Menu Bar

Drop Down MenusCSS Drop Down MenuPure CSS Dropdown Menu

نيوز ٽڪر

قادياني اسلام ۽ پاڪستان جا مجرم ***ابوعمير حزب الله بلوچ

پاڻيءَ جي نعمت خطاب : فضيلة الشيخ ذوالفقار علي طاهر رحمھ الله

Sunday, December 15, 2019

دنيا ۽ آخرت ۾ ڪاميابي جو راز



خطاب : فضيلة الشيخ ذوالفقار علي طاهر رحمه الله

نبي ڪريم ﷺ جي اصحاب سڳورن جون زندگيون اسان جي لاءِ هڪ بهترين نمونو  آھن ، جڏھن انهن قرآن ۽ حديث تي عمل ڪيو ته هنن جي دنيا سڌري ويئي
۽ سندن آخرت جي حوالي سان به الله تعاليٰ اعلان فرمايو :
 رَضِيَ اللَّهُ عَنْهُمْ وَرَضُوا عَنْهُ وَأَعَدَّ لَهُمْ جَنَّاتٍ تَجْرِي تَحْتَهَا الْأَنْهَارُ خَالِدِينَ فِيهَا أَبَدًا ۚ ذَٰلِكَ الْفَوْزُ الْعَظِيمُ . [سورة التوبة 100]
ته الله انهن کان راضي ٿي ويو ۽ هو الله کان راضي ٿي ويا ، ان ۾ اسان جي لاءِ وڏو سبق موجود آھي ته جيڪڏھن اسان به انهن وانگر قرآن ۽ حديث تي عمل ڪنداسون ته الله تبارڪ و تعاليٰ اسان جي دنيا به سڌاري ڇڏيندو ۽ آخرت ۾ اسان جا گناهه به معاف ڪري ڇڏيندو، مطلب ته هڪڙو بهترين طريقو اسان جي لاءِ موجود آھي.
 آئون اصحاب سڳورن جا ڪجهه مثال توهان جي سامهون رکان ٿو جڏھن انهن تي ڪا پريشاني ، ڪا مصيبت ، ڪو ڏک ۽ غم آيو ۽ اهڙا غم ڏک ۽ تڪليفون اسان تي به اچن ٿيون ته اصحاب سڳورن اهڙي مشڪل جي وقت ۾ الله جي نبي ﷺ حديث تي عمل ڪيو ، ۽ جيئن ئي هنن حديث تي عمل ڪيو ته الله تبارڪ و تعالي انهن جو اهو غم ۽ ڏک ختم ڪري ڇڏيو، ان جا ڪيترا ئي مثال موجود آھن جيئن حديث جي ڪتاب صحيح مسلم (2688) ۾ اهو واقعو موجود آھي ته هڪ صحابي بيمار ٿي پيو ۽ الله جا نبي ﷺ بيمارن جي بيمار پرسي ۽ عيادت ڪندا هئا اهڙا به ڪيترا ئي واقعا موجود آھن ته  پاڻ سڳورا ﷺ بيمارن کان پڇڻ يعني سندن بيمار پرسي ڪرڻ ويندا هئا، اها به الله جي نبي ﷺ هڪ عظيم سنت آھي ، ته پاڻ ان صحابي جي عيادت لاءِ سندس گهر ويا ۽ ان جي حالت ڏٺائون حديث جا لفظ آھن ته :
 قَدْ خَفَتَ ، فَصَارَ مِثْلَ الْفَرْخِ .
بيماري ان کي وڪوڙي ويئي هئي ۽ هو ايترو ڪمزور ٿي ويو هيو جو ڄڻ هو پکي جو ڪو ٻچو هجي ، پيارا پيغمبر ﷺ جڏھن ان جي اها حالت ڏسن ٿا ته هڪڙي نتيجي تي پهچي وڃن ٿا ۽ هن کان پڇن ٿا ته تون ڪا دعا ته نه گهرندو رهيو آھين ؟ ان جواب ڏنو ته ها مون اها دعا گهري آھي ته : يا الله آخرت ۾ جيڪو عذاب مون کي ڏيڻو اٿئي اهو مون کي دنيا ۾ ئي ڏئي ڇڏ ! اهو ٻڌي پاڻ ﷺ فرمائين ٿا :
 سُبْحَانَ اللَّهِ لَا تُطِيقُهُ - أَوْ لَا تَسْتَطِيعُهُ  .
الله جا ٻانها ڇا تو ۾ ايتري طاقت ۽ سهپ آھي جو تون الله تعالي کان عذاب گهري رهيو آھين!؟ تون پنهنجي دعا ۾ اهو ڇو ڪونه چيو ته :
اللَّهُمَّ آتِنَا فِي الدُّنْيَا حَسَنَةً وَفِي الْآخِرَةِ حَسَنَةً وَقِنَا عَذَابَ النَّارِ .
 ته ياالله دنيا ۾ به چڱائي عطا ڪر ۽ آخرت ۾ به چڱائي ۽ ڀلائي عطا ڪر ۽ باهه جي عذاب کان بچاءِ ، تون اها دعا ڇو ڪونه گهري ؟ مطلب ته الله جا نبي ﷺ هن حديث جي ذريعي اها تعليم ڏئي رهيا آھم ته تون الله تعاليٰ کان اها دعا گهرندو ڪر ، انهيءَ ئي حديث ۾ موجود آھي ته جڏھن هن اصحابي سڳوري ﷺ جي انهيءَ حديث ۽ فرمان تي عمل ڪندي اها دعا گهرڻ شروع ڪئي ته ڪجهه ئي ڏينهنِ ۾ هو بلڪل چنڱو ڀلو ۽ صحتياب ٿي ويو ، ان مان اسان کي اهو سبق ۽ درس ملي ٿو  ته جڏھن ان اصحابي پنهنجي بيماري ۾ الله جي نبي ﷺ جن جي هڪ حديث تي عمل ڪيو ته الله تبارڪ و تعاليٰ هن جي بيماري کي ختم ڪري ڇڏيو ، معنيٰ ته الله جي نبي ﷺ جي حديث تي عمل ڪرڻ ۾ وڏو خير ۽ ڀلائي آھي ، اها ئي ڳالهه الله تبارڪ وتعاليٰ قرآن مجيد ۾ فرمائي آھي :
وَالَّذِينَ آمَنُوا وَعَمِلُوا الصَّالِحَاتِ وَآمَنُوا بِمَا نُزِّلَ عَلَىٰ مُحَمَّدٍ وَهُوَ الْحَقُّ مِنْ رَبِّهِمْ ۙ كَفَّرَ عَنْهُمْ سَيِّئَاتِهِمْ وَأَصْلَحَ بَالَهُمْ . [سورة محمد 2]
الله تعاليٰ دنيا جون حالتون سڌاري ڇڏيندو ۽ آخرت ۾ گناهه معاف ڪري ڇڏيندو پر شرط اها آھي ته اسان پنهنجو ايمان ، عقيدو ۽ عمل الله جي وحي جي مطابق بنايون ۽ الله جي وحي قرآن ۽ نبي ڪريم ﷺ جي حديث آھي بس اهو ڪم اسان کي ڪرڻون آھي پوءِ ڏسون ته ڪيئن ٿو الله تبارڪ و تعاليٰ اسان جون دنيا جون حالتون سنواري! .
صحيح مسلم (2202) جي هڪ ٻي حديث آھي ته هڪ صحابي الله جي نبي ﷺ جي خدمت ۾ حاضر ٿي عرض ڪيو ته مون کي جسم ۾ سخت سور ٿئي ٿو ، ڪڏھن ڪنهن عضوي ۾ ته ڪڏھن ڪنهن عضوي ۾ سخت تڪليف ٿئي ٿي ، پياري پيغمبر ﷺ پنهنجي حديث جي ذريعي ان کي هڪ دعا پڙھڻ جي تعليم ڏني ته جسم جي ڪنهن به حصي ۾ تو کي سور ٿئي ته ان جڳهه تي هٿ رکي ٽي دفعا بسم الله پڙهه ۽ پوءِ ست دفعا هيءَ دعا پڙهه :
أَعُوذُ بِعِزَّةِ اللَّهِ وَقُدْرَتِهِ مِنْ شَرِّ مَا أَجِدُ وَأُحَاذِرُ .
مطلب ته الله جو نالو وٺي آئون شروع ڪيان ٿو ۽ الله تعاليٰ جي پناهه ۾ اچان ٿو هر انهي تڪليف کان جيڪا آئون محسوس ڪري رهيو آھيان ۽ جنهن جو مون کي ڊپ ۽ خوف آھي . هاڻي ڏسو الله جي نبي ﷺ پنهنجي حديث ان اصحابي کي ٻڌائي ته تون وڃي هن تي عمل ڪر ، هن کي جسم ۾ سور ۽ تڪليف ٿيندي هئي ، ان حديث جي آخر ۾ موجود آھي ته الله جي نبي ﷺ جي حديث تي عمل ڪرڻ جي ڪري الله تعاليٰ ان صحابي جي اها تڪليف ختم ڪري ڇڏي ، مون توهان کي شروع ۾ چيو ته قرآن به الله تعاليٰ جو انعام آھي ۽ حديث به  الله تبارڪ و تعاليٰ جو انعام آھي ۽ اصحاب سڳورا رضي الله عنهم به الله تعاليٰ جو انعام آھن جو انهن قرآن ۽ حديث تي عمل ڪري ڏيکاريو ۽ ان ڪري سندن پريشانيون ختم ٿي ويون ۽ الله تبارڪ وتعاليٰ سندن دنيا سڌاري ڇڏي ، بلڪل اهڙي طرح جيڪڏھن اسان به قرآن ۽ حديث تي عمل ڪنداسون ته الله تعاليٰ اسان جي دنيا پڻ سڌاري ڇڏيندو ۽ جيئن صحابه ڪرام جي باري ۾ اسان جو عقيدو آھي ته:  رضي الله عنهم و رضوا عنه ته الله انهن کان راضي ٿي ويو اسان به جيڪڏھن دنيا جي زندگي ۾ قرآن ۽ حديث تي عمل ڪنداسين ته الله تعاليٰ اسان کان به راضي ٿيندو ۽ قيامت جي ڏينهن اسان جا گناهه به معاف ڪري ڇڏيندو .

0 تبصره :

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔