Menu Bar

Drop Down MenusCSS Drop Down MenuPure CSS Dropdown Menu

نيوز ٽڪر

قادياني اسلام ۽ پاڪستان جا مجرم ***ابوعمير حزب الله بلوچ

پاڻيءَ جي نعمت خطاب : فضيلة الشيخ ذوالفقار علي طاهر رحمھ الله

Tuesday, October 30, 2018

محرم جو مهينو ۽ غيرشرعي ڪم مولانا عبدالسلام جمالي نواب شاھ


محترم قارئين ! ماه محرم عظيم الشان ۽ بابرڪت مھينو آھي ھي ھجري سال جو پھريون مھينو ۽ حرمت واري چار مھينن مان ھڪ آھي الله رب العالمين جو فرمان آھي :
اِنَّ عِدَّۃَ الشُّہُوْرِ عِنْدَ اللّٰہِ اثْنَا عَشَرَ شَہْرًا فِیْ کِتٰبِ اللّٰہِ یَوْمَ خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَ الْاَرْضَ مِنْہَا اَرْبَعَۃٌ حُرُمٌ ؕ ذٰلِکَ الدِّیْنُ الْقَیِّمُ فَلَا تَظْلِمُوْا فِیْہِنَّ اَنْفُسَکُمْ وَ قَاتِلُوا الْمُشْرِکِیْنَ کَآفَّۃً کَمَا یُقَاتِلُوْنَکُمْ کَآفَّۃً ؕ وَ اعْلَمُوْۤا اَنَّ اللّٰہَ مَعَ الْمُتَّقِیْن . (سوره طوبيٰ :
36 )
مھينن جي ڳڻپ الله تعالي وٽ شروع تخليق کان ڪتاب الله ۾ ٻارنھن ئي آھن انھي ڏينھن کان جڏھن کان زمين ۽ آسمان کي انھي پيدا فرمايو آھي انھن مان چار ته حرمت ۽ ادب وارا مھينا آھن اھو درست دين آھي توھان انھن مھينن ۾ پاڻ تي ظلم نه ڪريو ۽ تمام مشرڪين سان جھاد ڪريو جھڙي طرح ھو توھان سان وڙھن ٿا ۽ ڄاڻي وٺو ته الله تعالي ( جي نصرت رحمت ۽ قدرت ) متقي پرھيزگارن سان گڏ آھي .
يعني شروع تخليق کان ئي الله تعالي ٻارنھن مھينا مقرر فرمايا آھن جن مان چار مھينا خصوصي ادب و احترام ، عزت و تڪريم سان نوازيا ويا آھن اھي چار مھينا ڪھڙا آھن انھي جو صحيح بخاري ۽ صحيح مسلم شريف ۾ تفصيل سان ذڪر ٿيل آھي .
سيدنا ابوبڪر رضي الله عنه کان روايت آھي ته رسول الله صلي الله عليه وسلم جن فرمايو آھي : الزَّمَانُ قَدِ اسْتَدَارَ كَهَيْئَتِهِ يَوْمَ خَلَقَ اللَّهُ السَّمَوَاتِ وَالْأَرْضَ السَّنَةُ اثْنَا عَشَرَ شَهْرًا مِنْهَا أَرْبَعَةٌ حُرُمٌ، ‏‏‏‏‏‏ثَلَاثَةٌ مُتَوَالِيَاتٌ ذُو الْقَعْدَةِ، ‏‏‏‏‏‏وَذُو الْحِجَّةِ، ‏‏‏‏‏‏وَالْمُحَرَّمُ، ‏‏‏‏‏‏وَرَجَبُ مُضَرَ الَّذِي بَيْنَ جُمَادَى وَشَعْبَانَ .
زمانو گھمي ڦري ساڳي حالت تي اچي ويو جنھن تي انھي ڏينھن ھو ، جنھن ڏينھن الله تعالي آسمان ۽ زمين پيدا ڪيو ھو ، سال ٻارنھن مھينن جو ھوندو آھي انھن مان چار مھينا حرمت وارا آھن تن مان ٽي ته لڳاتار آھن ذي قعده ، ذي الحجه ، ۽ محرم ۽ (چوٿون) رجب جيڪو جمادي الثاني ۽ شعبان جي درميان ۾ آھي ( صحيح بخاري : 3197 ، صحيح مسلم : 4383 )
ماه محرم ادب احترام جو ميھنو آھي پر اسان وٽ انھي مھيني جي اچڻ کان اڳ ئي خرافات غير شرعي ڪم جيڪي سختي سان منع ٿيل آھن سرانجام ڏنا وڃن ٿا، مختلف قسم جا نذر نياز ڀرپور انداز سان ڪيا وڃن ٿا، ڪٿي شربت وغيره جا سبيل ته ڪٿي جانورن جو ذبيحو ۽ بريانيءَ جون ديڳون لاھيون وڃن ٿيون .
الله تعالي جو فرمان آھي ته : حُرِّمَتْ عَلَیْکُمُ الْمَیْتَۃُ وَ الدَّمُ وَ لَحْمُ الْخِنْزِیْرِ وَ مَا اُہِلَّ لِغَیْرِ اللہِ بِه .
( المائدہ : 3 )
توھان تي حرام ڪيو ويو آھي مردار ۽ خنزير جو گوشت ۽ جنھن تي الله تعالي کان سواء ڪنھن ٻي جو نالو ورتو وڃي .
۽ سيدنا علي رضي الله عنه کان روايت آھي ته رسول الله صلي الله عليه وسلم جن فرمايو :
لَعَنَ اللهُ مَنْ لَعَنَ وَالِدَهُ وَلَعَنَ اللَّهُ مَنْ ذَبَحَ لِغَيْرِ اللَّهِ وَلَعَنَ اللَّهُ مَنْ آوَى مُحْدِثًا وَلَعَنَ اللَّهُ مَنْ غَيَّرَ مَنَارَ الْأَرْضِ .
الله تعالي انھي تي لعنت ڪئي آھي جنھن پنھنجي والد تي لعنت ڪئي آھي ۽ الله تعالي لعنت ڪئي آھي انھي تي جيڪو غير الله جي لاء جانور ذبح ڪري ٿو ۽ الله تعالي لعنت ڪئي آھي اھڙي شخص تي جيڪو ڪنھن بدعتي کي پناهه ڏي ٿو ۽ اھڙي طرح الله تعالي انھي شخص تي به لعنت ڪئي آھي جيڪو ڪنھن شخص جي زمين جي نشاني مٽائي ٿو
(صحيح مسلم : 5124 ، مسند احمد : 7198)
ياد رھي ته ڪنھن جي آڏو عاجزي ۽ انڪساري جي عقيدت سان جھڪڻ سجدي جي برابر آھي ۽ اھو اسان مان ھر شخص ڏسندو آھي ته گلي چوڪن تي ڪٿي ڪاٺين کي ته ڪٿي خيل (گهوڙن ) جي اڳيان جھڪيو ويندو آھي .
سيدنا معاذ بن جبل رضي الله عنه کان روايت آھي ته جڏھن آئون يمن کان واپس آيس ته مون چيو :
یَارَسُوْلَ اللّٰہِ! رَاَیْتُ رِجَالًا بِالْیَمَنِ یَسْجُدُ بَعْضُہُمْ لِبَعْضٍ أَفَـلَا نَسْجُدُ لَکَ؟ قَالَ: لَوْ کُنْتُ آمُرُ بَشَرًا یَسْجُدُ لِبَشَرٍ لَأَمَرْتُ الْمَرْأَۃَ أَنْ تَسْجُدَ لِزَوْجِہَا .
اي الله جا رسول ! (صلي الله عليه وسلم) مون يمن ۾ اھو ڏٺو آھي ته ماڻھو ھڪ ٻي کي سجدو ڪن پيا ، ڇا اسان به توھان کي سجدو ڪريون ؟ پاڻ صلي الله عليه وسلم جن فرمايو : جي آئون ڪنهن ماڻھو کي ڪنهن ٻي ماڻھو کي سجدي ڪرڻ جو حڪم ڏيان ها ته آئون زال کي حڪم ڏيان ھا ته ھو پنھنجي مڙس کي سجدو ڪري ھا ..
(مسند احمد: 22335)
گهوڙن ۽ ڪاٺين کي جھڪي ھٿ ٻڌي ڪري انھن کان التجائون ڪيون وڃن ٿيون. ياد رهي ته نذر نياز فقط الله تعالي جي لاء ئي آھي جيئن ته سيده مريم عليھا السلام چيو ھو ته :
رَبِّ اِنِّیْ نَذَرْتُ لَکَ مَا فِیْ بَطْنِیْ مُحَرَّرًا فَتَقَبَّلْ مِنِّیْ ۚ اِنَّکَ اَنْتَ السَّمِیْعُ الْعَلِیْم .
اي منھنجا پالڻھار ! منھنجي پيٽ ۾ جيڪو ڪجهه آھي مون تو لاء آزاد (وقف) ڪري ڇڏيو آھي تون مون جي طرف کان قبول فرمائجان يقينا تون خوب ٻڌندڙ ۽ ڄاڻيندڙ آھين .
( سورہ آل عمران : 35 )
۽ پوءِ انھن گهوڙن ۽ ڪاٺين کي تعويذ ۽ ڏور ٻڌا وڃن ٿا ۽ بعد ۾ انهن سڳن کي برڪت جي نيت سان پنهنجي ڳچي ۾ لٽڪايو وڃي ٿو
سيدنا عقبه بن عامر رضي الله عنه کان روايت آھي ته : أَنَّ رَسُولَ اللهِ ‌صلی ‌اللہ ‌علیہ ‌وآلہ ‌وسلم ‌أَقْبَلَ إِلَيْهِ رَهْطٌ فَبَايَعَ تِسْعَةً وَأَمْسَكَ عَنْ وَاحِدٍ فَقَالُوا: يَا رَسُولَ اللهِ! بَايَعْتَ تِسْعَةً وَتَرَكْتَ هَذَا؟ قَالَ: إِنَّ عَلَيْهِ تَمِيمَةً فَأَدْخَلَ يَدَهُ فَقَطَعَهَا فَبَايَعَهُ وَقَالَ: مَنْ عَلَّقَ تَمِيمَةً فَقَدْ أَشْرَكَ.
رسول الله صلي الله عليه وسلم وٽ (ڏهه ماڻھن جو ) قافلو آيو ، پاڻ صلي الله عليه وسلم جن انھن ماڻھن کان بيعت ورتي پر ھڪڙي کي ڇڏي ڏنائون يعني انھي کان بيعت قبول ڪون ڪيائون صحابه ڪرام رضوان الله اجمعين جن چيو : اي الله جا رسول ! (صلي الله عليه وسلم) توھان نوَ ماڻھن کان بيعت ورتي آھي ۽ ھڪ شخص کي ڇڏي ڏنو ؟ پاڻ صلي الله عليه وسلم جن فرمايو : انھي شخص کي تعويذ ٻڌل آھي انھي شخص پنھنجو ھٿ وجھي تعويذ ٽوڙي ڇڏي پو پاڻ صلي الله عليه وسلم جن انھي کان بيعت ورتي ۽ فرمايائون ته : جنھن به تعويذ لٽڪايو انهي شرڪ ڪيو .
( مسند احمد : 16781 )
۽ ماه محرم جي اچڻ سان ئي مرد ۽ مايون نوحه چوڻ شروع ڪن ٿيون جيڪو محرم جي اختتام تي ختم ڪن ٿيون ھت انھي ڳالهه تي افسوس جو اظھار ضرور ڪندس ته جيڪي ماڻھو چون ٿا ته مسجد جي آذان درس دروس وغيره جو آواز آھستي ڪريو يعني فقط مسجد تائين محدود ڪريو پاڙي وارن ۽ ھر ايندڙ ويندڙ کي زور زور جي آوازن سان تڪليف نه ڏيو سي به وڏي ڌامڌوم سان روڄ راڙو ڪندي ۽ نوحه وڄائيندي خود پنھنجي ئي قانون جي مخالفت ڪن ٿا .
سيدنا ابوھريره رضي الله عنه کان روايت آھي ته رسول الله صلي الله عليه وسلم جن فرمايو :
شُعْبَتَانِ مِنْ أَمْرِ الْجَاہِلِیِّۃِ لَا یَتْرُکُہُمَا النَّاسُ أَبَدًا: النِّیاحَۃُ وَالطَّعْنُ فِی النَّسَبِ .
دورِ جاھليت جا ٻه ڪم آھن جن کي ماڻھو ڪڏھن به ڪون ڇڏيندا ھڪ نوحو ڪرڻ ۽ ٻيو نسب تي طعن ڪرڻ . ( صحيح بخاري : 395 ، مسند احمد:9571)
ھڪڙي ٻي روايت ۾ سيدنا ابوسعيد الخدري رضي الله عنه کان روايت آھي ته :
لَعَنَ رَسُوْلُ اللّٰہِ ‌صلی ‌اللہ ‌علیہ ‌وآلہ ‌وسلم النَّائِحَۃَ وَالْمُسْتَمِعَۃَ۔
رسول الله صلي الله عليه وسلم جن نوحه ڪرڻ ۽ نوحه ٻڌڻ واري عورت تي لعنت فرمائي آھي .
(مسند احمد: 11445)
۽ پاڻ صلي الله عليه وسلم جن فرمايو ته :
أَرْبَعٌ مِنَ الْجَاہِلِیَّۃِ لَا یُتْرَکْنَ، اَلْفَخْرُ فِی الْأَحْسَابِ، وَالطَّعْنُ فِی الْأَنْسَابِ، وَالْاِسْتِسْقَائُ بِالنُّجُوْمِ، وَالنِّیاحَۃُ، وَالنَّائِحَۃُ إِذَا لَمْ تَتُبْ قَبْلَ مَوْتِہَا تُقَامُ یَوْمَ الْقِیَامَۃِ وَعَلَیْہَا سِرْبَالٌ مِنْ قَطِرَانٍ أَوْ دِرْعٌ مِنْ جَرَبٍ.
چار ڪم جھالت جا آھن ليڪن انھن کي ڇڏيو ڪون ويندو ھڪ حسب تي فخر ڪرڻ ، نسب تي طعن ڪرڻ ، تارن جي ذريعي بارش طلب ڪرڻ ، ۽ نوحو ڪرڻ ، نوحي ڪرڻ واري عورت اگر مرڻ کان اڳ توبه نه ڪئي ته انھي کي قيامت جي ڏينھن انھي حال ۾ پيش ڪيو ويندو جو انھي تي تارڪول يا خارش جي قميص ھوندي .
(صحيح مسلم : 934 )
۽ ڪيڏي وڏي بي وقوفي آھي جو پنھنجي پاڻ کي پٽڻ ۽ روڄ راڙي کي ثواب ۽ اجر جو ڪم سمجھيو وڃي ٿو !
۽ وڏي افسوس سان اھو لکڻو پوي ٿو ته نبي صلي الله عليه وسلم جن جي پيارن صحابه ڪرام رضوان الله اجمعين کي اڪثر ماڻھو وڏي واڪي گاريون ڏين ٿا
سيدنا عبدالله بن عباس رضي الله عنه کان مرفوعا مروي آھي ته رسول الله صلي الله عليه وسلم جن فرمايو :
مَنْ سَبَّ أَصْحَابِي فَعَلَيْهِ لَعْنَةُ اللهِ وَالْمَلائِكَةِ، وَالنَّاسِ أَجْمَعِينَ .
جنھن به منھنجي ڪنھن صحابي کي گار ڏني تنھن تي الله تعالي، سڀني فرشتن ۽ تمام ماڻھن جي لعنت آھي.
(الصحيحة للالباني: 2340)
يعني ماه محرم ۾ مختلف برائي ۽ غير شرعي ڪمن کي عروج ڏنو وڃي ٿو .
۽ حب اھل بيت جي آڙ ۾ اھڙي انداز ۾ سوڳ ملھايو وڃي ٿو جيڪو شريعت ۾ سختي سان ممنوع آھي محمد بن سيرين رحمه الله کان روايت آھي ته :
تُوُفِّيَ ابْنٌ لِأُمِّ عَطِيَّةَ رَضِيَ اللَّهُ عَنْهَا، ‏‏‏‏‏‏فَلَمَّا كَانَ الْيَوْمُ الثَّالِثُ دَعَتْ بِصُفْرَةٍ فَتَمَسَّحَتْ بِهِ،‏‏‏‏ وَقَالَتْ : نُهِينَا أَنْ نُحِدَّ أَكْثَرَ مِنْ ثَلَاثٍ إِلَّا بِزَوْج .
ام عطيه رضي الله عنھا جو پٽ وفات ڪري ويو ، ٽين ڏينھن انھن ” صفره خلوق “ (زرد رنگ جي خوشبو) گھرائي پاڻ کي ھڻي ڪري فرمايو :
ٽن ڏينھن کان وڌيڪ سوڳ ڪرڻ کان اسان کي منع ڪيو ويو آھي .
( صحيح بخاري : 1279 )
مذڪوره ۽ ٻين کوڙ سارين حديثن مان معلوم ٿئي ٿو ته ٽي ڏينھن کان وڌيڪ سوڳ ڪرڻ منع ٿيل آھي سواء زال جي ته ھو چار مھينا ۽ ڏهه ڏينھن مڙس لاء عدت گذاري . ته پوءِ هيترين صدين جي گذرڻ کان پوء به سوڳ ملھائڻ جو اھو طريقو ڪھڙي شريعت مان آھي ؟! ڇا اھو صحابه ڪرام رضوان الله اجمعين يا سلف الصالحين رحمھم الله جو طريقو آھي ؟ اگر ايئن آھي ته پو سڀ کان وڌيڪ حق رسول الله صلي الله عليه وسلم جن جو آهي ته سندن سوڳ ملھايو وڃي ! پر ايئن ھرگز نه آھي بلڪي ھي شريعت جي مخالفت آھي
پنھنجي رخسار ۽ سيني تي ڌڪ ھڻڻ گريبان ڦاڻڻ غير شرعي جھالت جا ڪم آھن رسول الله صلي الله عليه وسلم جن فرمايو : لَيْسَ مِنَّا مَنْ ضَرَبَ الْخُدُودَ،‏‏‏‏ وَشَقَّ الْجُيُوبَ،‏‏‏‏ وَدَعَا بِدَعْوَى الْجَاهِلِيَّة .
جيڪو شخص پنھنجي سيني کي ڌڪ ھڻي ۽ پنھنجو گريبان ڦاڙي ۽ زمانه جاھليت جون ڳالھيون ڪري سو اسان مان ناھي .
( صحيح بخاري : 1297 )
۽ بعض ماڻھو اھڙا به آھن جيڪي ماه محرم ۾ بلخصوص نائين ۽ ڏھين محرم تي زينت ۽ خوبصورتيءَ جا ڪپڙا ڇڏي پراڻا ڦاٽل ڪپڙا پائي اگھاڙو مٿو ۽ اگھاڙي پير ٿي ڪري غم جو اظھار ڪندا آھن حالانڪي اھي سڀ جھالت جون غير شرعي رسمون آھن .
أَبِفِعْلِ الْجَاهِلِيَّةِ تَأْخُذُونَ أَوْ بِصُنْعِ الْجَاهِلِيَّةِ تَشَبَّهُونَ ‏‏‏‏.
ڇا توھان جاھليت جو ڪم ڪريو ٿا يا جاھليت جي مشابھت ڪريو ٿا ؟
( سنن ابن ماجھ : 1485 )
پاڻ صلي الله عليه وسلم جو اھو فرمان ٻڌي ڪري ماڻھن پنھنجا ڪپڙا پائي ڇڏيا ۽ انھي کان پوءِ وري ڪڏھين به اھڙي قسم جون رسمون ڪون ڪيائون .
۽ باهه تي ھلي ڪري وڏي زور شور سان نعري بازي ڪئي وڃي ٿي سيدنا عبدالله بن عباس رضي الله عنهما کان مرفوعا روايت آھي ته رسول الله صلي الله عليه وسلم جن فرمايو :
الشِّفَاءُ فِي ثَلَاثَةٍ فِي شَرْطَةِ مِحْجَمٍ أَوْشَرْبَةِ عَسَلٍ أَوْكَيَّةٍ بِنَارٍ وَأَنْهَى أُمَّتِي عَنِ الْكَيِّ.
ٽن شين ۾ شفاء آھي : حجامت ڪرائڻ ، يا ماکيءَ پيئڻ ، يا باهه سان ڏنڀڻ ۾ . پر آئون منھنجي امت کي ڏنڀجڻ کان منع ڪريان ٿو .
( صحيح بخاري : 5249 )
جڏھن شريعت ۾ علاج جي لاء به باهه جو استعمال منع ٿيل ھجي ته ڪنھن جي سوڳ جي ڪري يا اظھار محبت ۾ باهه تي هلڻ جي اجازت ڪيئن ٿي سگھي ٿي ؟ ۽ ھا اسان جو دين ۽ اسلام خير ۽ ڀلائي جو دين آھي انھي ۾ ھر اھو ڪم حرام آھي جنھن ۾ مخلوق کي بلاوجه تڪليف پھچي ؟!
اڪثر عورتون مٿي تان پوتي لاھي ڪري سينو ڪٽيندي اگھاڙي مٿي ۽ اگھاڙي پير مردن سان گڏ جلوسن ۾ شريڪ ٿين ٿيون سيدنا ابوھريره رضي الله عنه کان روايت آھي ته :
مَا مِنَ امْرَأَۃٍ تَطَیَّبَتْ لِلْمَسْجِدِ فَیَقْبَلُ اللہُ لَھَا صَلَاۃً حَتّٰی تَغْتَسِلَ مِنْہُ اِغْتِسَالَھَا مِنَ الْجَنَابَۃِ۔
جيڪا عورت مسجد ڏانھن خوشبو لڳائي اچي ٿي ته الله تعالي انھي جي نماز کي قبول نٿو ڪري ايستائين جو ھو غسلِ جنابت وانگر غسل نه ڪري . ( مسند احمد: 7944 )
جڏھين مسجد ڏانھن اچڻ تي خواتين لاء ايڏي وڏي تنبيه ٿيل آھي ته فضول ناچ گانن ۽ نوحه وغيره جي مجلس محفلن ۾ شريڪ ٿيڻ ڪھڙي شريعت آھي ؟!
ھي مون فقط اھي چند ڳالھيون سرسري لکيون آھن جيڪي اسان جي معاشري ۾ سرعام ٿين ٿيون ورنه ماه محرم ۾ اسان جي معاشري ۾ جيڪي خرافات ٿين ٿا تن تي طويل تفصيلي مضمون لکي سگھجي ٿو وڌيڪ پڙھندا علماء حق جا ڪتاب :
رسومات محرم
از شيخ حافظ صلاح الدين يوسف صاحب
اسلامي ميھني اور مروجه بدعات
از شيخ تفضيل احمد ضيغم صاحب

0 تبصره :

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔