿو. پيارا پيغمبر ﷺ پنهنجي صحابي کي تعليم ڏئي رهيا آهن ۽ تربيت ڪري رهيا آهن ته وضو ۾ به پاڻي کي گهٽ استعمال ڪر ۽ وضو ۾ به پاڻي ضايع نه ڪر. هي آهي تعليم صحابي کي ۽ تربيت صحابي جي نبي اڪرم ﷺ ڪري رهيا آهن.
منهنجا ڀائرو! هي سڀ حديثون اسان کي اهو درس ڏئي رهيون آهن ته اسان کي پنهنجي سڄي زندگي ڪفايت شعاري ۽ قناعت سان گذارڻ گهرجي ۽ پاڻي الله تعاليٰ جي انمول نعمت آهي، انهيءَ کي احتياط سان استعمال ڪريو. جيئن مون شروع ۾ سمجهايو ته پاڻي جو معاملو ايندڙ سالن ۾ ڏاڍو ڏکيو مسئلو بڻجڻ وارو آهي. خصوصي طور تي اسان جو جيڪو هميشه کان دشمن آهي، اهو ڀارت آهي. انهيءَ جي باري ۾ ڪجهه دانشورن جو چوڻ آهي ته ايندڙ وقت ۾ انڊيا سان جيڪڏهن ڪابه جنگ ٿيندي ته اها ڪنهن ڪشمير وغيره جي مسئلي تي نه ٿيندي. بلڪه پاڻي تي جنگ ٿيندي.
خلاصه ڪلام:
منهنجا ڀائرو! پنهنجي سموري زندگي ۾ ڪفايت شعاري کي اختيار ڪريو ۽ قناعت کي اپنايو ۽ الله تعاليٰ جون جيڪي نعمتون آهن، انهن جو قدر ڪرڻ سکو. جيڪڏهن اسان اهو ئي طريقو اختيار ڪري وٺنداسين (يعني نعمتن جي قدر ڪرڻ) ته اسان جي لاءِ هر طرف خير ۽ ڀلائي آهي.
الله تبارڪ وتعاليٰ کان دعا آهي ته قرآن ۽ حديث جي انهن ڳالهين کي سمجهڻ جي توفيق عطا فرمائي ۽ انهن کي اپنائڻ ۽ ٻين تائين پهچائڻ جي توفيق عطا فرمائي، آمين!
وآخر دعوانا عن الحمد لله رب العالمين!

0 تبصره :

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔