Menu Bar

Drop Down MenusCSS Drop Down MenuPure CSS Dropdown Menu

نيوز ٽڪر

قادياني اسلام ۽ پاڪستان جا مجرم ***ابوعمير حزب الله بلوچ

پاڻيءَ جي نعمت خطاب : فضيلة الشيخ ذوالفقار علي طاهر رحمھ الله

Monday, October 29, 2018

هڪ عالم رباني جو وڇوڙو

هڪ عالم رباني جو وڇوڙو
محترم ڊاڪٽر عبدالحفيظ سمون حفظه الله (ناظم اعليٰ جمعيت اهلحديث سنڌ)
شايع شده ماهوار دعوت اهلحديث پيڪر علم وعمل نمبر فيبروري مارچ 2018ع .
مسنون خطبي کان پوءِ:
(يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُوا اتَّقُوا اللَّهَ حَقَّ تُقَاتِهِ وَلَا تَمُوتُنَّ إِلَّا وَأَنْتُمْ مُسْلِمُونَ) (آل عمران 102)
الله تعاليٰ پنهنجي پاڪ ڪلام جي اندر فرمائي ٿو اي ايمان وارؤ الله کان ڊڄو ۽ توهان جو موت جڏهن اچي ته توهان مسلمان هجو.
يقينن هيءُ موت هڪ اهڙي حقيقت آهي جنهن کان دنيا جو ڪو به انسان انڪار نٿو ڪري سگهي، دنيا ۾ هي هڪ واحد اهڙو مسئلو آهي
جنهن تي اڄ تائين ڪنهن ماڻهو اختلاف ڪون ڪيو آهي، چاهي ديندار هجي چاهي بي دين دهريو هجي، هر ماڻهو ڄاڻي ٿو ته ان کي هڪ ڏينهن مرڻو آهي ۽ دنيا ڇڏڻي آهي پر جيڪڏهن ڪنهن جو موت ايمان جي حالت ۾ ٿئي، عقيدي توحيد تي ٿئي، الله جي پياري پيغمبر ﷺ جي سنت تي ٿئي، ته انهي کان وڏو ڪو عظيم موت ٿئي نٿو سگهي، ڇو ته الله تعاليٰ قرآن ۾ فرمايو جڏهن به توهان جو موت اچي ته توهان مسلمان ضرور هجو، ته سئين سڌي ڳالهه آهي ته توحيد اهڙي عظيم شيءِ آهي جيڪا هڪ مومن جي نشاني آهي، ۽ پياري پيغمبر ﷺ جي اتباع به هڪ مومن جي نشاني آهي.
اسان جو محترم دوست فضيلة الشيخ مولانا ذوالفقار طاهر صاحب رحمھ الله هاڻي حقيقت ۾ مرحوم چوندي زبان به ساٿ نٿي ڏي، الله جون مٿس لکين رحمتون هجن، الله سندس مغفرت فرمائي، الله ان جا درجات جنت ۾ بلند فرمائي، الله تعاليٰ ان جيڪي دين جو ڪم ڪيو، ان کي صدقه جاريه بڻائي ۽ الله تعاليٰ انهي کانپوءِ اسان کي سندس جاءِ تي نعم البدل عطا فرمائي. بهرحال هر انسان جو پنهنجو مقام آهي. شيخ ذوالفقار علي طاهر صاحب رحمھ الله سان پراڻي سڃاڻپ هئي، مون ان ماڻهو جي اندر تمام گهڻيون خوبيون ڏٺيون، جڏهن مون کي اها خبر پئي الله بهتر ڄاڻي ٿو ته ڪيتري دير تائين منهنجي دماغ ڪم نه پئي ڪيو، مون کي وڏو جهٽڪو لڳو ڇو ته شيخ طاهر صاحب انهن چند علماء جي اندر شامل هيو جيڪي وڏا سنجيده انسان هئا، بااخلاق ۽ دين جو درد رکڻ وارا، دين جي غيرت رکڻ وارا اهڙا ماڻهو هن دور جي اندر تمام ٿورا آهن، مون ڪڏهن به طاهر صاحب رحمھ الله کي فضول ڳالهائيندي ڪونه ڏٺو نه ڪنهن جي گلا غيبت ڪندي ڏٺو، انهي ماڻهو جي اندر وڏيون خوبيون هيون، الله تعاليٰ سندس مغفرت فرمائي، اسين بار بار الله کان اها دعا گهرنداسون، بهرحال اهي شيون اسان لاءِ سبق جو هڪ ذريعو آهن، اسان جي لاءِ به سمجهاڻي آهن ته اسان جي زندگي ڪنهن به ٽائيم تي ختم ٿي سگهي ٿي، تنهن ڪري الله تعاليٰ اسان کي خبردار ڪيو ته :
يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُوا اتَّقُوا اللَّهَ وَلْتَنْظُرْ نَفْسٌ مَا قَدَّمَتْ لِغدٍ وَاتَّقُوا اللَّهَ إِنَّ اللَّهَ خَبِيرٌ بِمَا تَعْمَلُونَ . [الحشر 18]
اي ايمان وارؤ الله کان ڊڄو هر انسان سوچي ته سڀاڻ جي لاءِ ھن اڳتي ڇا موڪليو آهي .ته سڀاڻ قيامت جو ڏينهن آهي پر جنهن ڏينهن انسان مري ويو ته ان جي قيامت قائم ٿي وئي، اهو اسين ڪونه پڇنداسون ته قيامت ڪڏهن ايندي، انسان جو موت ٿيو معنيٰ قيامت ان ماڻهو جي قائم ٿي وئي، ته الله تعاليٰ انهي کي سڀاڻ جو ڏينهن قرار ڏنو آهي ۽ اسين پنهنجي اکين سان ڏسون پيا ته ڏسو ڪيئن اسان جا قريبي دوست موڪلائي هليا ويا، ڪا خبر ئي ڪونه هئي ڪو اندازو ئي اسان کي نه هيو ته ائين ذوالفقار طاهر صاحب رحمھ الله اچانڪ دنيا مان موڪلائي ويندا ، تنهن ڪري اهي واقعات اسان کي خبردار ڪن ٿا ته اسين الله کان ڊڄون ۽ اسين به قيامت جي تياري ڪندا رهون، الله جي توحيد کي کولي بيان ڪندا رهون، اها ئي عظيم شيءِ آهي، ان کانپوءِ پاڻ به دين تي عمل ڪيون، ۽ پنهنجي اولاد کي گهر وارن کي دين تي عمل لاءِ آماده ڪيون، بلڪه انهن تي پريشر به وجهون ته اهي به دين تي عمل ڪندا رهن. هي واقعا اسان جون اکيون کولڻ لاءِ ڪافي آهن، الله تعاليٰ اهڙي قسم جا واقعات اسان کي ڏيکاري ٿو ته انسان جي زندگي ڪيتري غير يقيني آهي، ڪيئن اوچتو زندگي ختم ٿيو وڃي، ليڪن جڏهن موت انسان جو دين تي ٿئي ٿو توحيد تي ٿئي ٿو ته اهو عظيم موت آهي، ڇو ته الله جي نبي ﷺ جو فرمان آهي، جڏهن سيدنا ابوهريره ﷦ سوال ڪيو ته قيامت جي ڏينهن توهان جي شفاعت جو حقدار ڪير ٿيندو؟ ته پاڻ سڳورن فرمايو ابوهريره مون کي يقين هو ته اهو سوال تون ئي ڪندين ڇو ته تون حديث ٻڌڻ جو حرص رکين ٿو، پوءِ اڳتي پاڻ فرمائين ٿا.
من مات لا يشرك بالله شيئا. يعني منهنجي شفاعت انهي کي نصيب ٿيندي جيڪو انهي حالت ۾ مري ويو ته الله سان ڪنهن کي شريڪ نه ڪيائين. (صحيح بخاري 99- 1238)
ته انهي ماڻهو کي الله جي رسول ﷺ جي شفاعت به نصيب ٿيندي ۽ اهو ماڻهو جنتي به آهي.
إِنَّ اللَّهَ لَا يَغْفِرُ أَنْ يُشْرَكَ بِهِ وَيَغْفِرُ مَا دُونَ ذَالِكَ لِمَنْ يَشَاءُ . [النساء 48]
الله تعاليٰ شرڪ کانسواءِ سڀئي گناهه بخشي ٿو ۽ اسين سڀ ڄاڻون ٿا ته اسان جو محترم دوست سائين ذوالفقار علي طاھر هڪ پڪو موحد انسان هو، عقيدي جو پڪو پختو انسان هو، مون سائين کي ڪيترا دفعا توحيد کي ۽ پنهنجي عقيدي کي کري نموني بيان ڪندي ٻڌو، ته ايڏو نيڪ ۽ عظيم انسان هو، الله تعاليٰ ان جي مغفرت فرمائي اهي واقعا اسان کي سمجهائين ٿا ته اسين به دين جي رستي تي ثابت قدم رهيون، اسين به آخرت جي تياري ڪريون ۽ اسان جيترو ٿي سگهي پنهنجي دوست لاءِ الله کان دعائون گهرون، الله تعاليٰ ان جون بشري لغزشون معاف فرمائي، الله تعاليٰ ان کي عذاب قبر کان بچائي، عذاب جهنم کان بچائي ۽ جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ اسان جي جماعت کي حقيقت ۾ انهي عظيم انسان جي وفات کانپوءِ وڌيڪ خبرداري سان هلڻو آهي، ڇو ته ڪي ماڻهو اهڙا آهن جيڪي پنهنجو مٽ پاڻ هوندا آهن، سائين جي وڃڻ کانپوءِ هڪ خلاء پيدا ٿي ويو آهي، جمعيت اهلحديث سنڌ جي اندر اهو خلاء جلدي ڪونه ڀربو، پر اسان کي ڪوشش ڪرڻي آهي، سائين جنهن رستي تي گامزن رهيو جنهن تي هلندو رهيو، اسين به انهي رستي تي هلون، اسان به جماعت سان تعاون ڪريون، جماعت جي منهج سان متفق رهون، جماعت کان پري نه ٿيون ۽ وڏي ڳالهه هن دور ۾ جيڪا محترم امير صاحب (فضيلة الشيخ عبدالله ناصر رحماني حفظه الله) ڪندا آهن ۽ آئون به ان ڳالھه کي بار بار ڪريان ٿو ته علماء کان دور نه ٿيو ڇو ته هن دور جي اندر وڏا وڏا فتنا پيدا ٿين پيا، جيڪي فتنا خاص جماعتون يا ماڻهو آهن، انهن جي پهرين ڪوشش هيءَ آهي ته ماڻهن کي علماء کان دور ڪيو وڃي، ڇو ته جڏهن ماڻهو علماء کان دور ٿي ويا ته سڌي ڳالهه آهي ته دين کان دور ٿي ويندا، شيخ صالح بن فوزان حفظھ الله کان ڪنهن ماڻهو پڇيو ته جنھن علماء جي باري ۾ تنقيد ڪئي ته شيخ ان کي جواب ڏنو ته جيڪڏهن ماڻهو علماء ڏانهن نه ويا ته: فاين يذهبون؟ پوءِ ڪيڏانهن ويندا، سئين سڌي ڳالهه آهي ته پوءِ گمراهه ماڻهن جي ور چڙهي ويندا، تنهن ڪري علماء سان وابستگي ضروري آهي، هر ماڻهو مدرسي ۾ پهچي تعليم حاصل نٿو ڪري سگهي، ليڪن هڪڙو ڪم ڪري سگهي ٿو، علماء سان وابستگي رکي انهن سان تعلق رکي ڇو ته دين اتان ئي ملندو، جيڪو جماعت کان پري ٿيو، علماء کان پري ٿيو ته شيطان جو وار ٿي ويندو، ۽ اسان اکين سان ڏسون پيا ڪيترا ماڻهو ٽٽن پيا، هن دور جي اندر ڪيتريون گمراهه جماعتون پيدا ٿي ويون آهن. بلڪه توهان کي ٻڌائيندو هلان ته الله تعاليٰ رحم فرمائي ڪي اهڙا بدنصيب به هئا جيڪي اهلحديث سڏائي به جماعت کان دور ٿي ويا ته هيءَ جماعت صحيح ڪونهي، شيطان جو انهن تي وار ٿيو ۽ ڇو ٿيو؟ انهن پنهنجي دماغ کي سڀ ڪجهه سمجهيو، انهن سمجهيو ته جيڪي ڪجهه اسان سمجهيو آهي اهو ئي دين آهي، ائين ناهي بلڪه ماڻهو علماء سان رابطي ۾ رهي، ڪا به شيءِ سمجهه ۾ نه اچي ته انهن کان سوال ڪري محض ڪتاب پڙهڻ سان وڏا خطرا آهن، جن ماڻهن صرف ڪتاب پڙهيا، علماء کان دور رهيا انهن وڏا فتنا پيدا ڪيا، تنهن ڪري ڪتاب پڙهڻ کان اسين منع ڪونه ٿا ڪريون، ليڪن ڪتاب پڙهڻ کانپوءِ به ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي ته پڇڻ گهرجي، انهن جي رهنمائي طلب ڪرڻ گهرجي، انهي ۾ اسان جو ڇوٽڪارو آهي، الله تعاليٰ کان اها ئي دعا گهرون ٿا ته الله تعاليٰ اسان جي محترم دوست سائين ذوالفقار طاھر رحمھ الله جي مغفرت فرمائي ان جا درجات بلند فرمائي ۽ جماعت کي الله تعاليٰ صبر جي توفيق عطا فرمائي، ۽ جماعت کي اتحاد جي توفيق عطا فرمائي ۽ اسان کي سندس نعم البدل عطا فرمائي. آمين.
هڪ عالمِ رباني
جو وڇوڙو
گولاڙچي سان تعلق رکندڙ ياسين ڀائي تاريخ 3 جنوري شام جو تقريبن 5:45 تي فون ڪئي ته جماعت جو هڪ مخلص ڪارڪن ۽ ثقه عالم دين، سلفي منهج جو سپاهي مولانا ذوالفقار علي طاهر صاحب هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري چڪو آهي. خبر ٻڌڻ کانپوءِ ڪجهه دير دماغ ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو. سوچيم ته ڪهڙو واقعو پيش آيو جو محترم ذوالفقار طاهر صاحب ائين اچانڪ دنيا ڇڏي روانو ٿي ويو. ياسين ڀائي کان وري فون تي معلومات ورتم، جواب ڏنائين ته هڪ حادثي جي ڪري فضيلة الشيخ ذوالفقار علي طاهر رحمہ الله جو انتقال ٿي چڪو آهي.
دماغ ۾ فورن ساڻن ڪجهه وقت اڳ بدين ۾ هڪ جماعتي فيصلي دوران ٿيل ملاقات ياد اچي وئي.شيخ ذوالفقار علي طاهر صاحب سان منهنجو تعلق گهٽ ۾ گهٽ 15 سالن تي محيط هوندو. مون مرحوم ۾ اهڙيون خوبيون ڏٺيون جيڪي اڄ ڪلهه جي علماء ۾ ناپيد آهن، الا ماشآء الله .طبيعت ۾ انتها درجي جي سادگي ۽ نياز مندي، تڪبر ۽ وڏائي کان تمام گهڻو دور، چهري تي متانت ۽ سنجيدگي. جڏهن به ساڻن ڪا ڳالهه ڪئي ويندي هئي ته هلڪي مسڪراهٽ سان جواب ڏيندا هئا، ماهوار دعوت اهلحديث ۾ سندن شايع ٿيل مضامين اسان کي هميشه سندن ياد ڏياريندا رهندا، اهي مضامين محض، رسالي جي ڀرتي لاءِ نه هئا، بلڪه انهن ۾ سلفي منهج جي جهلڪ هوندي هئي، جڏهن به ڪنهن ٽي وي چينل يا اخبار قرآن وحديث جي خلاف ڪا ڳالهه ڪئي ته پاڻ بنا ڪنهن ڊپ ۽ خوف جي انهن جو تعاقب ڪندا هئا ۽ منهج حق کي واضح ڪندا هئا. ڪجهه سال اڳ جڏهن منهنجي والده ۽ ڀاءُ عمري تان اچي رهيا هئا ته سندن فلائٽ جو وقت تقريبن رات جو چار وڳي هو، مون پنهنجي ننڍين نياڻين سان گڏ اها رات ڊرگ روڊ واري مسجد ۾ گذاري، جتي پاڻ خطيب ۽ امام هئا، رات جي ڪافي حصي تائين اسان جي خدمت ۾ مصروف رهيا، ڪا به وڏائي يا تڪبر منجهن نظر نه آيو، جماعتي فيصلن ۾ ساڻن ملاقات جو موقعو مليو، انتهائي بردباري ۽ سنجيدگي سان پنهنجي راءِ ڏيندا هئا، سڀ کان وڌيڪ جماعت جي خير خواهي کين عزيز هئي، سندن تقريرون منهج سلف جو آئينه دار هيون، انتهائي علمي دلائل سان مخالفن جو رد ڪندا هئا.
45 سال جي مختصر عمر ۾ پاڻ اسان کي ڇڏي آخرت جي سفر تي روانا ٿي ويا، جتي هر انسان کي هلڻو آهي.
سندن وفات سان جمعيت اهلحديث سنڌ کي وڏو زخم رسيو آهي، جنهن جو جلد ڀرجڻ تمام ڏکيو آهي.المعهد السلفي ڪراچي ۾ اندرون سنڌ کان ايندڙ جماعتي دوستن لاءِ پاڻ ڀرجهلو هئا، هم زبان هجڻ ڪري، جماعتي دوست ساڻن بي تڪلف ٿي ويندا هئا ۽ پاڻ ڪوشش ڪري انهن جا مسائل حل ڪندا هئا.
آئون اهو ئي چوندس ته :
قدر الله وماشاء فعل. ”ان العين تدمع والقلب يحزن ولا نقول الا ما يرضيٰ ربنا“ اللهم اغفرله وارحمه وعافه واعف عنه.

0 تبصره :

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔