Menu Bar

Drop Down MenusCSS Drop Down MenuPure CSS Dropdown Menu

نيوز ٽڪر

قادياني اسلام ۽ پاڪستان جا مجرم ***ابوعمير حزب الله بلوچ

پاڻيءَ جي نعمت خطاب : فضيلة الشيخ ذوالفقار علي طاهر رحمھ الله

Saturday, August 29, 2020

⭐ *گارين ۽ لعنتن وارو مذھب!*

 

شيعه مذهب ۾ گهٽ وڌ ڳالهائڻ گاريون ۽ لعنتون ڏيڻ باقاعده هڪ وڏي عبادت آھي انهي بنياد تي اهي صحابه ڪرام ۽ اهلسنت کي بد شد ڳالهائيندا رهندا آھن ، انهن وٽ گاريون ۽ لعنتون ڏيڻ درود شريف وانگر ضروري عبادت ۽ ثواب جو باعث آھي. 

⭐ جيئن معروف شيعو عالم ۽ فقيھ علي بن الحسين الڪرڪي العاملي (940ھ) لکيو آھي ته : 

اللعن قد يكون عبادة بالنسبة إلي مستحقيه كالصلاة فإنها عبادة بالنسبة إلي مستحقيها، وكما يترتب الثواب علي القسم الثاني كذا يترتب علي القسم الأول إذا وقع في محلة ابتغاءاً لوجه الله تعالی .


يعني لعنت جي حقدارن تي لعنتون ڪرڻ اهڙي طرح عبادت آھي جيئن درود ۽ سلام جي مستحقن تي درود ۽ سلام پڙھڻ هڪ عبادت آھي جهڙي طرح درود پڙھڻ ۾ ثواب ۽ الله تعاليٰ جي رضامندي آھي اهڙيءَ طرح الله جي خوشنودي حاصل ڪرڻ لاءِ لعنتون ڪرڻ (۽ گاريون ڏيڻ) ۾ ثواب ملي ٿو .   

📚 (نفحات اللاهوت في لعن الجبت والطاغوت ، ص 43 ، مکتبہ نینوی الحدیثیہ)


⭐ اهڙي طرح مشھور شيعه عالم الحسن بن سليمان الحلي العاملي (802ھ) لکي ٿو :

فثبت وجوب البراءة من أعداء آل محمد واللعن لهم كما ثبت وجوب الصلاة على محمد وآله (عليهم السلام).

آل محمد جي دشمنن (يعني صحابه) 

کان برائت جو اظھار ڪرڻ ۽ انهن تي لعنت ڪرڻ اهڙي طرح واجب ۽ ثابت آھي جهڙي طرح محمد ۽ آل محمد 

صلي الله عليه وسلم تي درود پڙھڻ واجب ۽ ثابت آھي. 

📚 (المحتضر فی تحقیق معاینة المحتضر للنبي والائمة : 149، مكتبة العلامة المجلسي)


⭐ اهڙي طرح شيعن رافضين جي مذھب ۾ نماز کان پوءِ جي ذڪر اذڪار ۾ لعنتون ڪرڻ به شامل ۽ مستحب آھي . ڏسندا : 

📚 (وسائل الشيعة، كتاب الصلاة، باب استحباب لعن أعداء الدين عقيب الصلاة بأسمائهم.... وانظر : مستدرک الوسائل ومستنبط المسائل : 5/ 60)


⭐ مشھور شيعو محقق ابوالقاسم الخوئي (1413ھ) لکي ٿو :

ثبت في الروايات والادعية والزيارات جواز لعن المخالفين، ووجوب البراءة منهم، وإكثار السب عليهم، واتهامهم، والوقيعة فيهم: أي غيبتهم، لانهم من أهل البدع والريب.

روايتن ۽ دعائن ۾ مخالفن تي لعنت ڪرڻ جائز ۽ ثابت آھي اهڙي طرح مخالفن کان اعلان برائت ڪرڻ ، ۽ دل کولي انهن کي گاريون ڏيڻ ، انهن مٿان خوب الزام ۽ تهمتون مڙھڻ ۽ گلا غيبت ڪرڻ فرض ۽ واجب آھي. 

📚(مصباح الفقاهة : 497، مطبوع ضمن موسوعۃ الخوئی، الجزء الخامس و الثلاثون)


⭐ اهي بدبخت پنهنجي انهن عبارتن ۽ غليظ نظرئي جي ثبوت لاءِ قرآن ۽ حديث ۾ جتي ڪافرن ۽ ظالمن تي لعنت ٿيل آھي انهن کي امت جي عظيم ترين ۽ افضل ترين ماڻھن صحابه ڪرام ۽ امهات المومنين کي گاريون ڏيڻ لاءِ دليل طور پيش ڪن ٿا . 

(ڏسندا: النفحات اللاھوت فی لعن الجبت و الطاغوت لمحقق الکرکی)


⭐ حقيقت ۾ رافضي شيعن پنهنجو اهو گارين ۽ لعنتن وارو مذھب ابن سبا يهودي کان اخذ ڪيو آھي جيئن معروف شيعو عالم ابو محمد حسن بن موسيٰ النوبختي (قبل 400ھ) لکي ٿو :

وكان ممن أظهر الطعنَ على أبي بكر وعمر وعثمان والصحابة وتبرأ منهم، وقال إن علياً عليه السلام أمره بذلك .


عبدالله بن سبا (يهودي سڀ کان پهرين) ابوبڪر ، عمر ، عثمان ۽ ٻين صحابه تي طعن ۽ برائت جي شروعات ڪئي ۽ چوندو هيو ته مون کي اهو ڪم ڪرڻ جو حڪم علي عليه السلام ڏنو آھي . 

📚 (فرق الشيعة : 44، نیز دیکھئے : تنقیح المقال للمامقانی وغیرہ)


⭐ اهو ان يهودي خبيث جو سيدنا علي رضي الله عنه مٿان سراسر بهتان ۽ نسورو ڪوڙ آھي حقيقت ۾ سيدنا علي رضي الله عنه ته خود ان ڪاري يهودي ابن سبا کان برائت جو اعلان ڪيو هيو . 

📚 (تاریخ الكبير لابن أبي خيثمة وغیرہ)


⭐ عبدالله بن عبدالرحمان الخرقي چوي ٿو : 

رافضين جي شروعات هيئن ٿي جو ڪجھ زنديق (سخت گمراھ ڪافر) ماڻھو گڏ ٿيا ته اسان مسلمانن جي نبي سڳوري کي گهٽ وڌ ڳالهائيون ۽ گاريون ڏيون ٿا ! جنهن تي انهن کي سندن ڪنهن وڏي صلاح ڏني ته ايئن ڪرڻ سان اوهان ماريا ويندؤ ان ڪري ان جو ڪو ٻيو رستو ڳولهيو ! ان چيو ته ڏسو جڏھن پاڙيسري سان وڙھڻو هجي ته پهرين ان جي چوڪيدار کي ماربو تنهن ڪري اچو ته پهرين نبي (صلي الله عليه وسم) جي پيارن ساٿين صحابه ڪرام کي گاريون ڏيون ۽ پوءِ انهن کي ئي ڪافر قرار ڏينداسون ! پوءِ انهن اهو به چوڻ شروع ڪيو ته علي (رضي الله عنه) کان سواءِ سڀيئي صحابي دوزخي آھن ۽ اهو به چيائون ته اصل ۾ نبي ته علي (رضي الله عنه) آھي جبرائيل عليه السلام کان وحي پهچائڻ ۾ غلطي ٿي وئي . 

📚 (المجالسة للدينوري، نقل عنه السيوطي في مفتاح الجنة : 75)

(ختم شد.)


⭐ قارئين ڪرام توهان اندازو لڳايو ته جنهن مذھب ۾ لعنت ۽ گار جهڙي بدترين صفت عبادت ۽ وڏي ثواب جو درجو رکندي هجي ته ڇا انهن جي بد زباني کان نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جا عظيم جان نثار پيارا اصحابي سڳورا ۽ مومنن جون مائرون ۽ عام مسلمان محفوظ رهي سگهن ٿا؟؟ هرگز نه ! 


⭐ *گاريون ۽ لعنتون دين اسلام ۾ !* 


⚫ ⭐ ٻي پاسي دين اسلام جي تعليم ته اها آھي ته الله تعاليٰ جي دشمنن ڪافرن ۽ مشرڪن کي به گاريون نه ڏجن ، الله تعاليٰ جو فرمان آھي : 


(وَلَا تَسُبُّوا الَّذِينَ يَدْعُونَ مِنْ دُونِ اللَّهِ فَيَسُبُّوا اللَّهَ عَدْوًا بِغَيْرِ عِلْمٍ ۗ كَذَٰلِكَ زَيَّنَّا لِكُلِّ أُمَّةٍ عَمَلَهُمْ ثُمَّ إِلَىٰ رَبِّهِمْ مَرْجِعُهُمْ فَيُنَبِّئُهُمْ بِمَا كَانُوا يَعْمَلُونَ .[سورة اﻷنعام 108]


  ۽ (اي مسلمانو) جيڪي ماڻهو الله کان سواءِ ٻين کي پڪارين ٿا تن (جي بتن ديوتائن ۽ شريڪن) کي گاريون نه ڏيو جو وري هو به حد کان ٻاهر لنگهي بي سمجهيءَ کان الله کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ لڳن. اسان اهڙيءَ طرح هر ڪنهن قوم لاءِ سندس عمل چڱا ۽ سهڻا بنايا آهن (يعني جيڪي ماڻهو غلط ۽ بد ڪم ڪن ٿا تن کي به پنهنجا ڪم صحيح ۽ سٺا ڏسڻ ۾ اچن ٿا) پوءِ آخر سڀني کي پنهنجي پروردگار ڏانهن موٽڻو آهي. ان وقت هو انهن سڀني کي سندن عملن جي حقيقت کولي ڏيکاريندو جيڪي عمل هو (دنيا ۾) ڪندا رهيا آهن.


⭐ نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جا فرمان آهن : 

⭐ مسلمان اهو آھي جنهن جي زبان ۽ ھٿ کان ٻيا مسلمان محفوظ رهن . (بخاري: 6484) 


⭐ ڪنهن مسلمان کي گار ڏيڻ گناھ جو ڪم آھي .(بخاري:48)

 

⭐ نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم بد زباني ڪندڙ گاريون ڏيندڙ ۽ لعنتون وجهندڙ نه هئا. (بخاري:6046) 


⭐ اها منافق جي نشاني آھي جو اهو گاريون ڏئي ٿو . (بخاري:34) 


⭐ الله تعاليٰ بدزباني ڪندڙ گاريون ڏيندڙ کان نفرت ڪري ٿو. (ترمذي: 2002) 


⭐ مومن ڪڏھن طعنا ڏيندڙ لعنتون ڪندڙ گاريون ڏيندڙ بري اخلاق وارو نه ٿو ٿئي . (ترمذي: 1977) 


⭐ لعنت ڪرڻ جي سبب نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم گهڻين عورتن کي دوزخ ۾ ڏٺو . (بخاري: 304)


⭐ جيڪو ماڻھو ڪنهن مومن تي لعنت ڪري ٿو ته اهو سندس قتل جهڙو ئي گناھ آھي (بخاري: 6047) 


⭐ ڪنهن سچار ماڻھو لاءِ لعنتون ڪرڻ لائق ئي ناهي . (مسلم:2597)


⭐ لعنتون ڪندڙ ماڻھو قيامت جي ڏينهن سفارش نه ڪري سگهندا ۽ نه ئي شاهد ٿي سگهندا (مسلم: 2598) 

 

⭐ الله تعاليٰ مون کي لعنتون ڪندڙ بنائي ناهي موڪليو بلڪه رحمت بنائي موڪليو اٿس .(مسلم:2599) 


⭐ جيڪو ماڻھو ڪنهن تي لعنت ڪري ٿو ۽ اهو لعنت جو حقدار ناهي ته اها ڦٽڪار لعنت ڪندڙ جي مٿان موٽي اچي ٿي . (ابوداؤد: 4908) 

✍️ حافظ محمد طاھر حفظه الله 

✍ ترجمو ۽ اضافا : ابومعاذ سنڌي

0 تبصره :

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔