Menu Bar

Drop Down MenusCSS Drop Down MenuPure CSS Dropdown Menu

نيوز ٽڪر

قادياني اسلام ۽ پاڪستان جا مجرم ***ابوعمير حزب الله بلوچ

پاڻيءَ جي نعمت خطاب : فضيلة الشيخ ذوالفقار علي طاهر رحمھ الله

Monday, October 29, 2018

قادياني اسلام ۽ پاڪستان جا مجرم آهن

تحرير: ابوعمير حزب الله بلوچ
ڪجهه ڏينهن کان ملڪي ميڊيا ۾ هڪ خاص واقعي جي تناظر ۾ مرزا غلام قادياني جي پوئلڳن جي باري ۾ بحث مباحثو عروج تي آهي ، قادياني الله رب العالمين جي پسند ڪيل دين اسلام ۽ اسان جي پياري وطن پاڪستان جا بدترين ڏوهاري آهن ، اها رڳو دعويٰ ناهي بلڪه روز روشن وانگر چٽي حقيقت آهي.
قادياني مرزا غلام قادياني کي سندن نزديڪ “ظلي“ بروزي “ يا ڪنهن به حيثيت ۾ نبي، رسول ۽ پنهنجو رهبر ، رهنما يا چڱو مڙس تسليم ڪندا آهن ۽ سندس ڳڻ
ڳائيندي نه ٿڪبا آهن .
جڏهن ته ختم نبوت وارو عقيدو اسلام جي بنيادي عقيدن مان اهڙو اهم ترين عقيدو آهي جو ان جي دفاع لاءِ مسيلمه ڪذاب (نبوت جي دعويٰ ڪندڙ) جي خلاف جنگ يمامه واري ڏينهن ستر(70) صحابه ڪرام رضي الله عنهم پنهنجي قيمتي جانين جو نذرانو پيش ڪيو. (صحيح بخاري : 4078)
ختم نبوت جا ڪجهه دليل هيٺ ذڪر ڪجن ٿا .
الله تعاليٰ جو فرمان آهي :
  (مَا كَانَ مُحَمَّدٌ أَبَا أَحَدٍ مِنْ رِجَالِكُمْ وَلَٰكِنْ رَسُولَ اللَّهِ وَخَاتَمَ النَّبِيِّينَ ۗ وَكَانَ اللَّهُ بِكُلِّ شَيْءٍ عَلِيمًا( ]سورة اﻷحزاب 40[
محمد (ﷺ) توهان مردن مان ڪنهن جو به پيءُ ناهي بلڪه الله جو رسول ۽ سڀني نبين جي پڇاڙي ۾ ايندڙ (خاتم النبيين يعني آخري نبي) آهي .
  اَلْيَوْمَ أَكْمَلْتُ لَكُمْ دِينَكُمْ وَأَتْمَمْتُ عَلَيْكُمْ نِعْمَتِي وَرَضِيتُ لَكُمُ الْإِسْلَامَ دِينًا ۚ (المائدة 3)
اڄ مون اوھان جو دين اوھان لاءِ مڪمل(پورو) ڪري ڇڏيو ۽ اوھان تي پنھنجي نعمت پوري ڪيم ۽ اوھان لاءِ دين اسلام پسند ڪيم .
نبي ڪريم ﷺ جن جا ڪجهه فرمان آهن ته:
  لَا نُبُوَّةَ بَعْدِي (صحيح مسلم:2404)
  وَأَنَا الْعَاقِبُ الَّذِي لَيْسَ بَعْدِي نَبِيٌّ( جامع ترمذي : 2840)
  كَانَتْ بَنُو إِسْرَائِيلَ تَسُوسُهُمُ الْأَنْبِيَاءُ، كُلَّمَا هَلَكَ نَبِيٌّ خَلَفَهُ نَبِيٌّ، وَإِنَّهُ لَا نَبِيَّ بَعْدِي.(صحيح بخاري : 3455)
  وَاَنَا الْمُقَفّيٰ (صحيح ابن حبان : 7162)
  وَأَنَا آخِرُ الْأَنْبِيَاءِ،وَأَنْتُمْ آخِرُ الْأُمَمِ (سنن ابن ماجة : 4077. صحيح مسلم : 1394)
  .....فَأَنَا اللَّبِنَةُ وَأَنَا خَاتِمُ النَّبِيِّينَ . (صحيح بخاري : 3535)
  لَوْ كَانَ بَعْدِي نَبِيٌّ لَكَانَ عُمَرَ بْنَ الْخَطَّابِ (جامع ترمذي : 3686)
  وَأُرْسِلْتُ إِلَى الْخَلْقِ كَافَّةً، وَخُتِمَ بِيَ النَّبِيُّونَ. (صحيح مسلم : 52)
ذَهَبَتِ النُّبُوَّةُ وَبَقِيَتِ الْمُبَشِّرَاتُ ( سنن ابن ماجة : 3896)
  إِنَّ الرِّسَالَةَ وَالنُّبُوَّةَ قَدِ انْقَطَعَتْ، فَلَا رَسُولَ بَعْدِي وَلَا نَبِيَّ .( جامع ترمذي: 2272)
  فَأَنَا مَوْضِعُ اللَّبِنَةِ، جِئْتُ فَخَتَمْتُ الْأَنْبِيَاءَ. (صحيح مسلم: 2287)
  فَإِنِّي آخِرُ الْأَنْبِيَاءِ، وَإِنَّ مَسْجِدِي آخِرُ الْمَسَاجِدِ. (صحيح مسلم: 1394)
  وَإِنَّهُ سَيَكُونُ فِي أُمَّتِي ثَلَاثُونَ كَذَّابُونَ، كُلُّهُمْ يَزْعُمُ أَنَّهُ نَبِيٌّ، وَأَنَا خَاتَمُ النَّبِيِّينَ لَا نَبِيَّ بَعْدِي. (جامع ترمذي : 2219)
  نَحْنُ الْآخِرُونَ السَّابِقُونَ يَوْمَ الْقِيَامَةِ .(صحيح بخاري:896)
  إِنِّي عِنْدَ اللَّهِ فِي أُمِّ الْكِتَابِ لَخَاتَمُ النَّبِيِّينَ، وَإِنَّ آدَمَ لَمُنْجَدِلٌ فِي طِينَتِهِ. (مسنداحمد : 17163. صحيح ابن حبان : 6404. صححه الالباني مشكاة : 5759)
مفهوم هيءُ آهي ته : آئون آخري نبي ۽ رسول آهيان مون کان پوءِ نبوت ۽ رسالت جو سلسلو بلڪل ختم ٿي چڪو آهي ڪا به نبوت ، رسالت ۽ ڪو به نبي يا رسول مون کان پوءِ ناهي اچڻو ، آؤن سڀني(نبين) کان آخر ۾ آيو آهيان ، مون کان پوءِ جيڪڏهن ڪو نبي اچڻو هجي ها ته اهو عمر بن الخطاب (رضي الله عنه) هجي ها ، آؤن نبوت جي سلسلي جي اها آخري سِرَ آهيان جيڪا الله تعاليٰ قائم ڪري ڇڏي آهي ، منهنجي مسجد (نبوي) ڪنهن نبي جي هٿان تعمير ٿيندڙ آخري مسجد آهي ۽ توهان آخري امت آهيو ، توهان کان پوءِ ٻي ڪا به امت ناهي، منهنجي امت ۾ ٽيهه(30) اهڙا ڪوڙا ، دجال يعني وڏا ڌوڪيباز پيدا ٿيندا جيڪي نبوت جي دعويٰ ڪندا پر ياد رکو ته آؤن خاتم النبيين آهيان مون کان پوءِ ڪو به نبي نه ايندو . رسول الله عليه وسلم جي وفات کان پوءِ سيدنا ابوبڪر ، سيدنا عمر ۽ سيده ام ايمن رضي الله عنهم ان ڳالهه تي روئي رهيا هئا ته : أَنَّ الْوَحْيَ قَدِ انْقَطَعَ مِنَ السَّمَاءِ. هاڻي آسمان مان وحي اچڻ جو سلسلو بند ٿي ويو!.(صحيح مسلم: 2454)
پڙهندڙ دوستو مٿي ذڪر ڪيل قرآن ۽ حديث جي دليلن جي ابتڙ مرزا غلام قادياني نبوت ۽ رسالت جي دعويٰ ڪئي ۽ ان جا پوئلڳ کيس نبي مڃين ٿا .
مرزا لکي ٿو : سچو خدا اهو ئي آهي جنهن قاديان ۾ پنهنجو رسول موڪليو . (دافع البلاء ص 11)
چيائين ته : نبي جي نالي لاءِ مون کي خاص ڪيو ويو.(حقيقة الوحي ص 39)
آئون رسول ۽ نبي به آهيان. مون کي موڪليو ويو آهي ، ۽ خدا طرفان غيب جون خبرون ڏنيون وڃن ٿيون. (روحاني خزائن : ج 18 ص 211، غلطي ڪا ازاله ص 7 )
ان باري ۾ ٻيا ڪيترا ئي حوالا پڻ آهن .
ان ڪري مرزا غلام ۽ سندس پوئلڳ اسلام جا مجرم آهن ڇو ته هو ختم نبوت جي عقيدي جا انڪاري آهن.
ان کان سواءِ اهو نامعقول شخص الله تعاليٰ ، سندس رسولن عليهم السلام ، صحابه ڪرام رضي الله عنهم جون گستاخيون ڪندو رهيو ۽ مسلمان عالمن يا عام ماڻهن کي گاريون ڏيندو ۽ لعنتون وجهندو رهيو . هيٺ انجو صرف اجمالي خاڪو ذڪر ڪجي ٿو .
الله تعاليٰ جي باري لکي ٿو : هاٿي ڏند ، بجلي ، خدا جاڳندو ، سمهندو نماز پڙهندو ۽ روزا رکندو آهي . غلطي ڪندو آهي، خدا قاديان ۾ نازل ٿيندو. (براهين احمديه ج 2 ص 555. ، البشريٰ 2/79).
خدا مرزا جو نالو وٺندي شرمائي ٿو. مرزا پاڻ کي الله تعاليٰ جي اولاد سمجهي ٿو. پاڻ لاءِ الله تعاليٰ واريون وصفون : “فعال لما يريد ، ڪن فيڪون“ لکي ٿو.
۽ مرزا پاڻ کي سڀني نبين کان افضل قرار ڏئي ٿو، سيدنا آدم ، نوح ، موسيٰ ۽ يوسف عليهم السلام جا نالا وٺي پاڻ کي انهن کان افضل سمجهي ٿو . چوي ٿو ته نبي ﷺ کي ٽي هزار معجزا ڏنا ويا ۽ خود مرزا کي ٽي لک بلڪه ڇهه لک کان به وڌيڪ .
(حقيقة الوحي ص 67. 89 . 107 .356. براهين احمديه 5/76.82)
سيده مريم سلام الله عليها جي عفت ۽ عصمت تي ناقابل بيان حملا ۽ سيدنا عيسيٰ عليه السلام جي شان ۾ بدترين گستاخيون ۽ پاڻ کي ان کان افضل قرار ڏنو اٿس . سيدنا عيسيٰ عليه السلام کي سڀني کان وڌيڪ تنقيد جو نشانو بڻايو اٿس.(ايام صلح ص 65. چشمه مسيحي ص 49 دافع البلاء ص 10 ازاله اوهام ص 69 . 158)سيدنا علي، سيده فاطمه، سيدنا حسن ۽ سيدنا حسين رضي الله عنهم جي شان ۾ پڻ گستاخيون ڪيون اٿس.(نعوذبالله من ذالڪ)
پڙهندڙ دوستو مرزا غلام ۽ سندس فڪري غلامن جون اڃان اڻ ڳڻيون اهڙيون عبارتون به آهن جن کي هتي لکڻ کان تهذيب ، شرم ۽ حياءُ رڪاوٽ آهي . وڌيڪ تفصيل ۽ حوالن لاءِ ڏسندا : (قاديانيت اپني آئيني ۾ از علامه صفي الرحمان مبارڪپوري رحمه الله)
مرزائي ، قادياني ٽولو نه صرف اسلام بلڪه اسلام جي نالي تي حاصل ڪيل پياري وطن پاڪستان جو پڻ مجرم ۽ غدار آهي ، ڇوته پاڪستان جي آئين مطابق قادياني غيرمسلم آهن، اهي پاڻ کي مسلمان نه ٿا چئي سگهن ، پنهنجي عبادت خاني جو نالو مسجد نه رکندا ، پنهنجي صدا کي اذان ۽ عبادت کي نماز ، روزي وغيره جو نالو نه ڏيندا ، پنهنجي مذهب جي تبليغ نه ڪندا وغيره ، ان پاڪستاني فيصلي کي باقي اسلامي دنيا پڻ قبول ڪيو ۽ اهڙي طرح قاديانين جي ڪفر تي سڀني مسلمانن جو اجماع ٿي ويو ، پر قادياني پاڪستان جي ان آئين ۽ قانون کي تسليم ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن ، مٿي ذڪر ڪيل سڀني شين جو کليو انڪار ڪن ٿا ، پاڻ کي مسلمان سڏرائڻ تي اصرار ڪن ٿا ، بلڪه ان جي ابتڙ صرف پاڻ کي ئي مسلمان سمجهن ٿا ۽ ٻين سڀني مسلمانن کي ڪافر قرار ڏين ٿا ،
جناب قائد محمد علي جناح جي مسلمان هجڻ جي ڪري “سر“ چوڌري ظفر الله خان سندس جنازي نماز به نه پڙهي هئي ڇوته هو پڪو قادياني هيو .
  1974ع ۾ جڏهن پاڪستان جي قومي اسمبلي ۾ قاديانين جي باري ۾ بحث مباحثو جاري هيو ان موقعي تي قادياني “خليفي“ مرزا ناصر چيو هيو ته : هُن جي نزديڪ هِتي موجود اسمبلي جا سڀيئي ميمبر ، ۽ قاديانين کان سواءِ باقي ملڪ جي پوري عوام پڻ ڪافر آهي .
  پاڪستاني اسمبلي طرفان متفقه طور قاديانين کي غيرمسلم قرار ڏيڻ واري تاريخي فيصلي خلاف احتجاج ڪندي فزڪس ۾ نوبل ايوارڊ حاصل ڪندڙ ان وقت جي وزير اعظم پاڪستان جي سائنسي مشير قادياني ڊاڪٽر عبدالسلام پنهنجي عهدي تان استعفيٰ ڏئي ملڪ ڇڏي روانو ٿيو هيو .
تاريخ شاهد آهي ته قادياني هميشه مسلمانن ۽ پاڪستان جي دشمنن آمريڪا ، ڀارت ۽ خاص طور اسرائيل سان ٻانهن ٻيلي نظر اچن ٿا ، سوشل ميڊيا ، يوٽيوب ، فيس بوڪ وغيره تي قادياني اڳواڻن جون اهڙيون وڊيوز ۽ بيان پڻ موجود آهن .
  اسلام ۽ پاڪستان سان ايترين ويساگهاتين کان پوءِ قاديانين کي اسلام ۽ پاڪستان جو خير خواهه ڪيئن ٿو قرار ڏئي سگهجي !!!
پر وڌيڪ افسوس ته ملڪ جي لبرل ۽ روشن خيال سڏائيندڙ طبقي تي آهي، جو هو ايترين پڌرين حقيقتن جي باوجود قاديانين جي حمايت لاءِ سندرو ٻڌي بيٺو آهي .
ٽي وي واري اسڪالر جاويد احمد غامدي جو چوڻ آهي ته : “جيڪو شخص پنهنجي زبان سان چوي ته آئون مسلمان آهيان ته پوءِ مون کي ڪو به حق ناهي جو آئون ان کي ڪافر چوان“ !!، ۽ سندس ٻڌندڙ حواري خوش ٿي تاڙيون وڄائين ٿا .(هيءَ سندس قاديانين سان ڳجهي همدردي آهي) پر سوال ٿو پيدا ٿئي ته پوءِ مسيلمه ڪذاب جو ڪهڙو ڏوهه هيو جو ان خلاف جنگ ڪئي ويئي ۽ ستر صحابه ڪرام شهيد ٿيا ،جڏهن ته مسيلمه نه ته اسلام جو انڪار ڪيو ۽ نه ئي هو نبي ڪريم ﷺ جي نبوت ۽ رسالت جو انڪاري هيو، بلڪه هن جي دعويٰ هئي ته هو رڳو شريڪ نبي آهي، جڏهن ته مرزا غلام مسيلمه کان وڏو ڏوهاري آهي، غامدي صاحب جيڪڏهن ان وقت هجي ها ته مسيلمه ڪذاب جي بچاءَ جي ڪا راهه ضرور ڳولهي لهي ها !!
***

0 تبصره :

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔