Menu Bar

Drop Down MenusCSS Drop Down MenuPure CSS Dropdown Menu

نيوز ٽڪر

قادياني اسلام ۽ پاڪستان جا مجرم ***ابوعمير حزب الله بلوچ

پاڻيءَ جي نعمت خطاب : فضيلة الشيخ ذوالفقار علي طاهر رحمھ الله

Sunday, November 18, 2018

اهي عمل جن جو ثواب حج ۽ عمري جي برابر آهي . الشيخ مقبول احمد سلفي


سنڌيڪار : محمد سليمان جمالي
قارئين ڪرام ! الله رب العالمين پنهنجي محبوب محمد ﷺ جي ذريعي اسان کي ڪجهه اهڙا عمل ٻڌايا آھن جيڪي ڪرڻ جي حساب سان تہ معمولي آھن پر اجر جي حساب سان ميزان حسنات ۾ حج ۽ عمري جي برابر آھن .
هيٺ رسول ﷺ جي فرامين جي روشني ۾ ڪجهه اهڙا عمل بيان ڪجن ٿا جن جي ڪرڻ سان حج ۽ عمري جو ثواب ملي ٿو .
فجر جي نماز جماعت سان پڙھي سج اڀرڻ تائين اتي ويهڻ ۽ پوء اتي ٻه رڪعت
پڙھڻ
سيدنا انس بن مالڪ رضي الله عنه کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ جن فرمايو :
مَنْ صَلَّى الْغَدَاةَ فِي جَمَاعَةٍ ثُمَّ قَعَدَ يَذْكُرُ اللهَ حَتَّى تَطْلُعَ الشَّمْسُ ثُمَّ صَلَّى رَكْعَتَيْنِ كَانَتْ لَهُ كَاَجْرِ حَجَّةٍ وَعُمْرَةٍ قَالَ:‏‏‏‏ قَالَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ :‏‏‏‏ تَامَّةٍ تَامَّةٍ تَامَّةٍ .
جنهن ماڻھو فجر جي نماز جماعت سان پڙھي ۽ پوء اتي ويهي الله جو ذڪر ڪندو رهيو ايسيتائين جو سج اڀري ويو ، پوء ٻه رڪعت نماز پڙھيائين ته اهڙي ماڻھو لاء ھڪ حج ۽ هڪ عمري جو ثواب آھي . راوي چوي ٿو : رسول الله ﷺ جن فرمايو : پوري پوري ۽ پوري حج ۽ عمري جو ثواب آهي . (سنن ترمذي :586)
هڪ ٻي روايت جا لفظ آھن :
مَنْ صَلَّى صَلَاةَ الصُّبْحِ فِي جَمَاعَةٍ، ثُمّ ثَبَتَ حتي يُسَبِّحُ اللهَ سُبْحَةَ الضُّحَى، كَانَ لَهُ كَاَجْرِ حَاجٍّ وَمُعْتَمِرٍ تَامًّا لَهُ حَجَّتُهُ وَعُمْرَتُهُ .
جنهن ماڻھو فجر جي نماز جماعت سان پڙھي ۽ پوء اتي ترسي پيو ايسيتائين جو هن چاشت جي نماز پڙھي ته ان لاء حج ۽ عمري جو ثواب آهي يعني ڪامل حج ۽ عمري جو ثواب .
(صحيح الترغيب والترهيب : 469)
جماعت سان نماز پڙھڻ لاء وڃڻ ۽ نفل نماز پڙھڻ لاء وڃڻ
سيدنا ابو امامه رضي الله عنه کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ جن فرمايو :
مَنْ مَشَىٰ إِلَى صَلَاةٍ مَكْتُوبَةٍ فِي الْجَمَاعَةِ، فَهِيَ كَحَجَّةٍ، وَمَنْ مَشَىٰ إِلَى صَلَاةِ تَطَوُّعٍ في رواية أبي داود ـ أي صلاة الضحى ـ فَهِي كَعُمْرَةٍ تَامَّةٍ .
جيڪو ماڻھو جماعت سان فرض نماز پڙھڻ لاء نڪري ٿو ته ان جو ثواب حج جي برابر آھي ۽ جيڪو شخص نفل نماز پڙھڻ لاء نڪري ٿو ، ابو داؤد جي روايت ۾ آھي چاشت جي نماز لاء نڪري ٿو ته ان کي ڪامل عمري جو ثواب ملي ٿو . (صحيح الجامع الصغير : 6556)
نماز کان پوء ذڪر و اذڪار ڪرڻ
سيدنا ابوهريره رضي الله عنه کان روايت آهي ته :
جَاءَ الْفُقَرَاءُ إِلَى النَّبِيِّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ، ‏‏‏‏‏‏فَقَالُوا :‏‏‏‏ ذَهَبَ أَهْلُ الدُّثُورِ مِنَ الْأَمْوَالِ بِالدَّرَجَاتِ الْعُلَا وَالنَّعِيمِ الْمُقِيمِ، ‏‏‏‏‏‏يُصَلُّونَ كَمَا نُصَلِّي وَيَصُومُونَ كَمَا نَصُومُ، ‏‏‏‏‏‏وَلَهُمْ فَضْلٌ مِنْ أَمْوَالٍ يَحُجُّونَ بِهَا وَيَعْتَمِرُونَ وَيُجَاهِدُونَ وَيَتَصَدَّقُونَ، ‏‏‏‏‏‏قَالَ :‏‏‏‏ أَلَا أُحَدِّثُكُمْ بِأَمْرٍ إِنْ أَخَذْتُمْ بِهِ أَدْرَكْتُمْ مَنْ سَبَقَكُمْ وَلَمْ يُدْرِكْكُمْ أَحَدٌ بَعْدَكُمْ وَكُنْتُمْ خَيْرَ مَنْ أَنْتُمْ بَيْنَ ظَهْرَانَيْهِ، ‏‏‏‏‏‏إِلَّا مَنْ عَمِلَ مِثْلَهُ تُسَبِّحُونَ وَتَحْمَدُونَ وَتُكَبِّرُونَ خَلْفَ كُلِّ صَلَاةٍ ثَلَاثًا وَثَلَاثِينَ، ‏‏‏‏‏‏.
نبي ﷺ وٽ غريب مسڪين صحابي آيا ۽ اچي ڪري عرض ڪيائون : اي الله جا رسول مال وارا ماڻھو ته بلند مقام ۽ جنت کڻي ويا ، اهي نماز پڙھن ٿا جيئن اسان پڙھون ٿا ، اهي روزا رکن ٿا جيئن اسان رکون ٿا ، هنن کي مال جي ڪري فضيلت آهي . اهي ان سان حج ڪن ٿا ، عمرا ڪن ٿا ، جهاد ڪن ٿا ۽ صدقو خيرات ڪن ٿا . پاڻ سڳورن ﷺ فرمايو : ڇا مان اوهان کي اهڙي ڳالهه نه ٻڌايان جنهن سان اوهان پاڻ کان سبقت ڪرڻ وارن کي پهچي وڃو ۽ توهان کان پوء ڪو اوهان کي نه پهچي سگهي ؟ ۽ اوهان پنهنجي وچ ۾ سڀ کان ڀلا بڻجي وڃو ؟ سواء انجي جيڪو اهڙا عمل ڪري . اهو هيءُ ته توهان هر نماز کان پوء ٽيٽيهه دفعه سبحان الله ، ٽيٽيهه دفعه الحمدلله ۽ ٽيٽيهه دفعه الله اڪبر چئو . (صحيح بخاري : 843)
رمضان ۾ عمرو ڪرڻ
رمضان ۾ عمرو ڪرڻ حج جي برابر آهي يعني رمضان ۾ عمري ڪرڻ واري شخص کي حج جو ثواب ملي ٿو . نبي ﷺ هڪ انصاري عورت کي فرمايو :
فَإِذَا جَاءَ رَمَضَانُ فَاعْتَمِرِي، فَإِنَّ عُمْرَةً فِيهِ تَعْدِلُ حَـجَّةً.
جڏھن رمضان اچي ته عمرو ڪري وٺ ، ڇو ته رمضان ۾ عمرو حج جي برابر آهي . (صحيح مسلم : 1256)
هڪ ٻي صحيح حديث ۾ اچي ٿو ته رمضان ۾ عمرو ڪرڻ نبي ﷺ سان گڏ حج ڪرڻ جي برابر آھي ، صحيح ابن خزيمه ۽ ابوداؤد وغيره ۾ مروي آھي ته هڪ عورت پنهنجي مڙس کان کين رسول الله ﷺ سان گڏ حج ڪرائڻ جي گهر ڪري ٿي . ان حديث ۾ اڳيان اچي ٿو ته :
وإنَّها أمرَتْني أن أسألَك ما يعدِلُ حجَّةً معَكَ فقالَ رسولُ اللَّهِ صلَّى اللَّهُ عليهِ وسلَّمَ أقرِئها السَّلامَ ورحمةَ اللَّهِ وبرَكاتِه وأخبِرْها أنَّها تعدِلُ حجَّةً معي يَعني عُمرةً في رَمضانَ
هن مرد نبي ﷺ کي چيو : هن عورت يعني منهنجي گهر واري مون کي چيو : مان اوهان کان پڇان ته ڪهڙو عمل ، اوهان سان حج جي برابر آھي ؟ نبي ﷺ جن فرمايو : هن کي منهنجي طرفان اسلام عليڪم ورحمة الله وبرڪاته چوجان ۽ هن کي ٻڌائجان ته رمضان ۾ عمرو ڪرڻ مون سان گڏ حج ڪرڻ جي برابر آھي . (صحيح أبي داود : 1990)
مسجد جي علمي مجلسن ۾ شريڪ ٿيڻ
سيدنا ابو امامه رضي الله عنه کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ جن فرمايو :
مَنْ غَدَا إِلَى الْمَسْجِدِ لَا يُرِيدُ إِلَّا أَنْ يَتَعَلَّمَ خَيْرًا أَوْ يَعْلَمَهُ، كَانَ لَهُ كَاَجْرِ حَاجٍّ تَامًّا حِجَّتُهُ .
جيڪو ماڻھو علم حاصل ڪرڻ يا ٻي کي علم ڏيڻ لاء مسجد ڏانهن نڪري ٿو ته ان لاء ڪامل حج ۽ عمري جو ثواب آھي . (صحيح الترغيب والترهيب : 86)
والدين سان سهڻو سلوڪ ڪرڻ
سيدنا ابوهريره رضي الله عنه کان روايت آهي ته :
أن رجلا جاء إِلَى رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ و قَالَ : إِنِّي أَشْتَهِي الْجِهَادَ وَلَا أَقْدِرُ عَلَيْهِ ، قَالَ : هَلْ بَقِيَ مِنْ وَالِدَيْكَ أَحَدٌ ؟ قَالَ : أُمِّي ، قَالَ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ : فَأَبْلِ اللَّهَ فِي بِرِّهَا ، فَإِنْ فَعَلْتَ فَأَنْتَ حَاجٌّ وَمُعْتَمِرٌ وَمُجَاهِدٌ .
هڪڙو ماڻھو رسول الله ﷺ وٽ آيو ۽ عرض ڪيائين ته : آئون جهاد ڪرڻ چاهيان ٿو پر انجي طاقت نٿو رکان . رسول الله ﷺ جن فرمايو : ڇا تنهنجي ماء پيء مان ڪو جيئرو آھي ؟ هن جواب ڏنو : جي ! منهنجي ماء زنده آھي . پاڻ سڳورنﷺ فرمايو : تون هن جي خدمت ڪر ، جي تو ايئن ڪيو ته تون حاجي ، معتمر ۽ مجاهد آھين .
بوصيري چوي ٿو ابو يعلي ۽ طبرانيء هن کي جيد سند سان روايت ڪيو آهي . ( اتحاف الخيره : 5/474 )
عراقيء تخريج الاحياء ۾ حسن ۽ منذريء الترغيب والترهيب ۾ جيد چيو آھي .
مسجد قباء ۾ نماز پڙھڻ
جيڪو شخص مسجد نبوي جي زيارت ڪري ان لاء مسنون آهي ته هو مسجد قباء جي به زيارت ڪري ، ۽ هن ۾ ٻه رڪعت نماز پڙھي ، ڇو جو رسول الله ﷺ هر ڇنڇر جي ڏينهن مسجد قباء جي زيارت ڪندا هئا ۽ هتي ٻه رڪعتون نماز پڙھندا هئا .
سندن فرمان آھي :
من تطَهَّرَ في بيتِهِ , ثمَّ أتى مسجدَ قباءٍ ، فصلَّى فيهِ صلاةً ، كانَ لَهُ كاَجرِ عمرةٍ.
جيڪو شخص پنهنجي گهر ۾ وضو ڪري ، پوء مسجد قباء اچي نماز پڙھي ته ان لاء عمري جو ثواب آھي .(صحيح ابن ماجه : 1168)
مختصر لفظن سان هڪ روايت هن طرح به آئي آھي ته : الصَّلاةُ في مسجدِ قُباءَ كعُمرةٍ .
مسجد قباء ۾ نماز عمري جي برابر آھي . (صحيح الترمذي : 324)
ياد رهي ته ڪنهن ٻي ملڪ مان خاص مسجد قباء جي زيارت لاء اچڻ جو حڪم ناهي ، بلڪي اهي ماڻھو جيڪي مدينه منوره ۾ رهندا هجن يا ٻاهران جيڪي ماڻھو مديني ۾ مسجد نبوي جي زيارت ڪرڻ آيا هجن ته اهي مديني ۾ رهندي اهو فائدو حاصل ڪري سگهن ٿا .
حاجي جي سفر جو سامان تيار ڪرڻ ، يا هن جي گهر وارن جو خيال رکڻ
نبي ﷺ جن جو فرمان آهي :
من جهَّز غازيًا ، أو جهزحاجًّا ، أوخلَفه في أهلِه ، أوفطَّر صائمًا ؛ كان له مثلُ أجورِهم ، من غير أن ينقصَ من أجورِهم شيءٌ
جنهن ماڻھو ڪنهن غازي جي سفر جو سامان تيار ڪيو يا ڪنهن حاجي جي سفر جو سامان تيار ڪيو يا ان جي گهر وارن جو خيال رکيو يا ڪنهن روزيدار کي افطار ڪرايو ته ان لاء به انهن جيترو اجر آھي ۽ انهن يعني غازي ، حاجي ، ۽ روزيدار جي اجر مان ڪا ڪمي ڪون ڪئي ويندي . (صحيح الترغيب:1078)
هڪ ضروري وضاحت
قارئين ڪرام ! هتي هڪ وضاحت ڪجي ٿي ته اسان مٿي جيڪي حديثون بيان ڪري آيا آھيون اهي الحمدلله سڀ سند جي حساب سان صحيح آھن انهن تي عمل ڪري اسان الله تعالي کان حج ۽ عمري جي ثواب جو اميد رکي سگهون ٿا .
جڏھن ته انهي موضوع تي جيڪي ٻيون روايتون اچن ٿيون اهي سڀ ضعيف يا موضوع آھن.
مثلاً :
✿ جمعي واري مسجد ۾ فرض پڙھڻ حج مبرور ۽ نفل پڙھڻ حج مقبول برابر آھي
✿ مسجد نبوي ۾ نماز پڙھڻ حج جي برابر آھي .
✿ ماءُ جي قبر جي زيارت عمري جي برابر آھي .
✿ رمضان ۾ ڏهن ڏينهن جو اعتڪاف ٻه حج ۽ ٻن عمرن جي برابر آھي .
✿ جنهن ماڻھو مسجد کي صاف ڪيو ان لاء چار سئو حج جو ثواب آھي .
✿ جيڪو ماڻھو صبح شام سئو دفعه تسبيح پڙھي ان لاء سئو حج جو ثواب آھي .
✿ جيڪو پنهنجي ڀاء جي مدد ڪري ان لاء حج ۽ عمري جو ثواب آھي .
✿ جنهن ماڻھو فجر جي نماز جماعت سان پڙھي انهيء ڄڻ آدم عليه السلام سان گڏ پنجاه دفعه حج ڪيو .
✿ عرفات جي ڏينهن جمعو هجڻ ستر حج کان افضل آھي .
✿ اهل بيت جي قبرن جي زيارت ڪرڻ حج جي برابر آھي .
✿ الله جي رستي ۾ هڪ گهڙي پنجاهه يا ستر حج کان افضل آھي .
✿ والدين جي چهري ڏانهن نظر رحمت سان ڏسڻ حج مقبول و مبرور جي برابر آهي .
✿ سورت حج جي تلاوت ڪرڻ سان حاجين جي تعداد برابر ثواب آھي .
✿ مغرب کان پوء چار رڪعت نماز ادا ڪرڻ حج جي برابر آهي .
✿ جيڪو حج جي رستي تي مري ويو انکي هر سال حج جو ثواب ملي ٿو .
✿ جنهن ماڻھو سورت ياسين پڙھي ان لاء ويهه حج جو ثواب آھي .
✿ جنهن مغرب جي نماز جماعت سان پڙھي ان لاء حج مقبول ۽ عمره مقبول جو ثواب آھي .
ان قسم جون ٻيون به ڪافي روايتون اچن ٿيون جن منجهان ڪجهه ضعيف ۽ ڪجهه موضوع آھن

0 تبصره :

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔