Menu Bar

Drop Down MenusCSS Drop Down MenuPure CSS Dropdown Menu

نيوز ٽڪر

قادياني اسلام ۽ پاڪستان جا مجرم ***ابوعمير حزب الله بلوچ

پاڻيءَ جي نعمت خطاب : فضيلة الشيخ ذوالفقار علي طاهر رحمھ الله

Friday, August 28, 2020

9 ۽ 10 محرم) عاشوري جا روزا معتبر سُني ۽ شيعه روايتن مطابق*


10 محرم يعني عاشوري جو روزو زمانه جاهليت ۾ قريش به رکندا هئا نبي ڪريم ﷺ جن پاڻ به اهو روزو رکيو مديني هجرت کان پوء به پاڻ اهو روزو رکيائون ۽ صحابه ڪرام کي حڪم پڻ ڏنو جڏھن رمضان جا روزا فرض ڪيا ويا ته پاڻ فرمايائون ته هاڻي جيڪو چاهي اهو عاشوري جو روزو رکي ۽ جيڪو چاهي نه رکي ۽ فرمايائون اهو روزو فرض ناهي پر آئون رکان ٿو  (صحيح بخاري : 2002 ، 2003 ، مسلم : 1125، 1129) 

مطلب ته رمضان جي فرضيت کان پهرين اهو روزو رکڻ فرض هيو. 


⭐ اهڙي طرح مديني ۾ يهودي پڻ اهو روزو رکندا هئا جڏھن انهن کان پڇا ڪئي ويئي ته چيائون ته ان ڏينهن موسيٰ عليه السلام ۽ سندس قوم کي الله تعاليٰ فرعون کان نجات ڏني هئي ته موسيٰ عليه السلام شڪراني طور روزو رکيو هيو جنهن تي نبي ڪريم ﷺ جن فرمايو اسان موسيٰ جا اوهان کان وڌيڪ حقدار آھيون ۽ پاڻ روزو رکيائون ۽ صحابه ڪرام کي پڻ حڪم ڏنائون (بخاري: 2004 . 3397. مسلم : 1130) 


⭐ ان ڪري نبي ڪريم ﷺ  عاشوري جي روزي کي خاص اهميت ڏيندي ۽ افضل سمجهندي خوب اهتمام فرمائيندا هئا (صحيح بخاري: 2006 مسلم : 1132) 


⭐ عاشوراء (10 محرم) جي روزي جي فضيلت ذڪر ڪندي نبي ڪريم ﷺ جن فرمايو: 

 وَصِيَامُ يَوْمِ عَاشُورَاءَ أَحْتَسِبُ عَلَى اللَّهِ أَنْ يُكَفِّرَ السَّنَةَ الَّتِي قَبْلَهُ . 


آئون الله تعاليٰ مان اميد رکان ٿو ته عاشوري جا روزا رکڻ سان الله تعاليٰ گذريل هڪ سال جا گناھ معاف ڪري ڇڏيندو . (صحيح مسلم : 1162) 


⭐ ٻي حديث ۾ آھي : 

أَفْضَلُ الصِّيَامِ بَعْدَ رَمَضَانَ ؛ شَهْرُ اللَّهِ الْمُحَرَّمُ. (صحيح مسلم : 1163) 


سندن فرمان مبارڪ آھي ته رمضان کان پوءِ سڀ کان وڌيڪ افضل روزا الله تعاليٰ جي مهيني محرم جا آھن. صحيح مسلم: 1163) 


⭐ صحابه ڪرام رضي الله عنهم عرض ڪيو ته اي الله جا رسول ان عاشوري جي ڏينهن جي ته يهودي ۽ نصاريٰ به تعظيم ڪن ٿا (۽ پاڻ مسلمان پڻ روزو رکون ٿا اها ته انهن سان موافقت ٿي ويندي!) پاڻ فرمايائون ته جيڪڏھن آئون ايندڙ سال تائين زندھ رهيس ته نائين تاريخ (محرم جو پڻ) روزو رکندس پر پاڻ ٻئي سال کان پهرين وفات ڪري ويا . (صحيح مسلم : 1134) 


⭐ سیدنا عبداللہ بن عباس رضي الله عنهما فرمائين ٿا : 

خالفوا الیھود وصوموا التاسع والعاشر <ولاتشبهوا باليهود> 

توهان عاشوري جو روزو رکڻ ۾ يهودين جي مخالفت ڪندي نائين ۽ ڏھين محرم جو روزو رکو ۽ يهودين جي مشابهت نه ڪيو . 

(مصنف عبدالرزاق 4/287 ح 7839 وسندہ صحیح، والسنن الکبریٰ للبیھقي.4/287 ، والسنن الماثورة للشافعي: 337 .)  


⭐ معلوم ٿيو ته عاشوري جا ٻه روزا رکڻ گهرجن هڪڙو ڏھين تاريخ جو ۽ ٻيو ان سان گڏ نائين تاريخ جو پڻ روزو رکڻ گهرجي ته جيئن يهودين جي مخالفت ٿئي ۽ مشابهت کان بچي سگهجي . 


⭐ امام احمد شافعي اسحاق بن راهويه رحمهم الله وغيرهم ان جا قائل آھن ته ڏهين تاريخ جو روزو رکڻ گهرجي ڇو ته نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن خود اهو روزو رکيو ۽ ان سان گڏ نائين تاريخ جو روزو به رکجي ڇو ته ان روزي رکڻ جي رسول الله صلي الله عليه وسلم جن نيت فرمائي ھئي ته آئون ايندڙ سال نائين تاريخ جو روزو رکندس . (جامع ترمذي تحت حديث: 755  . شرح النووي: 1/ 359 )


⭐ *نوٽ :* 

باقي هيٺين لفظن سان جيڪا مرفوع روايت ذڪر ڪئي وڃي ته يهودين جي مخالفت ڪندي عاشوري يعني 10 محرم سان گڏ 9 تاريخ يا وري 11 تاريخ جو روزو رکو اها راوي داؤد بن علي ۽ ابن ابي ليليٰ جي ضعيف هجڻ جي ڪري قابل حجت نه آھي .

صُومُوا يَوْمَ عَاشُورَاءَ، وَخَالِفُوا فِيهِ الْيَهُودَ، صُومُوا قَبْلَهُ يَوْمًا، أَوْ بَعْدَهُ يَوْمًا . (مسند احمد : 2154. ابن خزيمه: 2095 وضعفه الالباني والارناؤط رحمهم الله) 


⭐ ياد رکڻ گهرجي ته مٿي محرم جي مهيني يا عاشوري جي روزي رکڻ متعلق جيڪا فضيلت وغيره ذڪر ڪئي وئي آھي ان جو سيدنا حسين رضي الله عنه يا ڪربلا واري واقعي سان ڪوبه تعلق ناهي . 


⭐ *نوٽ* : قارئين ڪرام محرم جي مهيني ۾ روزن کان سواء ٻي ڪا خاص عبادت نماز يا ڪو خاص ذڪر دعا ۽ وظيفو ثابت نه آھي ان سلسلي ۾ جيڪي روايتون بيان ڪيون وڃن ٿيون اهي سڀ جعلي ضعيف موضوع ۽ ناقابل اعتبار آھن جن جو ڪوبه شرعي ثبوت ناهي . 


*9 ۽ 10 محرم جو روزو شيعه مذھب ۾*  


انهن روزن جي مستحب هجڻ جي باري ۾ خود شيعه جي معتبر ڪتابن ۽ امامن کان روايتون موجود آھن. 


 هيٺ ٻه روايتون لکجن ٿيون: 

⭐ امير المومنين سيدنا علي رضي الله عنه فرمايو : 

صوموا عاشوراء التاسع والعاشر فانه يكفر ذنوب سنة.  

نائين ۽ ڏھين تاريخ عاشوري جو روزو رکو ڇو ته ان سان هڪ سال جا گناھ معاف ٿي وڃن ٿا . 

(تهذيب الاحڪام 4/ 299 رقم 905 

الاستبصار 2 /134 رقم 437 ، وسائل الشيعه 10 / 475 رقم 13839 ) 


شيعه اصول جي مطابق هن روايت جي سند صحيح آھي. 

مشھور شيعه محقق ابوالقاسم الخوئي هن روايت کي صحيح چيو آھي (المستند في شرح العروة الوثقيٰ ، موسوعة الخوئي 22 / 331) 


⭐ امام ابوجعفر محمد الباقر رحمه الله فرمايو : 

 صيام يوم عاشوراء كفارة سنة.  

(9- 10 محرم) عاشوري جا روزا هڪ سال جي گناهن جو ڪفارو آھن . 

(تهذيب الاحڪام 4/ 300 رقم 907 

الاستبصار 2/ 134 رقم 437 وسائل الشيعه 10/ 475 رقمه 13849 ) 

 علامه خوئي هن روايت کي صحيح چيو آھي ، موسوعة الخوئي 22/ 316 ) 

(وڌيڪ روايتن لاءِ ڏسندا : 

التهذيب : 905 تا 908 ، 1045 ، الكافي 86:4/ح1) 


⭐ ڪيترا ئي شيعه عالم غم حسين ۾ عاشوري جي روزن کي مستحب چون ٿا . (شرائع الاسلام للحلي 1/ 149) 


⭐ ڪجھ شيعا انهن روزن جي مستحب هجڻ تي اجماع نقل ڪن ٿا . (جواهر الڪلام لمحمد حسن نجفي 17/ 105) 


⭐ شيعن جو مشھور عالم شيخ المفيد چوي ٿو : 

 أن من صام يوم عاشورا على طريق الحزن بمصائب آل محمد عليهم السلام فقد أصاب ...

جيڪو ماڻھو آل محمد (صلي الله عليه وسلم ) کي پهچندڙ تڪليف ۽ ڏک جو غم ڪندي عاشوري جو روزو رکي ٿو ته اهو بلڪل صحيح آھي ... 

(الاستبصار 2 / 135 ، 136 )


⭐ ڪجھ شيعه عالم سيستاني وغيره چون ٿا 10 محرم تي سڄو ڏينهن ڪجھ به کائڻ پيئڻ نه گهرجي عصر کان پوء هڪ ڍڪ پاڻي پيئجي . 


⭐ تعجب جهڙي ڳالھ آھي ته انهي معتبر ۽ مناسب تعليم جي ابتڙ انهن ڏينهن ۾ وري شيعا ۽ نام نهاد سني قسمين قسمين جا شربت ، بريانيون طعام ۽ حليم وغيره جون ديڳيون دهل وڄائيندي وڄائيندي چَٽُ ڪريو ڇڏين !! اهو آھي انهن کي آل محمد (صلي الله عليه وسلم) جو ڏک ۽ غم !! 


⭐ قارئين ڪرام شيعه مذھب جي اهڙين معتبر ترين روايتن جي هوندي ڪجھ شيعه عالمن جو وري عاشوري جي روزن کي حرام يا مڪروھ چوڻ انتهائي عجيب آھي !!

0 تبصره :

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔