Menu Bar

Drop Down MenusCSS Drop Down MenuPure CSS Dropdown Menu

نيوز ٽڪر

قادياني اسلام ۽ پاڪستان جا مجرم ***ابوعمير حزب الله بلوچ

پاڻيءَ جي نعمت خطاب : فضيلة الشيخ ذوالفقار علي طاهر رحمھ الله

Tuesday, October 30, 2018

عظمت صحابه ڪرام رضي الله عنهم قرآن ، سنت ۽ سلف صالحين جي تعليم جي روشني ۾ . ابو عمير حزب الله بلوچ

 .
صحابي اهڙي شخص کي چوندا آهن، جنهن ايمان جي حالت ۾ محمد رسول الله ﷺ جي زيارت ڪئي هجي ۽ انهيءَ حالت ۾ انهيءَ جي وفات ٿي هجي.
هر صحابي رشد وهدايت ۾ نور جو مينار آهي. قرآن مجيد ۾ الله تعاليٰ انهن جي صفات عاليه ۽ اوصافِ حميده جو تذڪرو بڪثرت فرمايو آهي. انهيءَ ڪري جو هو صحابه
+ قرآن مجيد جا پهريان مخاطب ۽ حامل هئا.
إن الله نظر في قلوب العباد فوجد قلب محمد ﷺ خير قلوب العباد فاصطفاه لنفسه فابتعثه برسالته ثم نظر في قلوب العباد بعد قلب محمد ﷺ فوجد قلوب أصحابه خير قلوب العباد فجعلهم وزراء نبيه يقاتلون على دينه ...... (الفتح الرباني جلد22 ص170، مسند احمد: 1/279)
الله تعاليٰ پنهنجي ٻانهن جي دلين کي ڏٺو. انهن سڀن منجهان محمد ﷺ جي دل کي بهتر پاتو. پوءِ الله تعاليٰ محمد ﷺ کي نبوت لاءِ چونڊيو. پوءِ وري الله تعاليٰ بقايا بندن جي دلين جي ڏانهن ڏٺو. انهن مان وري صحابه ڪرام رضوان الله عليهم اجمعين کي منتخب فرمايائين، جيڪي الله تعاليٰ جي راهه ۾ دين اسلام جي استقامت لاءِ وڙهن ٿا. (طبراني ورزين)
سيدنا عبدالله بن مسعود ﷦ جو هي قول حڪمًا مرفوع آهي. جنهن مان هيءَ ڳالهه روز روشن جي طرح واضح ٿئي ٿي ته سڀ صحابه ڪرام الله تعاليٰ جا چونڊيل آهن. انهن جون دليون بلڪل پاڪ ۽ صاف آهن.
انهيءَ سان ملندڙ جلندڙ الفاظن سان مرفوع روايت به آهي. انهيءَ جا لفظ هن طرح آهن:
إِنَّ اللهَ تَبَارَكَ وَتَعَالٰى اخْتَارَنِيْ وَاخْتَارَ لِيْ أَصْحَابًا فَجَعَلَ لِيْ مِنْهُمْ وُزَرَاءَ وَأَنْصَارًا وَأَصْهَارًا، فَمَنْ سَبَّهُمْ فَعَلَيْهِ لَعْنَةُ اللهِ وَالْمَلَائِكَةِ وَالنَّاسِ أَجْمَعِيْنَ، لَا يُقْبَلُ مِنْهُ صَرْفٌ وَّلَا عَدْلٌ. (صححه الحاکم و وافقه الذهبي مستدرک حاکم: 3632 الضعيفة 3036، شيخ الباني رحمه الله وٽ هيءَ روايت ضعيف آهي)
رسول الله ﷺ جن فرمايو: الله تعاليٰ مون کي منتخب فرمايو ۽ منهنجي صحابه کي به چونڊيو. انهن مان ڪجهه کي الله تعاليٰ منهنجي لاءِ وزير وخلفاءِ ۽ بعض کي انصار ومددگار ۽ بعض کي منهنجا سهريجا بنايا آهن. جيڪو شخص به انهن کي گهٽ وڌ ڳالهائيندو ته ان تي الله تعاليٰ، ملائڪن ۽ تمام انسانن جي لعنت آهي ۽ انهيءَ جي ڪابه فرضي يا نفلي عبادت قبول نه ڪئي ويندي.
محترم قارئين! انهن حديثن مان اهو اندازو لڳائڻ مشڪل نه آهي ته صحابه ڪرام جي ڇا عظمت آهي. وڌيڪ وضاحت لاءِ زير نظر مضمون کي اسان ٽن حصن ۾ تقسيم ڪيو آهي: (1) عظمت صحابه + قرآن جي نظر ۾ (2) عظمت صحابه مصطفيٰ ﷺ جي نظر ۾ (3) عظمت صحابه ۽ سلف صالحين.
(1) عظمتِ صحابه قرآن جي نظر ۾:
وَ السّٰبِقُوْنَ الْاَوَّلُوْنَ مِنَ الْمُهٰجِرِيْنَ وَ الْاَنْصَارِ وَ الَّذِيْنَ اتَّبَعُوْهُمْ بِاِحْسَانٍ١ۙ رَّضِيَ اللّٰهُ عَنْهُمْ وَ رَضُوْا عَنْهُ وَ اَعَدَّ لَهُمْ جَنّٰتٍ تَجْرِيْ تَحْتَهَا الْاَنْهٰرُ خٰلِدِيْنَ فِيْهَاۤ اَبَدًا١ؕ ذٰلِكَ الْفَوْزُ الْعَظِيْمُ۰۰۱۰۰ (توبھ: 100)
۽ مهاجرين ۽ انصار مان جيڪي سابق ۽ پهريان آهن ۽ جيڪي ماڻهو اخلاص سان انهن جا پيروڪار آهن، الله تعاليٰ انهن سڀني کان راضي آهي ۽ هو سڀ هن کان راضي آهن ۽ الله تعاليٰ انهن جي لاءِ اهڙا باغ تيار ڪري رکيا آهن، جن جي هيٺان نهرون وهن ٿيون، جنهن ۾ هو هميشه رهندا. هيءَ وڏي ڪاميابي آهي.
هن آيت ڪريمه ۾ ٽن جماعتن (1) مهاجرين (2) انصار (3) ۽ انهن جي اخلاص سان پيروي ڪرڻ وارا ۽ انهن تي الله تعاليٰ جي ڪيل انعامن جو ذڪر آهي. مهاجر اهي ماڻهو آهن، جن الله تعاليٰ جي دين لاءِ پنهنجي وطن، گهرن ۽ ٻچن ٻارن کي قربان ڪري ڇڏيو ۽ انصار اهي آهن جن سڀ ڪجهه پنهنجي مهاجر ڀائرن لاءِ قربان ڪري ڇڏيو ۽ انهن جي پيروي ڪرڻ وارن مان مراد اهي ماڻهو آهن، جنهن انهن وانگر ايمان قبول ڪيو ۽ حق جي راهه ۾ قربانيون پيش ڪيون. ياد رهي ته: رسول الله ﷺ جا صحابه + سڀ جا سڀ انهن ٽن جماعتن ۾ شامل آهن ۽ هيءَ خوشخبري تمام صحابه ڪرام جي لاءِ آهي.
الله جا رسول ﷺ انهن جي لاءِ دعا فرمائيندا هئا:
اللهم اغفر للانصار ولابناء الانصار وابناء ابناء الانصار ولموالي الانصار.
اي الله! انصار، انهن جي اولاد، پٽن پوٽن ۽ غلامن جي مغفرت فرماءِ.
۽ پاڻ ﷺ فرمايو: توهان سڀني انصار ماڻهن ۾ منهنجا پسنديده ماڻهو آهيو. (صحيح مسلم، کتاب الفضائل الاصحاب، باب من فضائل الانصار، رقم الحديث: 172-173-174)
ٻي مقام تي الله تعاليٰ فرمائي ٿو:
وَ الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَ هَاجَرُوْا وَ جٰهَدُوْا فِيْ سَبِيْلِ اللّٰهِ وَ الَّذِيْنَ اٰوَوْا وَّ نَصَرُوْۤا اُولٰٓىِٕكَ هُمُ الْمُؤْمِنُوْنَ حَقًّا١ؕ لَهُمْ مَّغْفِرَةٌ وَّ رِزْقٌ كَرِيْمٌ۰۰۷۴ وَ الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا مِنْۢ بَعْدُ وَ هَاجَرُوْا وَ جٰهَدُوْا مَعَكُمْ فَاُولٰٓىِٕكَ مِنْكُمْ١ؕ وَ اُولُوا الْاَرْحَامِ بَعْضُهُمْ اَوْلٰى بِبَعْضٍ فِيْ كِتٰبِ اللّٰهِ١ؕ اِنَّ اللّٰهَ بِكُلِّ شَيْءٍ عَلِيْمٌؒ۰۰۷۵ (الانفال: 74-75)
جن ماڻهن ايمان آندو ۽ هجرت ڪئي ۽ الله جي راهه ۾ جهاد ڪيو ۽ جنهن پناهه ڏني ۽ مدد ڪيائون اهي ماڻهو سچا مؤمن آهن ۽ انهن جي لاءِ بخشش آهي ۽ عزت واري روزي ۽ جن ماڻهن انهن کان پوءِ ايمان آندو ۽ هجرت ڪئي ۽ تو سان گڏ جهاد ڪيو، بس اهي ماڻهو به انهن مان آهن ۽ رشتي ۽ ناتي وارا انهن مان بعض، بعض کان وڌيڪ ويجها آهن الله تعاليٰ جي حڪم ۾، بيشڪ الله تعاليٰ هر شيءِ جو علم رکندڙ آهي.
انهن آيتن ۾ الله تعاليٰ انهن سڀني صحابه + جي متعلق وڌيڪ وضاحت فرمائي آهي ۽ انهن کي جهاد ڪرڻ وارا، دين جي مدد ڪرڻ وارا ۽ حقيقي مؤمن قرار ڏنو آهي. ٻي جڳهه تي الله تعاليٰ فرمائي ٿو:
لَقَدْ رَضِيَ اللّٰهُ عَنِ الْمُؤْمِنِيْنَ اِذْ يُبَايِعُوْنَكَ تَحْتَ الشَّجَرَةِ فَعَلِمَ مَا فِيْ قُلُوْبِهِمْ فَاَنْزَلَ السَّكِيْنَةَ عَلَيْهِمْ وَ اَثَابَهُمْ فَتْحًا قَرِيْبًاۙ۰۰۱۸ (الفتح: 18)
بيشڪ الله تعاليٰ مؤمنن کان خوش ٿي ويو جڏهن هو وڻ جي هيٺان توهان سان بيعت ڪري رهيا هئا. انهن جي دلين ۾ جيڪو ڪجهه هو، انهن کي هن معلوم ڪري ڇڏيو ۽ انهن جي مٿان سڪون کي نازل فرمايو ۽ انهن کي جلد ئي فتح نصيب فرمائي.
هن آيت ۾ الله تعاليٰ حديبيه جي مقام تي بيعت رضوان ۾ شريڪ ٿيڻ وارن صحابه جو ذڪر فرمايو آهي، جن نبي ﷺ جي هٿ مبارڪ تي موت جي بيعت ڪئي هئي. انهن صحابه ڪرام جو تعداد هڪ هزار کان پندره سؤ تائين هو. رسول الله ﷺ فرمايو: هن وقت زمين تي توهان سڀن کان بهتر انسان آهيو ۽ پاڻ ﷺ اهو به فرمايو ته: وڻ جي هيٺان بيعت ڪرڻ وارن مان ڪوبه جهنم ۾ داخل نه ٿيندو. (بخاري ومسلم وغيرهما ومسلم کتاب الفضائل، رقم: 2496)
معزز قارئين! ٿورو غور ڪريو ته الله تعاليٰ ڪهڙيءَ طرح صحابه جي فضيلت ۽ عظمت کي بيان ڪيو آهي.
صحابه ڪرام ۾ جذبه انفاق في سبيل الله تعاليٰ ۽ الله تعاليٰ وٽ انهيءَ جو قدر:
الله تعاليٰ فرمائي ٿو:
لَا يَسْتَوِيْ مِنْكُمْ مَّنْ اَنْفَقَ مِنْ قَبْلِ الْفَتْحِ وَ قٰتَلَ١ؕ اُولٰٓىِٕكَ اَعْظَمُ دَرَجَةً مِّنَ الَّذِيْنَ اَنْفَقُوْا مِنْۢ بَعْدُ وَ قٰتَلُوْا١ؕ وَ كُلًّا وَّعَدَ اللّٰهُ الْحُسْنٰى ١ؕ وَ اللّٰهُ بِمَا تَعْمَلُوْنَ خَبِيْرٌؒ۰۰۱۰
(الحديد: 10)
توهان مان جن ماڻهن فتح کان پهرين الله جي راهه ۾ خرچ ڪيو آهي ۽ جهاد ڪيو آهي، اهي ٻين جي برابر نه آهن. بلڪه انهن کان وڏي درجي وارا آهن جنهن فتح کان پوءِ خيراتون ڪيون ۽ جهاد ڪيو انهن سڀني لاءِ الله تعاليٰ ڀلائيءَ جو واعدو ڪيو آهي. جيڪو ڪجهه توهان ڪري رهيا آهيو، الله تعاليٰ انهيءَ جو علم رکندڙ آهي.
هن آيت ۾ الله تعاليٰ صاف فرمائي ڇڏيو ته فتح مڪه کان پهرين مشڪل حالاتن ۾ خرچ ڪرڻ وارن صحابه ڪرام جي اجر ۽ ثواب کي نه ٿا پهچي سگهو. پاڻ ﷺ فرمايو:
فَلَوْ أَنَّ أَحَدَكُمْ أَنْفَقَ مِثْلَ أُحُدٍ ذَهَبًا مَا بَلَغَ مُدَّ أَحَدِهِمْ، وَلَا نَصِيْفَهٗ. (بخاري: 3673)
توهان (آخر ۾ ايمان آڻيندڙ صحابه ڪرام) مان ڪو شخص احد جبل جيترو سون خرچ ڪري پر اهو (سابقين، اولين) صحابه ڪرام جي هڪ مٺ يا اڌ مٺ خرچ ڪرڻ واري ثواب کي نه ٿو پهچي سگهي:
صحابه جو ايمان ٻين جي ايمان لاءِ ڪسوٽي:
الله تعاليٰ فرمائي ٿو:
فَاِنْ اٰمَنُوْا بِمِثْلِ مَاۤ اٰمَنْتُمْ بِهٖ فَقَدِ اهْتَدَوْا١ۚ (بقره: 137)
معلوم ٿيو ته صحابه ڪرام کان پوءِ ايمان آڻڻ وارن جي لاءِ صحابه جو ايمان ڪسوٽي ۽ هدايت کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ شرط آهي.
هاڻي توهان جيڪو به عمل ڪريو:
اسلام ۽ ڪفر جي وچ ۾ پهرين لڳڻ واري جنگ عظيم جو واقعو الله تعاليٰ قرآن جي سورة آل عمران وغيره ۾ بيان فرمايو آهي، جڏهن مسلمانن جو تعداد تمام گهٽ 313 هو ۽ ڪفار تمام طاقتور هئا. ليڪن حقيقي سپر پاور الله تعاليٰ صحابه ڪرام جي غيبي مدد فرمائي ته ڪافرن جا ڇڪا ڇڏائجي ويا. انهن جنگ بدر ۾ شريڪ ٿيڻ وارن صحابه ڪرام جي متعلق الله تعاليٰ فرمائي ٿو:
اِعْمَلُوْا مَا شِئْتُمْ فَقَدْ وَجَبَتْ لَكُمُ الْجَنَّةُ، أَوْ فَقَدْ غَفَرْتُ لَكُمْ. (بخاري، کتاب المغازي، باب فضل من شهد بدرا، رقم: 3983، 3007، 4274، 7890، 6259)
هاڻي توهان جيڪو وڻي سو ڪريو، مون توهان کي معاف ڪري توهان لاءِ جنت کي واجب ڪري ڇڏيو آهي.
گذريل آسماني ڪتابن ۾ انهن جا تذڪرا:
الله تعاليٰ، محمد رسول الله ﷺ ۽ سندن صحابه جي متعلق ارشاد فرمائي ٿو:
مُحَمَّدٌ رَّسُوْلُ اللّٰهِ١ؕ وَ الَّذِيْنَ مَعَهٗۤ اَشِدَّآءُ عَلَى الْكُفَّارِ رُحَمَآءُ بَيْنَهُمْ تَرٰىهُمْ رُكَّعًا سُجَّدًا يَّبْتَغُوْنَ فَضْلًا مِّنَ اللّٰهِ وَ رِضْوَانًا١ٞ سِيْمَاهُمْ فِيْ وُجُوْهِهِمْ مِّنْ اَثَرِ السُّجُوْدِ١ؕ ذٰلِكَ مَثَلُهُمْ فِي التَّوْرٰىةِ١ۛۖۚ وَ مَثَلُهُمْ فِي الْاِنْجِيْلِ١ۛ۫ۚ كَزَرْعٍ اَخْرَجَ شَطْـَٔهٗ فَاٰزَرَهٗ فَاسْتَغْلَظَ فَاسْتَوٰى عَلٰى سُوْقِهٖ يُعْجِبُ الزُّرَّاعَ لِيَغِيْظَ بِهِمُ الْكُفَّارَ١ؕ وَعَدَ اللّٰهُ الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَ عَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ مِنْهُمْ مَّغْفِرَةً وَّ اَجْرًا عَظِيْمًاؒ۰۰۲۹ (الفتح: 29)
محمد ﷺ الله تعاليٰ جا رسول آهن ۽ جيڪي ماڻهو (صحابه ڪرام) انهيءَ سان گڏ آهن، ڪافرن تي سخت آهن ۽ پاڻ ۾ رحمدل آهن. تون انهن کي ڏسندين رڪوع ۽ سجدو ڪري رهيا آهن، الله تعاليٰ جي فضل ۽ رضامندي جي ڪوشش ۾ آهن، ان جو نشان انهن جي چهرن تي سجدن جي اثر جي ڪري آهي. انهن جو اهو مثال تورات ۾ آهي ۽ انهن جو مثال انجيل ۾ آهي. انهيءَ پوک وانگر جنهن پنهنجو سلو ڪڍيو، پوءِ انهيءَ کي مضبوط ڪيو ۽ هو ٿلهو ٿي ويو ۽ پوءِ ٿڙهه تي سڌو بيهي رهيو ۽ هارين کي خوش ڪرڻ لڳو، تان ته انهيءَ جي ڪري ڪافرن کي چڙائين ۽ انهن ايمان وارن ۽ نيڪ اعمال ڪندڙن لاءِ الله بخشش جو ۽ تمام گهڻي ثواب جو واعدو ڪيو آهي.
هيءَ آيت پنهنجي مطلب ۾ واضح آهي. انهيءَ کان پوءِ به اگر ڪو شخص پنهنجي زبان انهن پاڪ نفسن جي خلاف استعمال ڪري ٿو ته هي انهيءَ جي بلڪل خباثت جو دليل آهي.
عظمتِ صحابه مصطفيٰ ﷺ جي نظر ۾:
صحابه ڪرام رضوان الله عليهم اجمعين جو وجود امت لاءِ امن وسلامتي ۽ برڪت آهي. رسول الله ﷺ جو فرمان آهي:
خَيْرُ النَّاسِ قَرْنِيْ ثمَّ الَّذِيْنَ يَلُوْنَهُمْ ثُمَّ الَّذِيْنَ يَلُوْنَهُمْ ثُمَّ يَجِيْءُ أَقْوَامٌ تَسْبِقُ شَهَادَةُ أَحَدِهِمْ يَمِيْنَهٗ وَ يَمِيْنَهٗ شَهَادَتَهٗ. (بخاري، کتاب فضائل اصحاب النبي ﷺ: 3650، 3651، مسلم: 6469 تا 6478)
بهترين ماڻهو منهنجي زماني جا آهن. انهيءَ کان پوءِ ٻي زماني جا، پوءِ ٽئين زماني جا. انهن کان پوءِ اهڙا ماڻهو پيدا ٿيندا، جيڪي ڪثرت سان قسم کڻڻ وارا (خيانت، دوکو، ڪوڙ ڳالهائڻ وارا) هوندا.
هن حديث ۾ نبي ﷺ، صحابه ڪرام جي زماني کي بهترين زمانو قرار ڏنو آهي.
نبي ﷺ گهڻو ڪري آسمان جي طرف ڏسندا هئا.
هڪ دفعه پاڻ ﷺ ڏسندي ڏسندي فرمايو: آسمان جا تارا آسمان لاءِ باعثِ امن آهن. جڏهن اهي هليا ويندا ته آسمان تي اها شيءِ پهچندي جنهن جو واعدو ڪيو ويو آهي (يعني قيامت).
۽ آئون منهنجي صحابه لاءِ باعث امن ۽ سلامتي آهيان. جڏهن آئون هليو ويندس ته هنن تي اها شيءِ پهچندي جنهن جو واعدو ڪيو ويو آهي.
اهڙي طرح منهنجا صحابه امت لاءِ باعث امن وسلامتي آهن. جڏهن اهي هليا ويندا ته هنن تي اها شيءِ پهچندي، جنهن جو الله تعاليٰ واعدو ڪيو آهي.
(مسلم، کتاب فضائل الصحابة، باب بيان ان بقاء النبي ﷺ امان لاصحابھ، رقم: 6466)
هتي رسول الله ﷺ، صحابه ڪرام کي ستارن سان تشبيهه ڏني آهي. ستارن جو ختم ٿيڻ قيامت جي واقع ٿيڻ جي نشاني آهي ۽ قرآن مجيد ۾ الله تعاليٰ ستارن جي متعلق فرمايو:
وَ بِالنَّجْمِ هُمْ يَهْتَدُوْنَ۰۰۱۶ (النحل: 16)
۽ ستارن جي ذريعي به ماڻهو هدايت حاصل ڪري سگهن ٿا. يعني رات جي سفر ۾ ڀليل مسافر تارا ڏسي ڪري اطراف معلوم ڪري سگهندو آهي. جيڪڏهن تارا نه هجن ته ڀليل ئي رهي. اهڙي طرح صحابه ڪرام امت لاءِ باعثِ هدايت ورشد آهن. انهيءَ لاءِ رسول الله ﷺ فتنن جي دؤر ۾ بچڻ جون صورتون بيان ڪندي فرمايو:
فَعَلَيْكُمْ بِسُنَّتِىْ وَسُنَّةِ الْخُلَفَاءِ الرَّاشِدِيْنَ الْمَهْدِيِّيْنَ. (ترمذي، ابواب العلم، باب ما جاء في الاخذ بالسنة، رقم: 2676، الصحيحھ رقم: 937)
يعني انهيءَ وقت توهان منهنجي سنت ۽ هدايت يافته خلفاءِ راشدين جي سنت سان تمسڪ اختيار ڪجو. صحابه ڪرام کان پوءِ امت محمديه تنزلي، تباهي جي طرف وڃي رهي آهي. وڏي فتني ۽ فساد جو شڪار آهي.
حقيقت هيءَ آهي ته صحابه ڪرام وڏي محنت، مشقت، بکيا، اڃيا رهي ڪري به نبي ﷺ کان دين حاصل ڪيو. قرآن واحاديث مبارڪه ياد ڪيون ۽ ٻين کي سيکاريون. اهڙي طرح مختلف زمانن کان پوءِ به دين اسلام صحيح سالم حالت ۾ اسان تائين پهتو.
صحابه ڪرام جو وجود باعثِ برڪت:
نبي ﷺ جن فرمايو: اهڙو وقت ايندو جو ماڻهن جي هڪ جماعت جهاد ڪندي. اهي ماڻهو چوندا: ڇا توهان ۾ ڪو رسول الله ﷺ جو صحابي آهي؟ اهي چوندا هائو ۽ اهي فتح ۽ نصرت کي حاصل ڪندا. پوءِ پڇيو ويندو: ڇا توهان ۾ ڪوبه صحابه ڪرام جو شاگرد آهي؟ چوندا هائو. پوءِ انهن کي فتح، ڪاميابي ملندي. پوءِ وري اهڙو زمانو ايندو هڪ جماعت جهاد ڪندي، سوال ڪندا توهان ۾ ڪو صحابه ڪرام جي شاگردن جو شاگرد آهي؟ چوندا هائو. پوءِ انهن کي به فتح نصيب ٿيندي. (بخاري، کتاب فضائل اصحاب النبي ﷺ، رقم: 3649-8297-3594)
دعا آهي الله تعاليٰ اسان کي صحابه ڪرام سان سچي محبت عطا فرمائي انهن جي نقشِ قدم تي هلي دين اسلام جي خدمت ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. (آمين)
عظمت صحابه ۽ سلف صالحين
سيدنا عبدالله بن مسعود رضي الله عنه فرمائين ٿا :
إِنَّ اللهَ نَظَرَ فِي قُلُوبِ الْعِبَادِ،فَوَجَدَ قَلْبَ مُحَمَّدٍ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ خَيْرَ قُلُوبِ الْعِبَادِ، فَاصْطَفَاهُ لِنَفْسِهِ، فَابْتَعَثَهُ بِرِسَالَتِهِ، ثُمَّ نَظَرَ فِي قُلُوبِ الْعِبَادِ بَعْدَ قَلْبِ مُحَمَّدٍ، فَوَجَدَ قُلُوبَ أَصْحَابِهِ خَيْرَ قُلُوبِ الْعِبَادِ، فَجَعَلَهُمْ وُزَرَاءَ نَبِيِّهِ يُقَاتِلُونَ عَلَى دِينِهِ. (مسند احمد ج 1 ص379 ح 3600 صححه الالباني الضعيفة تحت حديث : 533. وحسنه الارناؤط رحمهم الله )
الله تعاليٰ سڀني ٻانهن جي دلين کي ڏٺو ته محمد رسول الله صلي الله عليه وسلم جي دل کي سڀني کان وڌيڪ بهتر پاتائين ۽ کين پنهنجي رسالت لاءِ منتخب فرمايائين ، پوءِ ٻيهر سڀني ٻانهن جي دلين کي پرکيائين ته نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جي صحابن جي دلين کي سڀني کان وڌيڪ بهتر لڌائين ته کين سندن صحابيت، وزارت ، دين جي مدد ۽ نصرت ۽ ان لاءِ جانيون ڏيڻ لاءِ منتخب ڪيائين.
وفي رواية له قال : فانهم کانوا ابر هذه الامة قلوبا و اعمقها علما و اقلها تکلفا و اقومها هديا و احسنها حالا، قوما اختارهم الله تعاليٰ لصحبة نبيه صلي الله عليه وسلم، فاعرفوا لهم فضلهم و اتبعوهم في آثارهم فانهم کانو عليٰ الهدي المستقيم. (جامع بيان العلم وفضله : 1810 ، الصحيحة تحت حديث : 2648)
الله تعاليٰ فرمائي ٿو : قُلِ الْحَمْدُ لِلَّهِ وَسَلامٌ عَلَى عِبَادِهِ الَّذِينَ اصْطَفَىٰ. (النمل:59)
يعني اي پيغمبر تون چؤ ته سڄي واکاڻ الله لاءِ آهي ۽ سلامتي آهي الله جي انهن ٻانهن تي جن کي پاڻ چونڊيو اٿس .
عظيم مفسر قرآن سيدنا عبدالله بن عباس رضي الله عنهما فرمائين ٿا انهن چونڊيل ٻانهن مان مراد محمد رسول الله صلي الله عليه وسلم جا صحابه آهن . ( الطبري 20/2 ، تفسير ابن کثير 3/370 الاستيعاب 1/13تفسير القرطبي)
ام المؤمنين سيده عائشه رضي الله عنها پنهنجي ڀاڻيجي عروه رحمه الله کي نصيحت ڪندي فرمايو:
يَا ابْنَ أُخْتِي، أُمِرُوا أَنْ يَسْتَغْفِرُوا لِأَصْحَابِ النَّبِيِّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ، فَسَبُّوهُمْ.
يعني ماڻهن کي ته اهو حڪم ڏنو ويو هيو ته رسول الله صلي الله عليه وسلم جي صحابه لاءِ دعائون گهرن ۽ استغفار ڪن پر اهي وري کين گهٽ وڌ ڳالهائڻ لڳا !!. (صحيح مسلم :3022)
امير المومنين سيدنا علي رضي الله عنه کان نقل ٿيل آهي فرمايائون ته :
: لقد رأيت أصحاب محمد -صلى الله عليه وسلم- فما أرى اليوم شيئا يشبههم كانوا يصبحون صفرا ضمرا شعثا غبرا بين أعينهم أمثال ركب المعزى قد باتوا لله سجدا وقياما يتلون كتاب الله ويراوحون بين جباههم وأقدامهم فإذا أصبحوا ذكروا الله مادوا كما تميد الشجر في يوم الريح فهملت أعينهم حتى تبتل ثيابهم .
(البداية والنهايه ج 8 ص 7 ط احياء التراث. أبو نعيم في الحلية 1/76 وابن عساكر 42/492 .)
مطلب ته پاڻ صحابه ڪرام جي عمل ، رات جي قيام ،تهجد ۽ الله تعاليٰ کان ڊڄڻ جا مثال بيان ڪيائون ۽ تمام گهڻي تعريف ڪيائون .
نوٽ: اهڙين لفظن سان هڪ روايت شيعه مذهب جي ڪتاب نهج البلاغة (خطبه :95) ۾ پڻ موجود آهي . وڌيڪ ڏسندا ڪتاب عظمت صحابه از پروفيسر محمد جمن ڪنڀر ص 98)
سيدنا سعيد بن زيد رضي الله عنه فرمايو:
لَمَشْهَدُ رَجُلٍ مِنْهُمْ مَعَ رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ، يُغَبَّرُ فِيهِ وَجْهُهُ ؛ خَيْرٌ مِنْ عَمَلِ أَحَدِكُمْ عُمُرَهُ، وَلَوْ عُمِّرَ عُمُرَ نُوحٍ.(سنن ابوداؤد: 4650)
بيشڪ صحابه ڪرام مان ڪنهن هڪ جو رسول الله صلي الله عليه وسلم سان گڏ ايتري دير ميدان جهاد ۾ بيهڻ جو سندس چهري تي لَٽَ پيئي توهان جي سڄي زندگي جي عملن کان گهڻو ڀلو آهي جيتوڻيڪ توهان کي نوح عليه السلام واري عمر ڇونه ڏني وڃي.
سيدنا عبدالله بن عمر رضي الله عنهما فرمائيندا هئا :
لَا تَسُبُّوا أَصْحَابَ مُحَمَّدٍ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ ؛ فَلَمُقَامُ أَحَدِهِمْ سَاعَةً خَيْرٌ مِنْ عَمَلِ أَحَدِكُمْ عُمْرَهُ. (سنن ابن ماجة:162)
محمد صلي الله عليه وسلم جن جي صحابه کي گهٽ وڌ نه ڳالهايو ڇوته انهن مان ڪنهن شخص جو صرف هڪ گهڙي نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم سان گڏ رهڻ توهان جي پوري عمر جي نيڪ عمل کان وڌيڪ ڀلو آهي.
مشهور تابعي ميمون بن مهران رحمه الله فرمايو
ثلاث ارفضوهن: سب اصحاب محمد صلي الله عليه وسلم، والنظر في النجوم، والنظر في القدر.
ٽن ڪمن کي سدائين لاءِ ڇڏي ڏيو : محمد رسول الله صلي الله عليه وسلم جي صحابه کي برو چوڻ ، نجومين جي تصديق ڪرڻ ۽ تقدير جو انڪار ڪرڻ . (فضائل الصحابة للامام احمد بن حنبل : رقم 19 ، 1739)
امام عوام بن حوشب ۽ شهاب حراش رحمهم الله کان مختلف لفظن سان منقول آهي ته :
ادرکت من ادرکت من صدور هذه الامة، وهم يقولون: اذکروا من محاسن اصحاب رسول الله صلي الله عليه وسلم ما تاتلف عليه القلوب، ولا تذکروا الذي شجر بينهم فتحرشوا عليهم الناس. (ميزان الاعتدال : 3750 .الڪامل لابن عدي . الشريعة للآجري:1981.جامع بيان العلم وفضله :2197. السنة للخلال )
هن امت جا پهريان (خير القرون وارا صحابه ،تابعي، تبع تابعي) فرمائيندا هئا ته : ماڻهن جي سامهون رسول الله صلي الله عليه وسلم جي صحابه جون نيڪيون بيان ڪندا ڪريو ۽ سندن اجتهادي اختلاف ۽ جهڳڙا بيان ڪري ماڻهن کي سندن خلاف نه ڀڙڪايو .
امام مالڪ رحمه الله فرمايو: من اصبح في قلبه غيظ علي احد من اصحاب رسول الله صلي الله عليه وسلم فقد اصابته الآية.
جيڪو ماڻهو اهڙي حالت ۾ صبح ڪري جو سندس دل ۾ ڪنهن به صحابي خلاف ڪا ڪاوڙ (نفرت ، بغض ۽ حسد) موجود هجي ته هن آيت (الفتح :29) ۾ ذڪر ٿيل وعيد ان تي لاڳو ٿيندي . (حلية الاولياء ج 6 ص 327 ، شرح السنة للبغوي ج 1ص 22)
امام ابو ذرعه رحمه الله فرمايو : جيڪو ماڻهو صحابه ڪرام جي تنقيص ڪري ٿو اهو زنديق يعني سخت گمراهه آهي .(تاريخ بغداد 38/132 والکفاية /97 ).

0 تبصره :

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔