Menu Bar

Drop Down MenusCSS Drop Down MenuPure CSS Dropdown Menu

نيوز ٽڪر

قادياني اسلام ۽ پاڪستان جا مجرم ***ابوعمير حزب الله بلوچ

پاڻيءَ جي نعمت خطاب : فضيلة الشيخ ذوالفقار علي طاهر رحمھ الله

Tuesday, October 30, 2018

نماز جي فضيلت ۽ اهميت ۽ ڇڏڻ جو گناھ تحرير: شيخ العرب والعجم علامه سيد بديع الدين شاھ الراشدي رحمه الله

فصل: نماز وڏو اهم فرض آهي. قرآن ۾ ان لاءِ بار بار تاڪيد آيو آهي. ان جي ڇڏڻ کي مشرڪن جو فعل سڏيو ويو آهي:
﴿مُنِيْبِيْنَ اِلَيْهِ وَ اتَّقُوْهُ وَ اَقِيْمُوا الصَّلٰوةَ وَ لَا تَكُوْنُوْا مِنَ الْمُشْرِكِيْنَۙ۰۰﴾ (الروم:31)
(ان (الله) جي عبادت ڪندا رهو ۽ ان کان ڊڄندا رهو ۽ نماز پڙهندا رهو ۽ مشرڪن مان نه ٿيو.)
۽ سورت الانعام جي تازو گذريل آيت مان معلوم ٿيو ته قيامت کي برحق ۽ قرآن کي سچو مڃيندڙ اهي آهن، جيڪي نماز جي حفاظت ڪن ٿا. ان کي ڪفر ۽ اسلام جو
سنڌو چيو ويو آهي:
﴿فَاِنْ تَابُوْا وَ اَقَامُوا الصَّلٰوةَ وَ اٰتَوُا الزَّكٰوةَ فَاِخْوَانُكُمْ فِي الدِّيْنِ﴾ (التوبة:11)
(پوءِ جيڪڏهن توبھ ڪن ۽ نماز ادا ڪن ۽ زڪوٰة ڏين ته اهي توهان جا ديني ڀائر آهن.)
بلڪه ڪافرن سان جهاد تيسين جاري رهندو جيسين اهي نماز پڙهن ۽ زڪوات ڏين:
﴿فَاِنْ تَابُوْا وَ اَقَامُوا الصَّلٰوةَ وَ اٰتَوُا الزَّكٰوةَ فَخَلُّوْا سَبِيْلَهُمْ١ؕ اِنَّ اللّٰهَ غَفُوْرٌ رَّحِيْمٌ۰۰﴾ (التوبة:5)
(پوءِ جيڪڏهن توبھ ڪن ۽ نماز قائم ڪن ۽ زڪوٰت ڏين ته سندن رستو ڇڏي ڏيو. بيشڪ الله تعاليٰ معاف ڪندڙ، رحم ڪندڙ آهي.)
انهيءَ ڪري سلف صالحين جو اهو مسلڪ رهيو آهي ته نماز جو عمدًا تارڪ مسلمان نه آهي. ان لاءِ مٿيون آيتون خاص دليل آهن ان کان سواءِ ڪيتريون حديثون ان بابت دلالت ڪن ٿيون. جن مان چند ذڪر ڪجن ٿيون.
حديث (1): عن جابر بن عبدالله قال قال رسول الله صلي الله عليه وسلم بين الرجل وبين الکفر ترک الصلوٰة (رواه مسلم(82) ورواه اهل السنن وصححه الترمذي(2620) ابوداؤد:4678 ابن ماجة: 1078) (ڪتاب الصلوٰة لابن القيم ص36)
جابر ﷦کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ جن فرمايو ته ڪنهن مرد ۽ ڪفر جي وچ ۾ سنڌو نماز جو ڇڏڻ آهي يعني جيسين نماز پڙهندو تيسين ڪفر ان کان پري آهي ۽ جي ڇڏيائين ته ڪافر ٿي ويو.
حديث (2): عن بريدة رضي الله عنه قال سمعت رسول الله صلي الله عليه وسلم يقول العهد الذي بيننا وبينهم الصلوٰة فمن تركها فقد كفر (رواه احمد(22937) وابوداؤد والنسائي (1463) والترمذي (2621) وقال حديث حسن صحيح وابن ماجة وابن حبان في صحيحه والحاكم وقال صحيح ولا نعرف له علة) (الترغيب والترهيب للمنذري ص 378،379 ج1)
سيدنا بريده رضي الله کان روايت آهي ته مون رسول الله ﷺ کان فرمائيندي ٻڌو ته اسان مسلمانن ۽ ڪافرن جي وچ ۾ سنڌو نماز آهي پوءِ جنهن شخص ان کي ڇڏيو تنهن ڪفر ڪيو. حافظ ابن قيم ڪتاب الصلوٰة ص 37 ۾ هن روايت بابت فرمائي ٿو ته صحيح آهي ۽ ان جي سند مسلم جي شرط تي صحيح آهي.
حديث (3): عن ثوبان موليٰ رسول الله صلي الله عليه وسلم قال سمعت رسول الله صلي الله عليه وسلم يقول بين العبد وبين الکفر والايمان الصلوٰة فاذا تركها فقد اشرک (رواه الحافظ ابوالقاسم هبة الله الطبري اللالكائي في شرح اعتقاد اهل السنة ص 822 ج4 وقال: اسناد صحيح عليٰ شرط مسلم. )
يعني رسول الله ﷺ جي خادم ثوبان ﷦کان روايت آهي ته مون رسول الله ﷺ جن کان فرمائيندي ٻڌو ته ٻانهي ۽ ڪفر ۽ ايمان جي وچ ۾ نماز آهي پوءِ جنهن ان کي ڇڏيو ته بلاشڪ شرڪ ڪيائين ۽ حافظ موصوف فرمائي ٿو ته ان جي اسناد مسلم جي شرط تي صحيح آهي.
حديث(4): عن عبادة بن الصامت رضي الله عنه قال اوصانا رسول الله صلي الله عليه وسلم فقال لا تشركوا بالله وان حرقتم وقطعتم وصلبتم ولا تتركوا الصلوٰة متعمدين فمن تركها متعمدا فقد خرج من الملة (ڪتاب السنة للا لڪائي ص 822 ج4)
سيدنا عباده بن الصامت ﷦کان روايت آهي ته اسان کي رسول الله ﷺ وصيت فرمائي ٿو ته الله سان شرڪ نه ڪجو اگرچه ساڙيا وڃو يا ٽڪرا ٽڪرا ڪيا وڃو يا سوريءَ تي چاڙهيا وڃو ۽ ڄاڻي واڻي فرضي نماز نه ڇڏيو، ڇوته جنهن ان کي ڄاڻي واڻي ڇڏيو اهو دين اسلام کان نڪري ويو ۽ ابن قيم هيءَ حديث ڪتاب الصلوٰة ص 38 ۾ بحواله سنن ابن ابي حاتم به آندي آهي ۽ حافظ منذري الترغيب ص 379 ج 1 ۾ لکي ٿو ته هن روايت کي محمد بن نصر مروزي ڪتاب الصلوٰة ۾ ٻن اسنادن سان آندو آهي جي خطري کان خالي آهن.
حديث (5): عن عبدالله بن عمرو بن العاص عن النبي صلي الله عليه وسلم انه ذكر الصلاة يوما فقال من حافظ عليها كانت له نورا وبرهانا ونجاة يوم القيامة ومن لم يحافظ عليها لم تکن له نورا ولا برهانا ولا نجاة وكان يوم القيامة مع قارون وفرعون وهامان وابي بن خلف (رواه احمد(6576) وابن حبان في صحيحه (1467) الدارمي: 2763)
يعني عبدالله بن عمرو بن العاص ﷦کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ جن هڪ ڏينهن نماز جو ذڪر ڪندي فرمايو ته جنهن ان جي نگهباني ڪئي (جيئن ڪو وقت ضايع نه ٿئي ۽ صحيح نموني ۾ ادا ٿئي) ته اها نماز ان جي لاءِ روشني ۽ ثابتي ۽ ڇوٽڪارو ٿيندي قيامت جي ڏينهن ۽ جنهن ان جي حفاظت ۽ نگهباني نه ڪئي ته ان لاءِ نه روشني بڻبي، نه ثابتي، نه ڇوٽڪارو ۽ اهو قيامت جي ڏينهن قارون، فرعون، هامان ۽ ابّي بن خلف سان گڏ هوندو. هيءُ حال ان جو آهي، جيڪو ان جي نگهباني نٿو ڪري. ڪڏهن پڙهي ٿو، ڪڏهن نٿو پڙهي. پوءِ جيڪو ڇڏي ڏئي ٿو، انهيءَ جي ڪفر ۾ شڪ ئي نه رهيو. ابن قيم رحمه الله ڪتاب الصلوٰة ص 37 ۾ هيءَ حديث آڻي پوءِ فرمائي ٿو:”انما خص هٰؤلاء الاربعة بالذكر لانهم من رؤس الکفرة وفيه نکتة بديعة وهو ان تارک المحافظة علي الصلوٰة اما ان يشغله ماله او ملکه او رياسته او تجارته فمن شغله عنها ماله فهو مع قارون ومن شغله عنها ملکه فهو مع فرعون ومن شغله عنها رياسة او وزارة فهو مع هامان ومن شغله عنها تجارته فهو مع ابيّ بن خلف.“
يعني رسول الله ﷺ جن خاص انهن چئن ڪافرن کي ان لاءِ ذڪر ڪيو آهي جو اهي ڪفر جا مشهور اڳواڻ آهن ۽ هن ۾ عجيب نڪتو آهي ته نماز کان غافل ڪرڻ واريون عام طرح چار شيون هونديون آهن. مال، دولت، بادشاهت يا رياست، وڏيرائپ ۽ وزارت يا واپار ۽ تجارت. پوءِ جنهن شخص کي مال نماز کان مشغول ڪري ٿو ته اهو قارون سان گڏ هوندو، جنهن کي بادشاهت مشغول ڪري ٿي اهو فرعون سان گڏ هوندو، جنهن کي پنهنجي وڏيرائپ ۽ وزارت مشغول ڪري ٿي سو هامان سان گڏ هوندو. جنهن کي پنهنجو واپار ۽ تجارت مشغول ڪري ته اهو ابّي بن خلف سان گڏ هوندو.
حديث (6): عن بريدة رضي الله عنه عن النبي صلي الله عليه وسلم قال بکروا بالصلوٰة في يوم الغيم فانه من ترک الصلوٰة فقد كفر (رواه ابن حبان في صحيحهص 18 ج3 ح: 1463بترتيب الفارسي)
سيدنا بريده ﷦کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ جن فرمايو ته جُهڙ واري ڏينهن نماز لاءِ سعي سان نڪرندا ڪريو. ( يعني متان فوت ٿي وڃي)، ڇوته جنهن نماز ڇڏي تنهن بلاشڪ ڪفر ڪيو.
حديث (7): عن انس﷦ قال قال رسول الله من ترک الصلوٰة متعمدا فقد كفر جهارا رواه الطبراني في الاوسط (3348) باسناد لا بأس به (الترغيب ص 381،382 ج1)
سيدنا يعني انس ﷦کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ جن فرمايو ته جنهن شخص ڄاڻي واڻي نماز ڇڏي ته ان ظاهر ظهور ڪفر ڪيو. حافظ منذري چوي ٿو ته ان جي اسناد ۾ ڪو خطرو نه آهي ۽ سيوطي الجامع الصغير ص 167 ج2 ۾ ان کي حسن شمار ڪري ٿو.
حديث (8): عن ابن عباس رضي الله عنهما قال حماد ولا اعلمه الا قد رفعه الي النبي صلي الله عليه وسلم قال عري الاسلام وقواعد الدين ثلاثة عليهن اسس الاسلام من ترک منهن واحدة فهو بها كافر حلال الدم شهادة ان لا الٰه الا الله والصلوٰة المکتوبة وصوم رمضان. (رواه ابويعلي الموصلي في مسنده ص 236 ج 4 المصور(2349))
سيدنا ابن عباس رضي الله عنهما کان روايت آهي ته اسلام ۽ دين جي بناء ۽ جَهل ٽي شيون آهن جنهن انهن مان ڪا هڪڙي ڇڏي ته اهو ان ڪري ڪافر آهي ۽ ان جو خون حلال آهي: (1) الله جي هيڪڙائي جي شاهدي ڏيڻ يعني توحيد جو عقيدو (2) فرضي نماز (3) رمضان جا روزا. هن حديث جي سند کي منذري الترغيب ص 382 ج 1 ۾ ۽ حافظ نورالدين هيثمي مجمع الزوائد ص 48 ج 1 ۾ حسن چون ٿا.
حديث (9): عن انس بن مالک رضي الله عنه قال قال رسول الله صلي الله عليه وسلم من صلي صلواتنا واستقبل قبلتنا واكل ذبيحتنا فذالک المسلم الذي له ذمة الله وذمة رسول الله فلا تخفروا الله في ذمته. رواه البخاري (ص56 ج1ح : 391)
سيدنا انس ﷦کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ جن فرمايو ته جنهن شخص اسان واري نماز پڙهي ۽ اسان جي قبلي ڏانهن منهن ڪيائين ۽ اسان جي ڪُٺي کاڌائين ته پوءِ اهو مسلمان آهي جنهن لاءِ الله تعاليٰ ۽ سندس رسول ﷺ جي طرفان امان جو ذمو ڏنل آهي پوءِ الله سان سندس ذميداريءَ ۾ ڌوڪو نه ڪريو. حافظ ابن قيم رحمه الله ڪتاب الصلوٰة ص 39 ۾ فرمائي ٿو ته: ووجه الدلالة فيه من وجهين احدهما انه انما جعله مسلما بهٰذه الثلاثة فلا يکون مسلما بدونها الثاني انه اذا صلي الي الشرق لم يکن مسلما حتي يصلي اليٰ قبلة المسلمين فکيف اذا ترک الصلوٰة بالکلية. يعني هن حديث مان ٻن طريقن سان دليل ورتو وڃي ٿو. اول هيءُ ته جڏهن انهن ٽن ڪمن ڪرڻ واري کي مسلمان چيو ويو آهي پوءِ جو انهن کان خالي آهي سو مسلمان نه رهيو. دوم جيڪڏهن قبلي جي بجاءِ ٻي طرف منهن ڪري نماز پڙهي ته به مسلمان نه رهندو پوءِ جيڪو شخص بلڪل نماز ئي نٿو پڙهي سو وري ڪيئن مسلمان آهي؟
حديث (10): سيدنا معاذ ﷦ کان روايت آهي، ان ۾ هي لفظ آهن ته رسول الله ﷺ جن فرمايو ته: راس الامر الاسلام وعموده الصلوٰة الحديث (رواه احمد (22016) والترمذي (3973) وابن ماجه- مشڪوٰة ص14)
يعني حڪم جي چوٽي ۽ سر اسلام آهي ۽ ان جو ٿنڀ نماز آهي. امام نووي شرح الاربعين ص 82 ۾ امام ترمذيءَ کان نقل ڪري ٿو ته هيءَ حديث حسن صحيح آهي. ان طرح امام ابن قيم ڪتاب الصلوٰة ص 38 ۾ حديث جا ذڪر ٿيل لفظ آڻي فرمائي ٿو ته: ”وهو حديث صحيح مختصر ووجه الاستدلال به انه اخبر ان الصلوٰة من الاسلام بمنزلة العمود الذي تقوم عليه الخيمة فکما تسقط الخيمة بسقوط عمودها فهٰکذا يذهب الاسلام بذهاب الصلاة وقد احتج احمد بهذا بعينه.“ يعني هيءَ حديث صحيح آهي ۽ انهيءَ مان دليل وٺڻ جو طريقو هيءُ آهي ته رسول الله ﷺ جن خبر ڏني ته نماز اسلام لاءِ ائين آهي جيئن تنبوءَ لاءِ ٿنڀ. پوءِ جهڙي طرح ٿنڀ جي ڪري پوڻ سان تنبو ڪِري پوندو ان طرح نماز جي نه رهڻ سان اسلام به ڪونه رهندو. امام احمد بن حنبل رحمه الله به هن حديث منجهان انهيءَ طرح ان مسئلي بابت دليل ورتو آهي.
حديث (11): عن ابی امامة رضي الله عنه قال: قال رسول الله صلي الله عليه وسلم لتنقضن عري الاسلام عروة عروة فكلما انتقضت عروة تشبث الناس بالتی تلیھا فاولھن نقضا الحکم و اٰخرھن الصلوٰة۔ رواھ ابن حبان (6715) (موارد الظمآن،ص: ٨٧ (مسند احمد: 22160)
سيدنا ابو امامه ﷦ کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ جن فرمايو ته ڪو وقت ايندو جو اوهين اسلام کي ٽڪرا ٽڪرا ڪندؤ ۽ هڪ ٽڪرو ٽٽندو ته وري ماڻهو ٻئي کي لڳندا. انهن ۾ پهريون ٽڪرو ٽٽندو جو الله جو حڪم ڇڏيو ويندو ۽ آخري ٽٽڻ وارو ٽڪرو نماز هوندو. جنهن جو مطلب ته نماز جي وڃڻ کان پوءِ اسلام ختم ٿي ويندو.
حديث (12): عن معاذ بن جبل رضي الله عنه قال قال رسول الله صلي الله عليه وسلم: من ترک صلوٰة مکتوبة متعمدا فقد برئت منه ذمة الله (رواه احمد(22075))
يعني جنهن شخص ڄاڻي واڻي فرضي نماز ڇڏي ته ان کان الله جي ذميداري کڄي ويئي. انهيءَ معنيٰ ۾ سنن ابن ماجة: (4034)۾ سيدنا ابوالدرداء ﷦ کان روايت آهي ته اوصاني ابوالقاسم ﷺ ان لا اترک الصلوٰة متعمدا فمن تركها متعمدا فقد برئت منه الذمة. يعني رسول الله ﷺ جن مون کي وصيت فرمائي ته آئون ڄاڻي واڻي فرضي نماز نه ڇڏيان، ڇوته جنهن ان کي ڄاڻي واڻي ڇڏيو تنهن لاءِ اسلام جي ذميداري ختم ٿي ويئي. حافظ ابن قيم رحمه الله ڪتاب الصلوٰة ص 38 ۾ ٻئي حديثون آڻي ٿو ۽ فرمائي ٿو ته: لوكان باقيا عليٰ اسلامه لكانت له ذمة الاسلام. يعني جيڪڏهن نماز ڇڏڻ کان پوءِ به هو اسلام تي باقي هجي ها ته سندس حق ۾ اسلامي ذميداري ختم نه ٿئي ها. هي سڀئي حديثون دلالت ڪن ٿيون ته نماز ڇڏڻ کان بعد انسان مسلمان ڪونه ٿو رهي. ان بابت ٻيون به گهڻيون حديثون آهن جي طوالت سببان ذڪر نه ڪيون ويون آهن ۽ هنن جي تائيد لاءِ هڪ حديث ذڪر ڪجي ٿي جا امام طبراني المعجم (الاوسط: 2292) و الصغير ص 31 طبع هند وص 60 طبع مصر (162) ۾ ابن عمر رضي الله عنهما کان روايت ڪري ٿو ته: قال رسول الله صلي الله عليه وسلم لا ايمان لمن لا امانة له ولا صلوٰة لمن لا طهور له ولا دين لمن لا صلوٰة له انما موضع الصلاة من الدين كـموضع الرأس من الجسد. يعني رسول الله ﷺ جن فرمايو ته جنهن وٽ امانت نه آهي ته ايمان نه آهي ۽ جنهن وٽ پاڪائي نه آهي ته نماز نه آهي ۽ جنهن وٽ نماز نه آهي ته دين نه آهي ۽ نماز دين لاءِ ائين آهي جيئن انسان جي جسم لاءِ سر آهي. يعني جيئن سِر جي ڪپجڻ کان بعد جسم نه رهيو ۽ بيڪار ٿيو ان طرح نماز جي وڃڻ کان بعد دين به ختم ٿيو. ان کان بعد اصحابن سڳورن رضي الله عنهم جا فرمان نقل ڪجن ٿا.
بي نمازيءَ جي ڪافر هجڻ متعلق اصحابن رضي الله عنهم جو اجماع
امير المؤمنين سيدنا عمر ﷦ تي جڏهن قاتلانھ حملو ٿيو ۽ بيهوش ٿي ويو، پوءِ جڏهن هوش ۾ آيو تڏهن پڇيائين ته ماڻهن نماز پڙهي آهي؟ چيائون ته هائو! پوءِ فرمايائين ته: لا اسلام لمن ترک الصلوٰة. وفي سياق آخر: لا حظ في الاسلام لمن ترک الصلوٰة ثم دعا بوضوء فتوضأ وصلّٰي. (ڪتاب الصلوٰة لابن القيم ص 40 بحوالھ ابن زنجويھ(مصنف ابن ابي شيبه:(37067) يعني جنهن نماز نه پڙهي تنهن جو اسلام نه آهي نه اسلام ۾ ان لاءِ ڪو ڀاڱو آهي پوءِ پاڻي گهرائي وضو ڪيائين ۽ نماز پڙهيائين. ابن قيم رحمه الله چوي ٿو ته هيءُ واقعو اصحابن جي جماعت جي سامهون ٿيو آهي ۽ ڪنهن ان تي اعتراض نه ڪيو آهي، تنهن ڪري ان تي اصحابن جو اجماع چئبو ته نماز ڇڏڻ کان بعد اسلام نه آهي ۽ منذري الترغيب ص 385،386 ج1 ۾ بحوالھ ڪتاب الايمان لابن ابي شيبھ ۽ التاريخ الڪبير للبخاري سيدنا علي ﷦ کان روايت آڻي ٿو ته من لم يصل فهو كافر. يعني جنهن نماز نه پڙهي سو ڪافر آهي ۽ بحوالھ محمد بن نصر مروزي ۽ ابن عبدالبر ابن عباس رضي الله عنهم کان روايت آڻي ٿو ته: من ترك الصلوٰة فقد كفر... جنهن نماز ڇڏي تنهن بلاشڪ ڪفر ڪيو ۽ بحوالھ محمد بن نصر سيدنا ابن مسعود ﷦ کان روايت آڻي ٿو ته من ترك الصلوٰة فلا دين له... جنهن نماز ڇڏي تنهن جو ڪو دين ڪونهي ۽ بحوالھ ابن عبدالبر جابر بن عبدالله رضي الله کان روايت آڻي ٿو ته من لم يصل فهو كافر.... يعني جنهن نماز نه پڙهي سو ڪافر آهي ۽ بحوالھ عبدالبر سيدنا ابوالدرداء ﷦ کان روايت آڻي ٿو ته: لا ايمان لمن لا صلوٰة له ولا صلوٰة لمن لا وضوء له.... يعني جنهن وٽ نماز نه آهي ان وٽ ايمان نه آهي ۽ جنهن جو وضو نه آهي ان جي نماز نه آهي ۽ حافظ ابن قيم ڪتاب الصلوٰة ص 30 ۾ سيدنا سعد بن ابي وقاص ﷦ کان نقل ڪري ٿو ته ان کان صحيح سند سان هن آيت:
﴿فَوَيْلٌ لِّلْمُصَلِّيْنَ۠ۙ۰۰ الَّذِيْنَ هُمْ عَنْ صَلَاتِهِمْ سَاهُوْنَۙ۰۰﴾(الماعون:4،5)
(پوءِ اهڙن نمازين لاءِ خرابي آهي، جيڪي پنهنجين نمازن ۾ سستي ڪن ٿا.)
جي تفسير بابت مروي آهي ته هن مان اهي ماڻهو مراد آهن جي وقت وڃائي نماز پڙهن ٿا ۽ جي نه پڙهندا ته ڪافر ٿيندا. ان طرح عبدالله بن احمد ڪتاب السنة ص93 ۾ ابوبڪر الآجري ڪتاب الشريعة ص 133 ۾ قاسم بن مخيمرة رحمه الله تابعي کان به روايت آندي آهي ۽ ترمذيءَ ۾ عبدالله بن شقيق تابعيءَ رحمه الله کان روايت آهي ته: كان اصحاب رسول الله صلي الله عليه وسلم لا يرون شيئا من الاعمال تركه كفرا غير الصلوٰة (مشڪوٰة ص 59) يعني رسول الله ﷺ جا اصحاب سڳورا (رضي الله عنهم) نماز کان سواءِ ٻئي ڪنهن به عمل جي ڇڏڻ کي ڪفر نه ڄاڻندا هئا، جنهن مان ثابت ٿيو ته نماز جي ڇڏڻ کي ڪفر چوڻ ۾ اصحاب سڳورا متفق آهن. حافظ عبدالحق اشبيلي المتوفي سن 581 ڪتاب الصلوٰة ۾ لکي ٿو ته: ذهب جملة من الصحابة رضي الله عنهم ومن بعدهم اليٰ تكفير تارك الصلاة متعمدا لتركها حتي يخرج جميع وقتها منهم عمر بن الخطاب ومعاذ بن جبل وعبدالله بن مسعود وابن عباس وجابر وابوالدرداء وكذالك روي عن علي بن ابي طالب كرم الله وجهه هٰؤلاءِ من الصحابة ومن غيرهم احمد بن حنبل واسحاق بن راهويه وعبدالله بن المبارك وابراهيم النخعي والحكم بن عتيبة وايوب السختياني وابوداؤد الطيالسي وابوبكر بن ابي شيبة وابوخيثمة زهير بن حرب. (ڪتاب الصلوٰة لابن القيم ص 41)
يعني ذڪر ڪيل سڀئي صحابي ۽ تابعي ۽ اتباع ۽ ائمھ ان ڳالهه تي متفق آهن ته جنهن شخص ڄاڻي واڻي ڪا نماز ڇڏي تان جو ان جو وقت نڪري ويو ته اهو ڪافر ٿيو ۽ حافظ عبدالعظيم منذري المتوفي سن 656هه الترغيب والترهيب 386 اليٰ 394 ۾ امام ابوبڪر بن ابي شيبة المتوفي سن 235 کان نقل ڪري ٿو ته: قال النبي صلي الله عليه وسلم من ترك الصلوٰة فقد كفر. يعني رسول الله ﷺ جن جو فرمان آهي ته جنهن شخص نماز ڇڏي، انهيءَ ڪفر ڪيو ۽ امام محمد بن نصر مروزي المتوفي سن 294 هه کان نقل ڪري ٿو ته: سمعت اسحاق يقول صح عن النبي صلي الله عليه وسلم ان تارك الصلوٰة كافر وكذالك كان رأي اهل العلم من لدن النبي صلي الله عليه وسلم ان تارك الصلاة عمدا من غير عذر حتي يذهب وقتها كافر. يعني مون امام اسحاق بن راهويھ المتوفي سن 238 هه کان ٻڌم ته رسول الله ﷺ کان صحيح طريقي سان ثابت آهي ته نماز جو ڇڏيندڙ ڪافر آهي ان طرح سندن زماني کان وٺي سڀني علم وارن جو اهو فيصلو آهي ته ڄاڻي واڻي بنا عذر جي نماز ڇڏڻ وارو تان جو وقت نڪري وڃي ته اهو ڪافر آهي. ۽ امام ابن حزم اندلسي المتوفي سن 456هه کان نقل ڪري ٿو ته: وقد جاء عن عمر وعبدالرحمٰن بن عوف ومعاذ بن جبل وابي هريرة وغيرهم من الصحابة رضي الله عنهم ان من ترك صلوٰة فرض واحدة متعمدا حتي يخرج وقتها فهو كافر مرتد ولا نعلم لهٰؤلاء من الصحابة مخالفًا. يعني انهن چئن اصحابن ۽ ٻين کان منقول آهي ته جنهن به شخص ڄاڻي واڻي هڪ فرضي نماز ڇڏي تان جو وقت نڪري ويو ته اهو ڪافر ۽ مرتد آهي ۽ ٻئي ڪنهن به صحابيءَ کان انهن جي خلاف منقول نه آهي. پوءِ حافظ منذري فرمائي ٿو ته: قد ذهب جماعة من الصحابة ومن بعدهم اليٰ تكفير من ترك الصلوٰة متعمدا لتركها حتي يخرج جميع وقتها منهم عمر بن الخطاب وعبدالله بن مسعود وعبدالله بن عباس ومعاذ بن جبل وجابر بن عبدالله وابو الدرداء رضي الله عنه ومن غير الصحابة احمد بن حنبل واسحاق بن راهويه وعبدالله بن المبارك والنخعي والحكم بن عتيبة وايوب السختياني وابوداؤد الطيالسي وابوبكر بن ابي شيبة وزهير بن حرب وغيرهم رحمهم الله تعاليٰ. يعني اهي اصحابي ۽ ٻين سڀني جو اهو مذهب آهي ته ڄاڻي واڻي نماز ڇڏي ايستائين جو وقت نڪري وڃي ته انهيءَ ڪفر ڪيو ۽ حافظ ابن قيم صدقة ابن الفضل المروزي کان به هن طرح نقل ڪري ٿو ۽ امام محمد بن نصر مروزي جي ڪتاب الصلوٰة جي حوالي سان ايوب بن ابي تميمة السختياني تابعي المتوفي سن 131هه کان نقل ڪري ٿو ته ”ترك الصلوٰة كفر لا يختلف فيه“ يعني نماز جو ڇڏڻ ڪفر آهي. ان عقيدي ۾ ڪو اختلاف نه آهي. ثابت ٿيو ته اصحابن ۽ تابعين جو ان تي اجماع آهي ۽ اهي نماز کي ايمان جو جز سمجهن ٿا.
نماز ايمان آهي
امام بخاري رحمه الله پنهنجي صحيح ص 10 ج1 ڪتاب الايمان ۾ هن لاءِ خاص باب رکي ٿو ته باب الصلوٰة من الايمان وقول الله تعاليٰ: ﴿مَا كَانَ اللّٰهُ لِيُضِيْعَ اِيْمَانَكُمْ﴾ يعني صلواتكم عند البيت. يعني هيءُ باب هن بيان ۾ آهي ته نماز به ايمان مان آهي ۽ ان جو جزو آهي، ڇوته قرآن ۾ ان کي ايمان سڏيو ويو آهي، جيئن :
﴿وَمَا كَانَ اللّٰهُ لِيُضِيْعَ اِيْمَانَكُمْ﴾ (البقرة:143) (۽ الله توهان جو ايمان ضايع ڪرڻ وارو نه آهي.)
هتي ايمان مان مراد نماز آهي، ان کان بعد امام موصوف ان باب جي تحت سيدنا براء بن عازب ﷦ کان قبلي جي ڦرڻ ۽ ڪعبي ڏانهن منهن ڪري نماز پڙهڻ بابت امر جي حديث آڻي ٿو جنهن ۾ هي لفظ آهن: انه مات علي القبلة قبل ان تحول رجال وقتلوا فلم ندر ما نقول فيهم فانزل الله تعاليٰ: ﴿مَا كَانَ اللّٰهُ لِيُضِيْعَ اِيْمَانَكُمْ﴾ يعني قبلي جي نئين حڪم لهڻ کان بعد اسان کي فڪر هو ته انهن جي حق ۾ ڇا چئون جيڪي ان نئين حڪم کان اڳ پهرئين قبلي بيت المقدس ڏانهن منهن ڪري نماز پڙهندي مري ويا يا قتل ٿي ويا. پوءِ الله تعاليٰ هيءَ آيت نازل فرمائي، اسان کي سمجهايو ته الله تعاليٰ توهان جي ايمان کي ضايع ڪرڻ وارو نه آهي.(صحيح بخاري: 40) ثابت ٿيو ته نماز خود ايمان آهي. حافظ ابن حجر فتح الباري ص 98 ج1 (السلفيھ) ۾ هن باب جي شرح ۾ لکي ٿو ته ”في هٰذا الحديث من الفوائد الرد علي المرجية في انكارهم تسمية اعمال الدين ايمانا“ يعني هن باب ۾ ذڪر ٿيل حديث مان چند علمي فوائد ظاهر ٿين ٿا جن مان هڪ هيءُ آهي ته مرجيھ عملن کي ايمان چوڻ کان انڪار ڪندا آهن هن ۾ انهن جي ترديد آهي، ان بابت تفصيل سان سورة فاتحھ جي تفسير جي خاتمي جي باب ٻئي ۾ فرقھ مرجيھ جي بيان ۾ ذڪر ڪيو ويو ۽ مزيد عرض ڪجي ٿو.
نماز کي ايمان نه مڃڻ واري جي شاهدي قبول نه آهي
انهيءَ ڪري اسلامي عدالتن ۾ مرجين جي شاهدي معتبر نه هوندي هئي. چنانچھ امام عبدالله بن احمد ڪتاب السنة ص 83 ۾ امام شعبھ کان نقل ڪري ٿو ته انهيءَ قاضي شريڪ تابعيءَ کي چيو ته تون مرجيھ فرقي وارن جي شاهدي ڇو نه ٿو قبول ڪرين؟ جواب ۾ چيائين ته: كيف اجيز شهادة قوم يزعمون ان الصلوٰة ليست من الايمان. يعني آئون ڪيئن اهڙي قوم جي شاهدي قبول ڪريان جن جو گمان آهي ته نماز ايمان مان نه آهي ۽ لسان الميزان ص 122 ج5 ۾ امام يحيٰ بن آدم ڪوفي المتوفي سن 203 هه کان منقول آهي ته: ”كان شريك لا يجوز شهادة المرجية فشهد عنده محمد بن الحسن فرد شهادته فقيل له في ذٰلك فقال انا لا اجيز من يقول الصلوٰة ليس من الايمان.“ يعني قاضي شريڪ مرجين جي شاهدي قبول نه ڪندو هو، پوءِ وٽس امام محمد بن حسن شيباني شاهدي ڏني ته ان جي شاهدي رد ڪري ڇڏيائين. جڏهن هن بابت کانئس پڇيو ويو ته چيائين ته آئون انهيءَ شخص جي شاهدي ڪونه قبول ڪندس جيڪو چوي ته نماز ايمان مان نه آهي ۽ امام محمد بن خلف الوڪيع ڪتاب اخبار القضاة ص 261 ج3 ۾ يحيٰ ابن آدم کان نقل ڪري ٿو ته: ”رد شريك شهادة ابي يوسف فقيل له اترد شهادته فقال الا ارد شهادته وهو يقول ان الصلوٰة ليست من الايمان. “ يعني قاضي ابويوسف قاضي شريڪ وٽ شاهدي ڏيڻ لاءِ آيو مگر هن ان جي شاهدي رد ڪري ڇڏي. جڏهن کيس ان بابت چيو ويو، تڏهن چيائين ته آئون ڇو نه اهڙي ماڻهوءَ جي شاهدي رد ڪريان جيڪو چوي ٿو ته نماز ايمان مان نه آهي. امام حافظ ابوسعد العجلي تاريخ ومعرفة الثقات ص 218 (طبع دارالباز مڪھ مڪرمھ) ۾ فرمائي ٿو ته: ”جاء حماد بن ابي حنيفة اليٰ شريك يشهد عنده بشهادة فقال له شريك الصلوٰة من الايمان فقال حماد لم يجز هٰذا قال له شريك لٰكنا نبدأ بهٰذا قال نعم هي من الايمان. قال ثم شهد الاٰن. “ يعني امام ابوحنيفھ جو فرزند حماد قاضي شريڪ وٽ شاهدي ڏيڻ لاءِ آيو تڏهن کانئس پڇيائين ته نماز کي ايمان جو حصو مڃين ٿو؟ حماد چيو ته اسين انهيءَڳالهه لاءِ ته نه آيا آهيون (يعني اسين فقط شاهدي ڏيڻ لاءِ آيا آهيون) قاضي شريڪ فرمايو ته مگر پهرين اسان کي اها ڳالهه پڇڻي آهي، تڏهن جواب ۾ چيائين ته هائو! نماز ايمان جو حصو آهي. تڏهن قاضيءَ چيو ته هاڻي ڀلي شاهدي ڏي ۽ اخبار القضاة للوڪيع ص 162،163 ج3 ۾ امام ابونعيم فضل بن دڪين کان روايت آهي ته: ”ونظر شريك اليٰ رجل يقال له زكريا بن يحيٰ فقال له شريك الست الذي يقول الصلوٰة ليست من الايمان في شيء ارجع فلا شهادة لك عندي.“ يعني قاضي شريڪ زڪريا بن يحيٰ نالي هڪ شخص ڏي نهاري چيائينس ته تون اهو آهين جو چوين ٿو ته نماز ايمان مان نه آهي، واپس وڃ تنهنجي شاهدي مون وٽ معتبر نه آهي. قاضي شريڪ مشهور اسلامي عدالت جو قاضي آهي. سن 150هه ۾ واسط جو قاضي رهيو. ان کان بعد ڪوفي ۾ تا وفات قاضي رهيو. (ثقات ابن حبان ص 123 ج3 قلمي) ۽ امام عجلي فرمائي ٿو ته صحِيح فيصلي ڪرڻ وارو قاضي هو. (التهذيب ص 336 ج4) هن طرح اسان جا اڳيان قاضي هر شاهد جي عقيدي ۽ عمل جو پورو خيال ڪندا هئا. ان طرح گهڻا ماڻهو سڌري ويا ۽ سندن عمل ۽ عقيدي جي اصلاح ٿيندي رهي، چنانچھ علامھ طاش ڪبريٰ زاده المتوفي سن 968هه الشقائق النعمانيھ في علماء الدولة العثمانية ص 19 ۾ اٺين صدي هجري جي بادشاهه سلطان بايزيد خان بن سلطان مراد خان الغازي جو واقعو لکي ٿو ته ان زماني ۾ علامھ شمس الدين محمد بن حمزة الفناري المتوفي سن 834هه وٽ هو ڪنهن معاملي ۾ شاهدي لاءِ پيش ٿيو. علامھ موصوف بادشاهه جي شاهدي رد ڪئي. جڏهن کانئس ان بابت سبب پڇيو ويو ته چيائين ته بادشاهه جماعت سان نماز کي ڪونه ٿو پهچي. ان کان بعد بادشاهه نماز جماعت سان پڙهڻ ڪڏهن نه ڇڏي. ان طرح جيڪڏهن اڄوڪا قاضي شاهدن جي عقيدي ۽ عمل جو خيال ڪن؟ پوءِ جنهن جو عقيدو صحيح ۽ سنت مطابق عمل هجي ته ان جي شاهدي صحيح ۽ ٻين جي غلط قرار ڏين ته هوند گهڻن جي اصلاح ٿي وڃي.
نماز ڇڏڻ جي وعيد ۾ قرآني آيتون
فصل: نماز جو ڇڏڻ وڏو ڏوهه آهي ان لاءِ آيتون ۽ حديثون بي شمار آهن جن ۾ تنبيھ ۽ تشديد آهي پهرين ڪجهه آيتون پيش ڪجن ٿيون.
(1) ﴿فَخَلَفَ مِنْۢ بَعْدِهِمْ خَلْفٌ اَضَاعُوا الصَّلٰوةَ وَ اتَّبَعُوا الشَّهَوٰتِ فَسَوْفَ يَلْقَوْنَ غَيًّاۙ۰۰﴾ (مريم:59)
(انهن کان پوءِ انهن جو نالائق اولاد سندن جانشين ٿيو، جن نماز کي ضايع ڪيو ۽ پنهنجين خواهشن جي پٺيان لڳا. پوءِ سگهوئي اهي گمراهي (جي انجام) کي پهچندا.)
هن آيت ۾ نماز ضايع ڪرڻ واري لاءِ ”غيّ“ ۾ پوڻ جي وعيد آهي ۽ غيّ بمعنيٰ سخت گمراهي ۽ تباهي ۽ جهنم جي هڪ واديءَ جو نالو به آهي، جيئن تفسير ۾ پنهنجيءَ جاءِ تي بيان ٿيندو،ان شاءالله.
(2) ﴿يَوْمَ يُكْشَفُ عَنْ سَاقٍ وَّ يُدْعَوْنَ اِلَى السُّجُوْدِ فَلَا يَسْتَطِيْعُوْنَۙ۰۰ خَاشِعَةً اَبْصَارُهُمْ تَرْهَقُهُمْ ذِلَّةٌ١ؕ وَ قَدْ كَانُوْا يُدْعَوْنَ اِلَى السُّجُوْدِ وَ هُمْ سٰلِمُوْنَ۰۰﴾ (القلم:42،43)
(جنهن ڏينهن پني کولي ويندي، ۽ انهن کي سجدي لاءِ سڏيو ويندو ته اهي سجدو نه ڪري سگهندا. سندن اکيون جهڪيل هونديون ۽ مٿن خواري ڇانيل هوندي، حالانڪه اڳ (دنيا ۾) جڏهن چڱا ڀلا هئا ته سجدي لاءِ سڏيا ويندا هئا (ته سجدو نه ڪندا هئا.)
هن آيت ۾ بيان آهي ته قيامت جي ڏينهن بي نمازين جي انتهائي ذلت ۽ خواري ٿيندي.
(3) ﴿يَتَسَآءَلُوْنَ عَنِ الْمُجْرِمِيْنَۙ۰۰ مَا سَلَكَكُمْ فِيْ سَقَرَ۰۰ قَالُوْا لَمْ نَكُ مِنَ الْمُصَلِّيْنَۙ۰۰﴾ (المدثر: 40-43)
(ڏوهارين کان پڇندا ته توهان ڇاجي ڪري دوزخ ۾ ويا آهيو؟ چوندا ته اسين نماز نه پڙهندا هئاسون.)
هيءَ آيت بيان ڪري ٿي ته بي نمازي جهنمي آهن.
(4) ﴿فَلَا صَدَّقَ وَ لَا صَلّٰىۙ۰۰وَ لٰكِنْ كَذَّبَ وَ تَوَلّٰىۙ۰۰ثُمَّ ذَهَبَ اِلٰۤى اَهْلِهٖ يَتَمَطّٰىؕ۰۰اَوْلٰى لَكَ فَاَوْلٰىۙ۰۰ثُمَّ اَوْلٰى لَكَ فَاَوْلٰىؕ۰۰﴾ (القيامة: 31،35)
(پوءِ ان نه (الله جي) تصديق ڪئي نه نماز پڙهي. بلڪه ڪوڙ ڀانيائين ۽ منهن موڙيائين. پوءِ پنهنجي گهر وارن وٽ آڪڙجي هليو ويو. افسوس آهي توتي پوءِ افسوس آهي توتي پوءِ افسوس آهي توتي.)
يعني بي نمازين لاءِ هلاڪت ۽ ويل آهي.
(5) ﴿فَوَيْلٌ لِّلْمُصَلِّيْنَۙ۰۰الَّذِيْنَ هُمْ عَنْ صَلَاتِهِمْ سَاهُوْنَۙ۰۰﴾ (الماعون:4،5)
(پوءِ اهڙن نمازين لاءِ خرابي آهي، جيڪي پنهنجين نمازن ۾ سستي ڪن ٿا.)
پوءِ جڏهن ته غفلت ڪرڻ وارن لاءِ به ويل آهي ته پوءِ ڇڏڻ وارن لاءِ ته سخت عذاب ۽ ويل آهي.
(6) ﴿وَ اَقِيْمُوا الصَّلٰوةَ وَ اٰتُوا الزَّكٰوةَ وَ اَطِيْعُوا الرَّسُوْلَ لَعَلَّكُمْ تُرْحَمُوْنَ۰۰﴾ (النور:56)
(۽ نماز قائم ڪريو ۽ زڪوٰة ڏيو ۽ پيغمبر جي اطاعت ڪريو، جيئن توهان تي رحم ڪيو وڃي.)
هن آيت جو مفهوم هيءُ آهي ته بي نمازي الله جي رحمت جو حقدار نه آهي.
(7) ﴿قَدْ اَفْلَحَ مَنْ تَزَكّٰى ۙ۰۰وَ ذَكَرَ اسْمَ رَبِّهٖ فَصَلّٰىؕ۰۰﴾ (الاعليٰ:14،150)
(بيشڪ اهو شخص ڪامياب ٿيو، جنهن پنهنجي نفس کي پاڪ ڪيو ۽ الله جو نالو ورتائين، پوءِ نماز پڙهيائين.)
هن جو مفهوم آهي ته بي نمازي ڪامياب نه ٿيندو ۽ نه ڇٽندو.
(8) ﴿الَّذِيْنَ يُقِيْمُوْنَ الصَّلٰوةَ وَ مِمَّا رَزَقْنٰهُمْ يُنْفِقُوْنَؕ۰۰اُولٰٓىِٕكَ هُمُ الْمُؤْمِنُوْنَ حَقًّا﴾ (الانفال:3،4)
(جيڪي نماز قائم ڪن ٿا ۽ جيڪي ڪجهه اسان کين عطا ڪيوآهي، تنهن مان (الله جي راهه ۾) خرچ ڪن ٿا. اهي ئي سچا مؤمن آهن.)
هن مان ثابت ٿيو ته بي نمازي ايمان جي دعويٰ ۾ سچو نه آهي.
(9) ﴿وَ مَنْ اَعْرَضَ عَنْ ذِكْرِيْ فَاِنَّ لَهٗ مَعِيْشَةً ضَنْكًا وَّ نَحْشُرُهٗ يَوْمَ الْقِيٰمَةِ اَعْمٰى ۰۰قَالَ رَبِّ لِمَ حَشَرْتَنِيْۤ اَعْمٰى وَ قَدْ كُنْتُ بَصِيْرًا۰۰قَالَ كَذٰلِكَ اَتَتْكَ اٰيٰتُنَا فَنَسِيْتَهَا١ۚ وَ كَذٰلِكَ الْيَوْمَ تُنْسٰى۰۰﴾ (طٰھٰ:124 - 126)
(۽ جيڪو منهنجي ياد کان منهن موڙيندو، تنهن جي زندگي تنگ ٿيندي ۽ قيامت جي ڏينهن اسين کيس انڌو ڪري اٿارينداسين. چوندو ته رب منهنجا! تو مون کي انڌو ڪري ڇو اٿاريو آهي، حالانڪه مان (دنيا ۾ ته) سڄو هئس. (الله تعاليٰ) فرمائيندو ته اهڙيءَ طرح تو ڏانهن اسان جون آيتون آيون، پوءِ تو انهن کي وساريو ۽ ساڳيءَ طرح اڄوڪي ڏينهن توکي به وساريو وڃي ٿو.)
۽ الله جي ذڪر ۾ سڀ کان وڏو درجو نماز جو آهي:
﴿اِنَّ الصَّلٰوةَ تَنْهٰى عَنِ الْفَحْشَآءِ وَ الْمُنْكَرِ١ؕ وَ لَذِكْرُ اللّٰهِ اَكْبَرُ﴾ (العنڪبوت:45)
(بيشڪ نماز بي حيائي ۽ بڇڙين ڳالهين کان روڪي ٿي ۽ الله جو ذڪر تمام وڏو ڪم آهي.)
تنهن ڪري نماز کان منهن موڙيندڙ هن وعيد ۾ سڀ کان پهرين داخل آهي.
(10) ﴿اِنَّ الْمُنٰفِقِيْنَ يُخٰدِعُوْنَ اللّٰهَ وَ هُوَ خَادِعُهُمْ١ۚ وَ اِذَا قَامُوْۤا اِلَى الصَّلٰوةِ قَامُوْا كُسَالٰى ١ۙ يُرَآءُوْنَ النَّاسَ وَ لَا يَذْكُرُوْنَ اللّٰهَ اِلَّا قَلِيْلًاٞۙ۰۰مُّذَبْذَبِيْنَ بَيْنَ ذٰلِكَ١ۖۗ لَاۤ اِلٰى هٰۤؤُلَآءِ وَ لَاۤ اِلٰى هٰۤؤُلَآءِ١ؕ وَ مَنْ يُّضْلِلِ اللّٰهُ فَلَنْ تَجِدَ لَهٗ سَبِيْلًا۰۰يٰۤاَيُّهَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا لَا تَتَّخِذُوا الْكٰفِرِيْنَ اَوْلِيَآءَ مِنْ دُوْنِ الْمُؤْمِنِيْنَ١ؕ اَتُرِيْدُوْنَ اَنْ تَجْعَلُوْا لِلّٰهِ عَلَيْكُمْ سُلْطٰنًا مُّبِيْنًا۰۰اِنَّ الْمُنٰفِقِيْنَ فِي الدَّرْكِ الْاَسْفَلِ مِنَ النَّارِ١ۚ وَ لَنْ تَجِدَ لَهُمْ نَصِيْرًاۙ۰۰﴾ (النساء:142-145)
(منافق الله کي دوکو ڏيڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ۽ الله کين دوکي ۾ وجهي رهيو آهي ۽ جڏهن اهي نمازلاءِ اٿن ٿا ته سست ٿي اٿن ٿا ۽ ماڻهن کي ڏيکارڻ لاءِ نماز ادا ڪن ٿا ۽ الله کي ڪو ٿورو ياد ڪن ٿا. اهي ڪفر ۽ ايمان جي وچ ۾ ٽنگيل آهن، نه هيڏانهن جا آهن نه هوڏانهن جا ۽ جنهن کي الله گمراهه ڪري تنهن لاءِ (اي نبي ﷺ!) تون ڪو به رستو نٿو لهي سگهين. اي ايمان وارو! مؤمنن کي ڇڏي، ڪافرن کي دوست نه بڻايو، ڇا پنهنجي خلاف الله جي پڌري حجت قائم ڪرڻ گهرو ٿا. بيشڪ منافق دوزخ جي سڀ کان هيٺئين طبقي ۾ هوندا ۽ تون انهن جو ڪو به مددگار نه ڏسندين.)
هي وعيد انهن لاءِ آهي جي نماز ۾ سستي ڪن ٿا ۽ جيڪي نٿا پڙهن تن لاءِ پڙهندڙ خود اندازو ڪن. تلڪ عشرة ڪاملة. هن کان بعد حديثون لکجن ٿيون:
نماز ڇڏڻ جي وعيد ۾ نبوي حديثون
حديث (1): عن ابن عباس رضي الله عنهما قال لما قام بصره قيل نداويك و تدع الصلوة ايامًا قال لا ان رسول الله صلي الله عليه وسلم قال:من ترك الصلوة لقي الله وھو عليه غضبان. رواه البزار والطبراني في الكبير واسناده حسن. (الترغيب والترهيب للمنذري،ج١،ص ٣٨١) (السنن الڪبريٰ للبيهقي ج 2 ص 438، ح:3684)
سيدنا ابن عباس رضي الله عنهما کان روايت آهي ته ان جي نظر بيهي وئي. کيس چيائون ته اسين تنهنجو علاج ڪرايون ٿا پر تو کي چند ڏينهن نماز ڇڏڻي پوندي. چيائين ته نه رسول الله ﷺ جن فرمايو آهي ته جنهن شخص نماز ڇڏي سو الله سان ان حال ۾ ملندو (مرڻ کان بعد يا قيامت ۾) جو هو مٿس غضبناڪ هوندو.
حديث (2): عن نوفل بن معاوية رضي الله عنه ان النبي صلي الله عليه وسلم قال من فاتته الصلوة فكانما و تراھله وماله رواه ابن حبان(1468) (موارد الظمآن،ص:٩٤) (مسند احمد: 23642)
سيدنا نوفل بن معاويھ رضي الله کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ جن فرمايو ته جنهن شخص کان ڪا نماز فوت ٿئي وئي ته گوياڪ ان جا اهل عيال ۽ مال ملڪيت سڀ هلاڪ ٿي ويا.
حديث (3): بخاري شريف (1143،7047) ۾ سيدنا سمره بن جندب رضي الله کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ پنهنجو هڪ خواب بيان ڪيو جنهن ۾ فرمايائون ته هڪ شخص وٽ آيا سون جو ليٽيل هو ٻيو شخص ان جي ڀرسان بيٺل هو جو هن کي وڏو پٿر مٿي ۾ هڻي ٿو ۽ ان جو مٿو چٿجي وڃي ٿو. پوءِ وري جيسين پٿر کڻي ٿو تيسين هن جو مٿو تيار ٿي وڃي ٿو وري ٻيو دفعو هڻي ٿو. ان طرح ان کي عذاب ٿيندو رهي ٿو. پوءِ جيڪي به ملائڪ مون سان گڏ هئا تن بيان ڪيو ته فان الرجل يأخذ القراٰن فيرفضه و ينام عن الصلٰوة المكتوبة (الترغيب والترهيب،ج١،ص:٣٨٧) يعني هي اهو شخص آهي جنهن قرآن پڙهي ان کي ڇڏي ڏنو ۽ فرضي نماز کان سمهي رهيو ان لاءِ نه اٿيو.
حديث (4): عن عبادة بن الصامت رضي الله عنه قال قال رسول الله صلي الله عليه وسلم خمس صلوات افترضھن الله تعالٰي من احسن وضوءَ ھن و صلاھن لوقتھن واتم ركوعھن و خشوعھن كان له علي الله عهد ان يغفرله و من لم يفعل فليس له علي الله عهد ان شاءَ غفرله و ان شاءَ عذبه رواه احمد (22704) و ابوداؤد (425)و روٰي مالك و النسائي نحوه (مشڪوٰة المصابيح،ص: ٥٨)
سيدنا عباده بن صامت ﷦کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ جن فرمايو ته پنج وقت نماز الله تعاليٰ فرض فرمائي آهي. پوءِ جو سهڻو وضو ڪري، وقت جي پابنديءَ سان ۽ خشوع ۽ خضوع سان رڪوع وغيره پورا ڪندو ته ان جي لاءِ الله وٽ وعدو آهي ته کيس بخشيندو ۽ جنهن اها پابندي نه ڪئي ته پوءِ ان لاءِ الله وٽ ڪو واعدو نه آهي. چاهي ته ان کي بخشي يا عذاب ڪري.
حديث (5): عن ابي هريرة رضي الله عنه سمعت رسول الله صلي الله عليه وسلم يقول ان اول ما يحاسب به العبد يوم القيامة من عمله صلوٰته فان صلحت فقد افلح و انجح و ان فسدت فقد خاب و خسر فان انتقص من فريضته شيء قال الرب تبارك و تعالٰي انظروا هل لعبدي من تطوع فيكمل بھا ما انتقص من الفريضة ثم يكون سائر عمله علٰي ذالك (رواه الترمذي في سننھ(413)،ج١،ص: ٥٥)
سيدنا ابوهريره ﷦کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ جن فرمايو ته قيامت جي ڏينهن ٻانهي جي عملن مان سڀ کان پهرين نماز جو حساب ٿيندو پوءِ اها صحيح نڪتي ته اهو ڇٽي ويو ۽ ڪامياب ٿيو ۽ جي صحيح نه ٿي ته اهو برباد ٿيو ۽ خساري ۾ پيو ۽ جيڪڏهن فرضي نمازن ۾ ڪو نقص هوندو ته الله تعاليٰ فرمائيندو ته ڏسو جيڪڏهن منهنجي ٻانهي جي ڪا نفلي عبادت آهي ته ان سان ان جي ڪمي پوري ڪئي وڃي. ۽ ان طرح ٻين سڀني عملن جو حساب ڪيو ويندو. هيءُ خسارو ۽ بربادي انهيءَ لاءِ آهي جنهن جي نمازن ۾ قدري نقص هجي ۽ جنهن نماز ڇڏي ڏني تنهن جو ته الائي ڪهڙو حال ٿيندو. نيز نفلي نمازون به اهو پڙهندو جيڪو فرضيءَ جو پابند هجي پر جيڪو فرض ئي نٿو پڙهي سو وري نفلي نماز ڪهڙي پڙهندو، تنهن ڪري فرضي نماز لازمي آهي.
حديث (6): عن كعب بن عجرةرضي الله عنه قال: قال رسول الله صلي الله عليه وسلم يا كعب بن عجرة انه لا يدخل الجنة لحم ودم نبتا علٰي سحت النار اولي به يا كعب بن عجرة الناس غاديان فغاد في فكاك نفسه فمعتقھا و غاد موبقھا يا كعب بن عجرة الصلوة قربان و الصدقة برھان والصوم جنة والصدقة تطفئ الخطيئة كما يذھب الجليد علي الصفا رواه ابن حبان (5567) . (موارد الظمآن،ص: ٨٨)
سيدنا ڪعب بن عجره ﷦کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ جن فرمايو اي ڪعب بهشت ۾ اهو خون ۽ اهو گوشت نه ويندا جي حرام تي پليا هجن انهن لاءِ جهنم جي باهه وڌيڪ حقدار آهي. اي ڪعب ماڻهو ٻه ٽولا ٿي هلن ٿا. پوءِ هڪڙا پاڻ کي آزاد ڪرائڻ لاءِ نڪرن ٿا پوءِ پاڻ کي آزاد ڪن ٿا ۽ ٻيا وري نڪرن ٿا جو پاڻ کي هلاڪ ڪن ٿا (پوءِ آزاد ڪندڙ ڪم بيان ڪندي فرمايائون ته) اي ڪعب نماز الله ڏي ويجهي ڪرڻ واري آهي ۽ صدقو ڇوٽڪاري لاءِ ثبوت آهي ۽ روزو سِپر آهي ۽ صدقو گناهن کي اُجهائي ٿو گوياڪ صاف ميدان تي هلي رهيو آهي. هن حديث مان معلوم ٿيو ته جو نماز نٿو پڙهي سو پاڻ کي هلاڪ ۽ برباد ڪري ٿو ۽ اهو الله کان پري رهندو.
حديث (7): عن ابي هريرة رضي الله عنه عن النبي صلي الله عليه وسلم قال: الاسلام ان تعبد الله لا تشرك به شيئا و تقيم الصلوٰة وتؤتي الزكٰوة و تصوم رمضان و تحج البيت والامر بالمعروف والنھي عن المنكر و تسليمك عليٰ اهلك فمن انتقص شيئًا منھن فھو سھم من الاسلام يدعه و من تركھن كلهن فقد ولي الاسلام ظهره. (رواه الحاکم في المستدرك،ج١،ص: ٢١(53)) والبيهقي في شعب الايمان: 8458)
سيدنا ابوهريره ﷦کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ جن فرمايو ته اسلام هيءُ آهي ته الله جي عبادت ڪرين ان سان شريڪ نه ڪرين ۽ نماز پڙهين ۽ زڪوات ڏين ۽ حج ڪرين ۽ چڱائي جو امر ڪرين ۽ برائيءَ کان روڪين ۽ پنهنجي گهر وارن تي سلام ورائين. پوءِ جنهن شخص انهن مان ڪا شيءِ گهٽائي ته ان اسلام جو هڪڙو ڀاڱو ڇڏيو ۽ جنهن انهن سڀني کي ڇڏيو تنهن اسلام کان پٺي ورائي. هن حديث مان معلوم ٿيو ته نماز ڇڏڻ وارو اسلام جو ڀاڱو ڇڏيندڙ آهي.
حديث (8): عن عمر بن الخطاب رضي الله عنه قال: قال رسول الله صلي الله عليه وسلم من ترك الصلوة متعمدًا احبط الله عمله و برءَت منه ذمة الله حتي يراجع لله عزوجل توبة رواه الاصبهاني (الترغيب والترهيب،ج١،ص: ٣٨٥)
سيدنا عمر ﷦ کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ جن فرمايو ته جنهن شخص ڄاڻي واڻي نماز ڇڏي ته الله تعاليٰ ان جا سڀئي عمل برباد ڪري ڇڏي ٿو ۽ ان جي لاءِ ذميداري ختم ڪري ڇڏيندو جيستائين الله ڏي موٽي ۽ توبه ڪري.
حديث (9): عن انس رضي الله عنه عن النبي صلي الله عليه وسلم قال: اول ما يحاسب به العبد يوم القيامة الصلوٰة فان صلحت صلح له سائر عمله و ان فسدت فسد سائر عمله رواه الطبراني في الاوسط (1859) (الدرالمنثور ص295، ج1)
سيدنا انس ﷦کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ جن فرمايو ته قيامت جي ڏينهن ٻانهي سان سڀ کان پهرين نماز جو حساب ٿيندو. پوءِ جيڪڏهن ان جي نماز صحيح هوندي ته ان جا باقي عمل صحيح هوندا ۽ جي نماز خراب هوندي ته ان جا سڀ عمل خراب هوندا.
حديث (10): عن ابي الدرداء رضي الله عنه قال: قال رسول الله صلي الله عليه وسلم من ترك الصلوٰة متعمدًا فقد حبط عمله (رواه احمد 23045،27492) و رجاله رجال الصحيح (مجمع الزوائد،ج١،ص: ٢٩٥)
سيدنا ابو الدرداء ﷦کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ جن فرمايو ته جنهن شخص ڄاڻي واڻي نماز ڇڏي ته سندس عمل ڪِري پيا. هنن حديثن ۽ آيتن مان معلوم ٿيو ته نماز ۾ مسلمان کي ڪڏهن به ڪوتاهي نه ڪرڻ گهرجي.
فصل: هن ساري تقرير مان نماز جي فضيلت،عظمت ۽ شان معلوم ٿئي ٿو. جيڪي آيتون ۽ حديثون ذڪر ڪيون ويون سي سڀ نماز جي ڀلائي ظاهر ڪن ٿيون. مزيد ترغيب جي لاءِ ڪجهه آيتون ۽ حديثون ذڪر ڪجن ٿيون:
نماز جي ترغيب بابت قرآني آيتون
(1) ﴿وَ اَقِمِ الصَّلٰوةَ طَرَفَيِ النَّهَارِ وَ زُلَفًا مِّنَ الَّيْلِ١ؕ اِنَّ الْحَسَنٰتِ يُذْهِبْنَ السَّيِّاٰتِ١ؕ ذٰلِكَ ذِكْرٰى لِلذّٰكِرِيْنَۚ۰۰﴾ (هود:114)
(۽ ڏينهن جي ٻنهي حصن ۾ ۽ رات جو ڪجهه وقت گذرڻ کان پوءِ نماز قائم ڪر. بيشڪ نيڪيون برائين کي ختم ڪن ٿيون. هيءَ هڪ يادگيري آهي، انهن ماڻهن لاءِ جيڪي الله تعاليٰ کي ياد ڪن ٿا. )
گنهگارن لاءِ هي بهترين موقعو آهي جو توبھ ڪري نماز جي پابندي ڪري نفلي عبادت زياده ڪندا رهن ته انهن جا گناهه ميٽجي وڃن.
(2) ﴿قَدْ اَفْلَحَ الْمُؤْمِنُوْنَۙ۰۰الَّذِيْنَ هُمْ فِيْ صَلَاتِهِمْ خٰشِعُوْنَۙ۰۰وَ الَّذِيْنَ هُمْ عَنِ اللَّغْوِ مُعْرِضُوْنَۙ۰۰وَ الَّذِيْنَ هُمْ لِلزَّكٰوةِ فٰعِلُوْنَۙ۰۰وَ الَّذِيْنَ هُمْ لِفُرُوْجِهِمْ حٰفِظُوْنَۙ۰۰اِلَّا عَلٰۤى اَزْوَاجِهِمْ اَوْ مَا مَلَكَتْ اَيْمَانُهُمْ فَاِنَّهُمْ غَيْرُ مَلُوْمِيْنَۚ۰۰فَمَنِ ابْتَغٰى وَرَآءَ ذٰلِكَ فَاُولٰٓىِٕكَ هُمُ الْعٰدُوْنَۚ۰۰وَ الَّذِيْنَ هُمْ لِاَمٰنٰتِهِمْ وَ عَهْدِهِمْ رٰعُوْنَۙ۰۰وَ الَّذِيْنَ هُمْ عَلٰى صَلَوٰتِهِمْ يُحَافِظُوْنَۘ۰۰اُولٰٓىِٕكَ هُمُ الْوٰرِثُوْنَۙ۰۰الَّذِيْنَ يَرِثُوْنَ الْفِرْدَوْسَ١ؕ هُمْ فِيْهَا خٰلِدُوْنَ۰۰﴾ (المؤمنون:1-11)
(بيشڪ اهي ايمان وارا ڪامياب ٿيا، جيڪي پنهنجين نمازن ۾ عاجزي ڪن ٿا ۽ جيڪي اجاين ڳالهين کان پري رهن ٿا ۽ جيڪي زڪوٰة ڏين ٿا ۽ جيڪي پنهنجي اُگهڙن جي حفاظت ڪن ٿا، سواءِ پنهنجين زالن ۽ پنهنجين ٻانهين جي، جيڪي سندن ملڪيت ۾ هجن. بيشڪ انهن بابت مٿن ڪا ملامت نه ڪئي ويندي. البته جيڪو شخص ان کان سواءِ ٻيو ذريعو استعمال ڪندو ته اهڙا ماڻهو ئي حد کان لنگهڻ وارا آهن ۽ جيڪي پنهنجين امانتن ۽ عهدن جي پابندي ڪن ٿا ۽ جيڪي پنهنجين نمازن جي حفاظت ڪن ٿا. اهي ئي وارث آهن، جيڪي (جنت) فردوس جا وارث ٿيندا ۽ اهي ان ۾ هميشھ رهڻ وارا آهن.)
هن آيت ۾ نماز جي پابندي وارن لاءِ ڪاميابي جي خوشخبري آهي ۽ انهن کي بهشت جو وارث چيو ويو آهي.
(3) ﴿اِنَّ الَّذِيْنَ يَتْلُوْنَ كِتٰبَ اللّٰهِ وَ اَقَامُوا الصَّلٰوةَ وَ اَنْفَقُوْا مِمَّا رَزَقْنٰهُمْ سِرًّا وَّ عَلَانِيَةً يَّرْجُوْنَ تِجَارَةً لَّنْ تَبُوْرَۙ۰۰لِيُوَفِّيَهُمْ اُجُوْرَهُمْ وَ يَزِيْدَهُمْ مِّنْ فَضْلِهٖ١ؕ اِنَّهٗ غَفُوْرٌ شَكُوْرٌ۰۰﴾ (فاطر:29-30)
(بيشڪ جيڪي ماڻهو الله جو ڪتاب پڙهن ٿا ۽ نماز جي پابندي ڪن ٿا ۽ جيڪي ڪجهه اسان کين ڏنو آهي، ان مان لڪائي ۽ ظاهر خرچ ڪن ٿا، اهي اهڙي واپار (جي فائدي) جا اميدوار آهن جيڪو ڪڏهن تباهه نه ٿيندو، جيئن الله کين پورو پورو بدلو ڏي ۽ پنهنجي فضل مان وڌائي ڏي. بيشڪ اهوئي بخشڻهار، قدر ڄاڻندڙ آهي.)
هيءَ آيت ٻڌائي ٿي ته نمازيءَ جي محنت ڪڏهن به ضايع نه ٿيندي بلڪه ان کي پنهنجو اجورو ۽ الله وٽان وڏي ڀلائي حاصل ٿيندي.
(4) ﴿وَ الَّذِيْنَ هُمْ عَلٰى صَلَاتِهِمْ يُحَافِظُوْنَؕ۰۰اُولٰٓىِٕكَ فِيْ جَنّٰتٍ مُّكْرَمُوْنَ٢ؕؒ۰۰﴾ (المعارج:34،35)
(۽ جيڪي پنهنجين نمازن جي حفاظت ڪن ٿا. اهي ئي جنتن ۾ معزز ٿي رهندا.)
هن آيت ۾ خوشخبري آهي ته نماز جي پابندي ڪندڙن کي بهشت ۾ وڏي اعزاز ۽ اڪرام سان رهايو ويندو.
(5) ﴿رِجَالٌ١ۙ لَّا تُلْهِيْهِمْ تِجَارَةٌ وَّ لَا بَيْعٌ عَنْ ذِكْرِ اللّٰهِ وَ اِقَامِ الصَّلٰوةِ وَ اِيْتَآءِ الزَّكٰوةِ١۪ۙ يَخَافُوْنَ يَوْمًا تَتَقَلَّبُ فِيْهِ الْقُلُوْبُ وَ الْاَبْصَارُۗۙ۰۰ لِيَجْزِيَهُمُ اللّٰهُ اَحْسَنَ مَا عَمِلُوْا وَ يَزِيْدَهُمْ مِّنْ فَضْلِهٖ١ؕ وَ اللّٰهُ يَرْزُقُ مَنْ يَّشَآءُ بِغَيْرِ حِسَابٍ۰۰﴾ (النور:37-38)
(اهي) ڪجهه ماڻهو آهن، جن کي الله جي ذڪر ۽ نماز قائم ڪرڻ ۽ زڪوٰة ڏيڻ کان نه واپار غافل ڪري ٿو ۽ نه ڏيتي ليتي. اهي انهيءَ ڏينهن کان ڊڄن ٿا، جنهن ۾ دليون ۽ اکيون ڦري وينديون،جيئن الله تعاليٰ کين سندن عملن جو سهڻو بدلو ڏي ۽ پنهنجي فضل سان وڌائي به ڏي ۽ الله تعاليٰ جنهن کي چاهي ٿو، بي حساب روزي ڏئي ٿو.)
هن آيت ۾ بيان آهي ته نمازي جيڪي باوجود مشغوليتن، ڌنڌن ۽ واپارن جي ان جي پابندي ڪن ٿا اهي ئي مرد آهن، جيڪي قيامت جي هولناڪين کان بچڻ لاءِ ڪوشش ڪندڙ ۽ بي حساب اجر وٺڻ وارا آهن.
(6) ﴿وَ اِنَّهَا لَكَبِيْرَةٌ اِلَّا عَلَى الْخٰشِعِيْنَۙ۰۰ الَّذِيْنَ يَظُنُّوْنَ اَنَّهُمْ مُّلٰقُوْا رَبِّهِمْ وَ اَنَّهُمْ اِلَيْهِ رٰجِعُوْنَؒ۰۰﴾ (البقرة:45-46)
(۽ (صبر ۽ نماز سان الله کان مدد وٺو) ۽ بيشڪ نماز ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي، مگر عاجزي ڪندڙن لاءِ، جيڪي يقين رکن ٿا ته انهن کي پنهنجي رب سان ملڻو آهي ۽ ان ڏانهن موٽڻو آهي.)
ثابت ٿيو ته الله کان ڊڄندڙن، خشوع ۽ خضوع وارن صالحين ۽ قيامت تي پورو يقين رکڻ وارن جي نشاني اها آهي ته نماز ۾ ڪڏهن سستي نه ڪندا ۽ نه ڪڏهن ان کي ڏکي يا ڳري لڳندي.
(7) ﴿يٰۤاَيُّهَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوا اسْتَعِيْنُوْا بِالصَّبْرِ وَ الصَّلٰوةِ١ؕ اِنَّ اللّٰهَ مَعَ الصّٰبِرِيْنَ۰۰﴾ ( البقرة:153)
(اي ايمان وارؤ! صبر ۽ نماز سان مدد وٺو، بيشڪ الله صبر ڪرڻ وارن سان گڏ آهي.)
ثابت ٿيو ته مشڪل وقت ۾ انسان نماز کي لڳي وڃي ته الله تعاليٰ مشڪل آسان ڪري ٿو.
(8) ﴿وَ اْمُرْ اَهْلَكَ بِالصَّلٰوةِ وَ اصْطَبِرْ عَلَيْهَا١ؕ لَا نَسْـَٔلُكَ رِزْقًا١ؕ نَحْنُ نَرْزُقُكَ١ؕ وَ الْعَاقِبَةُ لِلتَّقْوٰى۰۰﴾ (طٰھٰ:132)
(۽ پنهنجن گهر وارن کي نماز جو حڪم ڪر، ۽ پاڻ به ان جي پابندي ڪر. اسين توکان رزق نٿا گهرون. رزق ته توهان کي اسين ڏيون ٿا ۽ پڇاڙي پرهيزگارن جي آهي.)
هن آيت مان معلوم ٿيو ته متقين جو سڀ کان وڏو عمل نماز آهي ۽ نماز رزق جي ڪشادگيءَ جو سبب ۽ عاقبت موچاري هجڻ جو موجب آهي.
(9)﴿لَيْسَ الْبِرَّ اَنْ تُوَلُّوْا وُجُوْهَكُمْ قِبَلَ الْمَشْرِقِ وَ الْمَغْرِبِ وَ لٰكِنَّ الْبِرَّ مَنْ اٰمَنَ بِاللّٰهِ وَ الْيَوْمِ الْاٰخِرِ وَ الْمَلٰٓىِٕكَةِ وَ الْكِتٰبِ وَ النَّبِيّٖنَ١ۚ وَ اٰتَى الْمَالَ عَلٰى حُبِّهٖ ذَوِي الْقُرْبٰى وَ الْيَتٰمٰى وَ الْمَسٰكِيْنَ وَ ابْنَ السَّبِيْلِ١ۙ وَ السَّآىِٕلِيْنَ وَ فِي الرِّقَابِ١ۚ وَ اَقَامَ الصَّلٰوةَ وَ اٰتَى الزَّكٰوةَ١ۚ وَ الْمُوْفُوْنَ بِعَهْدِهِمْ اِذَا عٰهَدُوْا١ۚ وَ الصّٰبِرِيْنَ فِي الْبَاْسَآءِ وَ الضَّرَّآءِ وَ حِيْنَ الْبَاْسِ١ؕ اُولٰٓىِٕكَ الَّذِيْنَ صَدَقُوْا١ؕ وَ اُولٰٓىِٕكَ هُمُ الْمُتَّقُوْنَ۰۰﴾ (البقرة:177)
(نيڪي هيءَ نه آهي ته توهان پنهنجا منهن اوڀر يا اولهه ڏانهن ڪريو، پر نيڪي هيءَ آهي ته ماڻهو الله ۽ قيامت جي ڏينهن ۽ ملائڪن ۽ الله جي نازل ڪيل ڪتاب ۽ سندس نبين تي ايمان آڻي ۽ الله جي محبت ۾ پنهنجو مال عزيزن ۽ يتيمن، مسڪينن ۽ مسافرن ۽ سوالين ۽ ٻانهن کي آزاد ڪرائڻ تي خرچ ڪري ۽ نماز قائم ڪري، زڪوٰة ادا ڪري ۽ (نيڪ ماڻهو ته اهي آهن)، جيڪي ڪو وعدو ڪندا آهن ته اهو پورو ڪندا آهن ۽ تنگيءَ ۽ مصيبت جي وقت ۽ حق ۽ باطل جي لڙائي وقت ثابت قدم رهندا آهن، اهي ئي ماڻهو سچا ۽ اهي ئي ماڻهو متقي آهن.)
هن آيت مان معلوم ٿيو ته نيڪ عملن ۾ نماز وڏو عمل آهي ۽ هنن صفتن وارائي سچا ۽ متقي آهن.
(10) ﴿تَرٰىهُمْ رُكَّعًا سُجَّدًا يَّبْتَغُوْنَ فَضْلًا مِّنَ اللّٰهِ وَ رِضْوَانًاٞ سِيْمَاهُمْ فِيْ وُجُوْهِهِمْ مِّنْ اَثَرِ السُّجُوْدِ١ؕ ذٰلِكَ مَثَلُهُمْ فِي التَّوْرٰىةِ١ۛۖۚ وَ مَثَلُهُمْ فِي الْاِنْجِيْلِ﴾ (الفتح:29)
(کين الله جي فضل ۽ رضا طلب ڪرڻ جي مقصد سان رڪوع، سجدي جي حالت ۾ ڏسين ٿو. سجدي جي اثر سبب سندن نرڙن تي نشانَ آهن. سندن اها ئي وصف تورات ۽ سندن اها ئي وصف انجيل ۾ آهي.)
هيءَ آيت ٻڌائي ٿي ته نماز کان ئي الله کي راضي ڪري سگهجي ٿو ۽ ان جون ڀلايون حاصل ڪري سگهجن ٿيون ۽ نمازين جي تعريف آسماني ڪتاب قرآن، تورات ۽ انجيل سڀئي ڪن ٿا.
هن کان بعد ڪجهه حديثون الترغيب والترهيب للمنذري ص 233 تا 247 مان لکجن ٿين:
نماز جي ترغيب بابت حديثون
حديث (1): عن ابي هريرة رضي الله عنه قال سمعت رسول الله صلي الله عليه وسلم يقول: ارأيتم لو ان نهرًا بباب احدكم يغتسل فيه كل يوم خمس مرات ھل يبقٰي من درنه شيء؟ قالوا لا يبقٰي من درنه شيء قال: فكذالك مثل الصلوٰت الخمس يمحوا بھن الخطايا. (رواھ البخاري (528) و مسلم (667)و الترمذي والنسائی ورواه ابن ماجه من حدیث عثمان رضي الله عنه).
سيدنا ابوهريره ﷦کان روايت آهي ته مون رسول الله ﷺ جن کان ٻڌو پاڻ فرمايائون ته خبر ڏيو ته اوهان مان ڪنهن هڪ جي دروازي جي اڳيان نهر وهندي هجي، هو روزانو هن ۾ پنج ڀيرا وهنجي ڇا ان جي بدن تي ڪا ميراڻ رهندي؟ چيائون ته ڪجهه به نه رهندي. پاڻ فرمايائون ته ان طرح پنجن نمازن جو مثال آهي (جيڪو ان کي پابنديءَ سان پڙهندو رهندو ته) انهن جي ڪري الله تعاليٰ گناهن کي ميٽيندو رهندو.
حديث (2): عن ابي هريرة رضي الله عنه ايضًا ان رسول الله صلي الله عليه وسلم قال: الصلوٰت الخمس والجمعة الي الجمعة كفارة لما بينھن مالم تغش الكبائر رواه مسلم (223) والترمذي (214)و غيرھما.
سيدنا ابوهريره ﷦کان روايت آهي ته پنج وقت نماز ۽ هڪ جمعو ٻئي جمعي تائين ان وچ جي گناهن لاءِ ڪفارو آهي. بشرطيڪ اهو نمازي وڏن گناهن کان پاسو ڪندو رهي.
حديث (3): عن عبدالله بن مسعود رضي الله عنه قال: قال رسول الله صلي الله عليه وسلم تحترقون تحترقون فاذا صليتم الصبح غسلتھا ثم تحترقون تحترقون فاذا صليتم الظهر غسلتھا ثم تحترقون تحترقون فاذا صليتم العصر غسلتھا ثم تحترقون تحترقون فاذا صليتم المغرب غسلتھا ثم تحترقون تحترقون فاذا صليتم العشاءَ غسلتھا ثم تنامون فلا يكتب عليكم حتٰي تستيقظوا (رواه الطبراني في الصغير (121) والاوسط (2224) واسناده حسن).
سيدنا عبد الله بن مسعود ﷦کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ جن فرمايو ته اوهين گناهن جي ڪري سڙندا رهو ٿا پوءِ جڏهن فجر نماز پڙهو ٿا ته اها ان کي ڌوئي ڇڏي ٿي. پوءِ وري به گناهن ۾ سڙندا رهو ٿا پوءِ جڏهن ظهر پڙهو ٿا ته انهن کي ڌوئي ڇڏي ٿي.ان طرح پنجن وقت تائين. عشاء کان بعد اوهين سمهو ٿا توهان تي ڪو گناهه ڪونٿو لکجي جيستائين ننڊ مان جاڳو.
حديث (4): عن ابي هريرة رضي الله عنه ان رسول الله صلي الله عليه وسلم قال: يتعاقبون فيكم ملائكة بالليل و ملائكة بالنھار ويجتمعون في صلاة الصبح و صلاة العصر ثم يعرج الذين باتوا فيكم فيسألھم ربھم وھو اعلم بھم كيف تركتم عبادي فيقولون تركناھم و ھو يصلون و اتيناھم وھم يصلون. (رواه مالك والبخاري (555) و مسلم (632) النسائي (485)).
ابوهريره ﷦کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ جن فرمايو ته الله جا ملائڪ واري واري تي هيٺ لهن ٿا. فجر ۽ وچين نماز تي گڏجن ٿا. يعني جيڪي صبح جو لهن ٿا سي شام جو چڙهن ٿا ۽ شام جو لهڻ وارا فجر تي چڙهن ٿا. پوءِ سندن پالڻهار کانئنس پڇي ٿو ته منهنجي ٻانهي کي ڪهڙي حال ۾ ڇڏيو؟ حالانڪه الله تعاليٰ پاڻ پنهنجن ٻانهن کي چڱيءَ طرح ڄاڻندڙ آهي. جواب ۾ ملائڪ عرض ڪندا ته اسان وڃڻ وقت انهن کي نماز پڙهندي ڇڏيو ۽ آياسون ته به نماز پڙهي رهيا هئا.
حديث (5): عن عامر بن سعد بن ابي وقاص رضي الله عنه قال سمعت سعدًا و ناسًا من اصحاب رسول الله صلي الله عليه وسلم يقولون كان رجلان اخوان في عهد رسول الله صلي الله عليه وسلم و كان احدھما افضل من الآخر فتوفي الذي ھو افضلھما ثم عمّر الآخر بعد اربعين ليلة ثم توفي فذكر ذٰلك لرسول الله صلي الله عليه وسلم فقال: الم يكن يصلي؟ فقالو: بلٰي يا رسول الله وكان لا بأس بهٖ فقال رسول الله صلي الله عليه وسلم وماذا يدريكم مابلغت به صلاته (الحديث رواه ابن خزيمة310،مسند احمد:1535) ).
”سيدنا سعد بن ابي وقاص رضي الله ۽ ٻين ڪيترن اصحابن کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ جي زماني ۾ ٻه ڀائر هئا. انهن مان هڪڙو ٻئي کان وڌيڪ ڀلو هو. پوءِ اهو ٻئي کان چاليهه راتيون اڳ ۾ فوت ٿي ويو ۽ اهو ذڪر رسول الله ﷺ جي آڏو ڪيو ويو. پاڻ فرمايائون پويون نمازي نه هو؟ چيائون ته هائو نماز پڙهندو هو ۽ منجهس ڪا خطري جي ڳالهه ڪانه هئي. پاڻ فرمايائين ته توهان کي ڪهڙي خبر ته سندس نماز جا هن کان پوءِ پئي پڙهيائين تنهن ان کي ڪهڙيءَ منزل تي پهچايو آهي.“ ۽ انهي معنيٰ ۾ مسند احمد، ابن ماجھ، ابن حبان ۽ بيهقيءَ ۾ سيدنا ابو هريره ﷦ کان روايت آهي ته هڪ قبيلي جا ٻه شخص رسول الله ﷺ جن وٽ مسلمان ٿيا انهن مان هڪڙو شهيد ٿي ويو ۽ ٻيو هڪڙو سال جيئرو رهيو. طلحه بن عبيدالله ﷦ خواب ڏٺو ته اهو پويون فوت ٿيل ان شهيد کان اڳ بهشت ۾ داخل ٿيو آهي. کيس ان ڳالهه جو عجب لڳو. صبح جو رسول الله ﷺ سان ان جو ذڪر ڪيو ويو. پاڻ فرمايائين ته انهيءَ پهرين کان بعد رمضان جا روزا رکيا ۽ سڄو سال نمازون پڙهيائين ۽ ابن ماجه (3925) ۽ ابن حبان (1403) ۾ وري هي لفظ زائد آهن ته فلما بینھما ابعد من السماء والارض يعني انهيءَ ڪري ٻنهي جي وچ ۾ آسمان زمين کان وڌيڪ فرق آهي.
حديث (6): عن عبدالله بن عمرو رضي الله عنهما ان رجلًا اتي رسول الله صلي الله عليه وسلم فسأله عن افضل الاعمال؟ فقال رسول الله صلي الله عليه وسلم الصلاة قال: ثم مَه قال: ثم الصلاة قال: ثم مَه ؟ قال: ثم الصلاة ثلاث مرات قال: ثم مَه قال: الجهاد في سبيل الله (فذكر الحديث. (رواه احمد 6602)و ابن حبان في صحيحه(1722)).
سيدنا عبدالله بن عمرو رضي الله عنه کان روايت آهي ته هڪ شخص رسول الله ﷺ وٽ آيو ۽ سوال ڪيائين ته سڀني عملن ۾ ڀلو عمل ڪهڙو آهي؟ پاڻ فرمايائون ته نماز. هن بار بار سوال ڪيو، پاڻ جواب ۾ نماز چوندا رهيا ٽن ڀيرن کان پوءِ جواب ۾ فرمايائون ته الله جي رستي ۾ جهاد.
حديث (7): عن ثوبان رضي الله عنه قال: قال رسول الله صلي الله عليه وسلم استقيموا ولن تحصوا واعلموا ان خير اعمالكم الصلاة ولن يحافظ علي الوضوء الامؤمن (رواه الحاكم 448،449 ابن ماجه؛ 277، الدرامي: 681)
سيدنا ثوبان ﷦کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ جن فرمايو ته سڌا ٿي رهو ۽ اوهين ڳڻي پوري نه پوندؤ ۽ يقين سان ڄاڻو ته اوهان جي سڀني عملن ۾ ڀلو عمل نماز آهي ۽ وضوءَ جي نگهباني مؤمن کان سواءِ ٻيو نه ڪندو.
حديث (8): عن حنظلة الكاتب رضي الله عنه قال سمعت رسول الله صلي الله عليه وسلم يقول: من حافظ علي الصلوٰت الخمس ركوعھن و سجودھن ومواقيتھن و علم انھن حق من عند الله دخل الجنة او قال و جبت له الجنة او قال حرم علي النار. (رواه احمد (18345) باسناد جيد ورواته رواة الصحيح)
سيدنا حنظلھ ڪاتب ﷦کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ کان فرمائيندي ٻڌم ته جو شخص پنج وقت نماز رڪوع، سجده ۽ وقت جي پابندي سميت ان جي حفاظت ڪندو رهندو ۽ يقين رکندو ته اهي پنج وقت حق ۽ الله وٽان آيل آهن ته ان لاءِ بهشت واجب ۽ جهنم جي باهه حرام آهي.
حديث (9): عن عثمان قال سمعت رسول الله صلي الله عليه وسلم يقول: من توضأ للصلاة فاسبغ الوضوءَ ثم مشي الي الصلاة المكتوبة فصلاھا مع الناس اومع الجماعة او في المسجد غفرله ذنوبه (رواه مسلم:232)
سيدنا عثمان ﷦کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ جن فرمايو ته جو شخص نماز لاءِ پوريءَ طرح وضو ڪري پوءِ فرضي نماز لاءِ هلي ٿو ۽ مسجد ۾ نماز جماعت سان پڙهي ٿو ته ان جا گناهه بخشيا ويندا.
حديث (10): عن ابي هريرة و ابي سعيدرضي الله عنهما قالا خطبنا رسول الله صلي الله عليه وسلم يومًا فقال: والذي نفسي بيده ثلاث مرات ثم اكب فاكبّ كل رجل منايبكي لا ندري علٰي ماذا حلف ثم رفع رأسه و في وجهه البشرٰي وكانت احب الينامن حمر النعم قال ما من رجل يصلي الصلوات الخمس و يصوم رمضان و يخرج الزكاة و يجتنب الكبائر السبع الافتحت له ابواب الجنة الثمانية يوم القيامة حتي انها لتصطفق ثم تلا اِنْ تَجْتَنِبُوْا كبَآئِرَ مَا تُنْھَوْنَ عَنْه نُكفِّرْ عَنْكمْ سَياٰتِكمْ وَنُدْخِلْكمْ مُّدْخَلًا كرِيمًا (و قال الحاكم صحيح الاسناد ووافقه الذهبي: 719، ابن حبان: 1748، ابن خزيمة: 315)
سيدنا ابوهريره ﷦ ۽ ابو سعيد ﷦ کان روايت آهي ته هڪ ڏينهن رسول الله ﷺ جن وعظ فرمايو ۽ ٽي ڀيرا الله جو قسم کنيائون. پوءِ ته اسان مان هرڪو روئي پيو ته خبر ناهي ته پاڻ ڇا جي لاءِ قسم کنيائون. پوءِ پاڻ مٿو مبارڪ مٿي ڪيائون ۽ سندس منهن مبارڪ ۾ خوشي نظر آئي جا اسان کي ڳاڙهن اٺن جي وڳ کان وڌيڪ پياري لڳي ٿي. (عربن وٽ ڳاڙها اٺ خاص طرح پسنديده هوندا هئا) پاڻ فرمايائون جو شخص پنج وقت نماز پڙهندو ۽ رمضان جا روزا رکندو ۽ زڪوات ڏيندو ۽ ستن وڏن گناهن کان بچندو رهندو ته ان لاءِ بهشت جا اٺ دروازا کوليا ويندا ۽ روشن ٿيندا. پوءِ پاڻ سورة النساءِ جي پنجين رڪوع جي مٿين آيت پڙهيائون. يعني جيڪڏهن توهان وڏن گناهن کان بچندؤ ته اسين توهان جي براين کي ميٽي عزت واريءَ جاءِ ۾ داخل ڪنداسون.
حديث (11): عن عمر بن مرة الجهني رضي الله عنه قال جاءَ رجل الي النبي صلي الله عليه وسلم فقال يا رسول الله ! ارأيت ان شهدت ان لا الٰه الا الله و انك رسول الله و صليت الصلوٰت الخمس و اديت الزكوة و صمت رمضان وقمته فممن انا؟ قال: من الصديقين والشهداء ( رواه البزار و ابن خزيمه (2212) و ابن حبان (3438) في صحيحيھما واللفظ لا بن حبان).
سيدنا عمر بن مرة جهني ﷦کان روايت آهي ته هڪ شخص رسول الله ﷺ جن وٽ آيو ۽ عرض ڪيائين ته اي الله جا رسول ﷺ خبر ڏيو ته جيڪڏهن آئون اها شاهدي ڏيان ته الله کان سواءِ ٻيو ڪوبه معبود نه آهي ۽ توهان الله جا سچا رسول آهيو ۽ پنج وقت نماز پڙهان ۽ زڪوات ادا ڪريان ۽ رمضان جا روزا رکان ۽ رات جو قيام ڪريان پوءِ آئون ڪهڙي درجي وارن مان ٿيندس؟ پاڻ فرمايائون ته ان وقت تون صديقن ۽ شهيدن مان ٿيندين.
حديث (12): عن انس بن مالك رضي الله عنه قال قال رسول الله صلي الله عليه وسلم ان لله ملكا ينادي عند كل صلوٰة يا بني آدم قوموا اليٰ نير انكم التي او قدتموھا فاطفئوھا (رواه الطبراني في الاوسط (9452) والصغير(1135))
سيدنا انس ﷦ کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ جن فرمايو ته هر نماز جي وقت تي الله جو هڪڙو ملائڪ پڪاري ٿو ته اي آدم جا اولاد جيڪا توهان پاڻ باهه ٻاري آهي ان کي اٿي اُجهايو.
چوي ٿو ته راقم الحروف هتي نماز جي ترغيب ۽ ان کان غفلت کان ترهيب لاءِ تقريبًا پنجويهه آيتون ۽ چاليهه حديثون جمع ڪيو ويون آهن. قارئين ڪرام لاءِ هيءُ هڪ ذخيرو آهي تان ته هو استفاده ڪري سگهن الله تعاليٰ سڀني مسلمانن کي سنت جي مطابق باجماعت پابنديءَ سان نماز پڙهڻ جي توفيق بخشي ۽ ان ۾ غفلت ڪرڻ کان پناهه ۾ رکي. (آمين.)

0 تبصره :

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔