Menu Bar

Drop Down MenusCSS Drop Down MenuPure CSS Dropdown Menu

نيوز ٽڪر

قادياني اسلام ۽ پاڪستان جا مجرم ***ابوعمير حزب الله بلوچ

پاڻيءَ جي نعمت خطاب : فضيلة الشيخ ذوالفقار علي طاهر رحمھ الله

Sunday, November 18, 2018

ديني تعليم جي فضيلت ۽ اهميت ابو عمير حزب الله بلوچ


ديني علم جي فضيلت ۽ اهميت لاءِ ايترو ئي ڪافي آهي جو الله سبحانه وتعاليٰ پنهنجي پياري پيغمبر امام الانبياء محمد رسول الله صلي الله عليه وسلم کي حڪم ڏيندي فرمايو ته :
وَقُلْ رَبِّ زِدْنِي عِلْمًا. [سورة طه 114]
اي پيغمبر توهان پنهنجي پالڻهار کان اها دعا گهرندا ڪريو ته اي منهنجا رب تون منهنجي علم ۾ اضافو فرماءِ .
نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن کي علم عطا ڪرڻ واري احسان کي ذڪر ڪندي الله تعاليٰ فرمايو:

وَكَذَلِكَ أَوْحَيْنَا إِلَيْكَ رُوحًا مِنْ أَمْرِنَا مَا كُنْتَ تَدْرِي مَا الْكِتَابُ وَلَا الْإِيمَانُ وَلَكِنْ جَعَلْنَاهُ نُورًا نَهْدِي بِهِ مَنْ نَشَاءُ مِنْ عِبَادِنَا ﴾ [الشورى: 52].
۽ اھڙيءَ طرح اسان توڏانھن پنهنجو روح (علم) قرآن(۽ حڪمت يعني حديث کي) وحي ڪيو، (ان کان اڳ) تون نه ڄاڻندو ھئين ته ڪتاب ڇا آھي ۽ نڪي (ڄاڻندو ھئين ته) ايمان (ڇا آھي) پر (انهي علم ) قُرآن کي نُور ڪيو اٿؤن پنھنجن ٻانھن مان جنھن کي گھرون (تنھن کي) اُن سان سڌو رستو ڏيکاريندا آھيون، ۽ بيشڪ تون سڌي رستي ڏانھن ھدايت ڪندو آھين.
وَأَنْزَلَ اللَّهُ عَلَيْكَ الْكِتَابَ وَالْحِكْمَةَ وَعَلَّمَكَ مَا لَمْ تَكُنْ تَعْلَمُ وَكَانَ فَضْلُ اللَّهِ عَلَيْكَ عَظِيمًا ﴾ [النساء: 113].
۽ الله توهان تي ڪتاب ۽ حڪمت .، دانائي(حديث ،سنت) لاٿي آھي ۽ جيڪي (علم) توهان نه ڄاڻندا ھئا سو توهان کي سيکاريائين، ۽ اوهان تي الله جو وڏو فضل آھي.
نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن ڏانهن پهرين وحي به اها ڪئي وئي ته :
اقْرَأْ بِاسْمِ رَبِّكَ الَّذِي خَلَقَ (1) خَلَقَ الْإِنْسَانَ مِنْ عَلَقٍ (2) اقْرَأْ وَرَبُّكَ الْأَكْرَمُ (3) الَّذِي عَلَّمَ بِالْقَلَمِ (4) عَلَّمَ الْإِنْسَانَ مَا لَمْ يَعْلَمْ (5) (العلق)
(اي پيغمبر) پنھنجي پالڻھار جي نالي سان پڙھ جنھن (سارو جڳ) خلقيو.ماڻھوءَ کي رت جي دِڳ مان بڻايائين. پڙھ ۽ تنھنجو پالڻھار ڏاڍو سڳورو آھي.جنھن (ماڻھوءَ کي علم) قلم سان سيکاريو. ماڻھوءَ کي اُھو سيکاريائين جو نه ڄاڻندو ھو.
صبح جو فجر نماز کان پوءِ نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن هيءَ دعا پڙهندا :
اللَّهُمَّ إِنِّي أَسْأَلُكَ عِلْمًا نَافِعًا، وَرِزْقًا طَيِّبًا، وَعَمَلًا مُتَقَبَّلًا .
اي الله آئون توکان فائدي واري علم جو سوال ڪيان ٿو…(سنن ابن ماجة: 925)
بلڪه حڪم ڏيندي فرمايائون : سَلُوا اللَّهَ عِلْمًا نَافِعًا،وَتَعَوَّذُوا بِاللَّهِ مِنْ عِلْمٍ لَا يَنْفَعُ . يعني توهان الله تعاليٰ کان علم نافع جو سوال ڪيو ۽ غير نافع علم کان پناهه گهرو .(سنن ابن ماجة: 3843)
نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن خطبو ڏيندي ارشاد فرمايو :
أَلَا إِنَّ رَبِّي أَمَرَنِي أَنْ أُعَلِّمَكُمْ مَاجَهِلْتُمْ مِمَّا عَلَّمَنِي يَوْمِي هَذَا.
خبردار بيشڪ الله تعاليٰ مون کي اهو حڪم ڏنو آهي ته جيڪو علم مون کي عطا ڪيو اٿس سو توهان کي پڻ سيکاريان جنهن کان توهان اڻ واقف آهيو. (صحيح مسلم: 2865)
۽ فرمايائون ته : إِنَّمَا أَنَا لَكُمْ بِمَنْزِلَةِ الْوَالِدِ أُعَلِّمُكُمْ (سنن ابوداؤد : 8)
آئون توهان جي والد وانگر آهيان جو توهان کي علم سيکاريان ٿو.
ابوالبشر سيدنا آدم عليه السلام جي فضيلت کي ملائڪن جي مٿان قائم ڪرڻ لاءِ الله تعالي کيس علم سيکاريو :
وَعَلَّمَ آدَمَ الْأَسْمَاءَ كُلَّهَا ثُمَّ عَرَضَهُمْ عَلَى الْمَلَائِكَةِ فَقَالَ أَنْبِئُونِي بِأَسْمَاءِ هَؤُلَاءِ إِنْ كُنْتُمْ صَادِقِينَ ﴾ [البقرة: 31].
۽ (الله تعاليٰ) آدم کي سڀني شين جا نالا سيکاريا وري اُھي شيون ملائڪن جي آڏو ڪيائين پوءِ فرمايائين ته جيڪڏھن سچا آھيو ته ھنن جا نالا ڏسيو.
سيدنا موسيٰ ڪليم الله عليه السلام جن کي جڏهن اها خبر پيئي ته هن دنيا ۾ سندن کان وڌيڪ ڪو علم وارو (خضر عليه السلام) به موجود آهي ته فورن ئي چوڻ لڳا ته : أَيْ رَبِّ، كَيْفَ السَّبِيلُ إِلَيْهِ ؟ اي منهنجا رب ته پوءِ آئون ان تائين ڪيئن پهچان ؟ (صحيح بخاري : 4727)
انسان کي تخليق ڪرڻ کان پوءِ الله تعاليٰ جو سڀ کان وڏو احسان ديني علم ئي آهي بلڪه الله تعاليٰ تخليق انساني کان پهرين ديني علم جو ذڪر فرمايو :
بِسْمِ اللَّهِ الرَّحْمَنِ الرَّحِيمِ
الرَّحْمَنُ (1) عَلَّمَ الْقُرْآنَ (2) خَلَقَ الْإِنْسَانَ (3) عَلَّمَهُ الْبَيَانَ (4)(سورة الرحمان)
رحمان قرآن سيکاريو آهي انسان کي پيدا ڪيو اٿس ۽ کيس ڳالهائڻ به سيکاريائين .
الله تعاليٰ علم کي ايمان کان پڻ مقدم رکيو آهي ڇوته صحيح ، سچي ۽ پڪي ايمان جي معرفت شرعي علم کان سواءِ ممڪن ئي ناهي :
وَقَالَ الَّذِينَ أُوتُوا الْعِلْمَ وَالْإِيمَانَ لَقَدْ لَبِثْتُمْ فِي كِتَابِ اللَّهِ إِلَى يَوْمِ الْبَعْثِ فَهَذَا يَوْمُ الْبَعْثِ وَلَكِنَّكُمْ كُنْتُمْ لَا تَعْلَمُونَ ﴾ [الروم: 56].
امام بخاري رحمه الله هن طرح باب قائم ڪيو آهي ته : بَابٌ : الْعِلْمُ قَبْلَ الْقَوْلِ وَالْعَمَلِ لِقَوْلِ اللَّهِ تَعَالَى : { فَاعْلَمْ أَنَّهُ لَا إِلَهَ إِلَّا اللَّهُ }. فَبَدَأَ بِالْعِلْمِ.
يعني قول ۽ عمل کان پهرين علم حاصل ڪرڻو آهي دليل اهو آهي ته الله تعاليٰ ڪلمه توحيد کي اختيار ڪرڻ کان پهرين علم جو حڪم فرمايو آهي . يعني هر شيءِ کان اڳ علم آهي.
ان ڪري الله تعاليٰ پنهنجي رسولن جي ذريعي اهو حڪم ڏنو ته :
مَا كَانَ لِبَشَرٍ أَن يُؤْتِيَهُ اللَّهُ الْكِتَابَ وَالْحُكْمَ وَالنُّبُوَّةَ ثُمَّ يَقُولَ لِلنَّاسِ كُونُوا عِبَادًا لِّي مِن دُونِ اللَّهِ وَلَـٰكِن كُونُوا رَبَّانِيِّينَ بِمَا كُنتُمْ تُعَلِّمُونَ الْكِتَابَ وَبِمَا كُنتُمْ تَدْرُسُونَ (آل عمرن : 79)
ڪنھن به ماڻھوءَ کي اهو نه جڳائيندو آھي جو الله کيس ڪتاب ۽ دانائي ۽ پيغمبري ڏئي اُھو وري ماڻھن کي چوي ته الله کانسواءِ مُنھنجا ٻانھا ٿيو پر (اهو پيغمبر چوندو ته رباني ٿيو يعني) رب جا (سچا ٻانھان) ٿيو انھيءَ ڪري جو ڪتاب سيکاريو ٿا ۽ پڻ انھيءَ ڪري جو پڙھو ٿا.
وَقَالَ ابْنُ عَبَّاسٍ : كُونُوا رَبَّانِيِّينَ حُلَمَاءَ فُقَهَاءَ، وَيُقَالُ : الرَّبَّانِيُّ الَّذِي يُرَبِّي النَّاسَ بِصِغَارِ الْعِلْمِ قَبْلَ كِبَارِهِ.
(علقه البخاري كِتَابٌ : الْعِلْمُ بَابٌ : الْعِلْمُ قَبْلَ الْقَوْلِ وَالْعَمَلِ. )
سيدنا علي ۽ ابن عباس رضي الله عنهما ، قتاده ، حسن ، سعيد بن جبير مجاهد ۽ ابن قتيبه رحمهم الله فرمائين ٿا ته رباني ٿيڻ جو مطلب آهي ته حڪمت ڀريا عالم ، فقيهه بڻجي ماڻهن جي تربيت ڪيو.(تفسير ابن ڪثير ،تفسير بغوي، تفسير الطبري (3/233) زاد المسير (1/413) فتح الباري (1/160، 161)
ديني علم حاصل ڪرڻ خاطر مؤمنن تي جهاد جي حڪم ۾ پڻ هلڪائي ڪئي ويئي آهي ، الله تعاليٰ جو فرمان آهي:
وَمَا كَانَ الْمُؤْمِنُونَ لِيَنْفِرُوا كَافَّةً ۚ فَلَوْلَا نَفَرَ مِنْ كُلِّ فِرْقَةٍ مِنْهُمْ طَائِفَةٌ لِيَتَفَقَّهُوا فِي الدِّينِ وَلِيُنْذِرُوا قَوْمَهُمْ إِذَا رَجَعُوا إِلَيْهِمْ لَعَلَّهُمْ يَحْذَرُونَ [سورة التوبة 122]
۽ مؤمنن لاءِ اهو مناسب ناهي جو سڀيئي (گڏ جهاد لاءِ) نڪرن، پوءِ جماعت مان ڪي ڄڻا منجھائن ھن لاءِ ڇو نه نڪرندا آھن ته دين جا عالِم ٿين ۽ پوءِ جڏھن پنھنجي قوم ڏانھن موٽي وڃن ته ان کي ڊيڄارين ته مانَ اُھي ڊڄن.
مطلق طور علم جي فضيلت لاء عالمن اهو نڪتو پڻ بيان ڪيو آهي ته الله تعاليٰ سيکاريل ۽ پڙهايل ڪتي کي اڻ پڙهايل ۽ اڻ سيکاريل ڪتي تي فوقيت عطا فرمائي آهي جو پڙهايل ڪتي جو ڪيل شڪار حلال ڪيائين جڏهن ته اڻ پڙهايل جو شڪار حرام :
﴿ يَسْأَلُونَكَ مَاذَا أُحِلَّ لَهُمْ قُلْ أُحِلَّ لَكُمُ الطَّيِّبَاتُ وَمَا عَلَّمْتُمْ مِنَ الْجَوَارِحِ مُكَلِّبِينَ تُعَلِّمُونَهُنَّ مِمَّا عَلَّمَكُمُ اللَّهُ فَكُلُوا مِمَّا أَمْسَكْنَ عَلَيْكُمْ ﴾ [المائدة: 4] .
(اي پيغمبر) توکان پڇن ته اُنھن لاءِ ڪھڙيون شيون حلال ڪيون ويون آھن؟ چؤ ته اوھان لاءِ (سڀ) سٺيون (شيون) حلال ڪيون ويون آھن ۽ (اُھو شڪار به حلال آھي) جيڪي شڪاري جانورن (ڪتن) کي شڪار سيکاريندڙ ٿي (اوھان) سيکاريو آھي (يعني) جيڪي الله (شڪار ڪرڻ جو دستور) اوھان کي سيکاريو تنھن مان انھن کي سيکاريو ھجي، ته جيڪو (شڪار اُھي) اوھان لاءِ جھلين تنھن مان کائو.
گهر ۾ ڪتو پالڻ جي ايتري سخت وعيد آهي جو روزانو ٻه قيراط عمل جا گهٽايا وڃن ٿا پر شڪار ، مال متاع ۽ ٻني ٻاري جي چوڪيداري لاءِ سيکاريل ۽ پڙهايل ڪتي پالڻ جي اجازت ڏني وئي آهي .(صحيح مسلم : 1575)
نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن فرمايو:
وَمَنْ سَلَكَ طَرِيقًا يَلْتَمِسُ فِيهِ عِلْمًا ؛ سَهَّلَ اللَّهُ لَهُ بِهِ طَرِيقًا إِلَى الْجَنَّةِ. وَمَا اجْتَمَعَ قَوْمٌ فِي بَيْتٍ مِنْ بُيُوتِ اللَّهِ يَتْلُونَ كِتَابَ اللَّهِ، وَيَتَدَارَسُونَهُ بَيْنَهُمْ ؛ إِلَّا نَزَلَتْ عَلَيْهِمُ السَّكِينَةُ، وَغَشِيَتْهُمُ الرَّحْمَةُ، وَحَفَّتْهُمُ الْمَلَائِكَةُ وَذَكَرَهُمُ اللَّهُ فِيمَنْ عِنْدَهُ.(صحيح مسلم : 2699)
جيڪو ماڻهو علم حاصل ڪرڻ واري رستي تي هلي ٿو ته الله تعاليٰ ان جي بدلي ۾ سندس لاءِ جنت جو رستو آسان بنائي ڇڏي ٿو ، ۽ جيڪي ماڻهو الله جي ڪنهن گهر ۾ ويهي ان جو ڪتاب پڙهن ۽ پڙهائين ٿا ته سندن مٿان الله جي رحمت نازل ٿي کين ڍڪي وجهي ٿي ۽ ملائڪ انهن کي گهيري وٺن ٿا ۽ الله تعاليٰ سندن ذڪر پنهنجي سڳورن ملائڪن جي سامهون ڪري ٿو .
عَنْ مُعَاوِيَةَ قَالَ : قَالَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ : مَنْ يُرِدِ اللَّهُ بِهِ خَيْرًا يُفَقِّهْهُ فِي الدِّينِ.
رسول الله صلي الله عليه وسلم جن فرمايو ته الله تعاليٰ جنهن ماڻهو سان ڀلائي جو ارادو ڪري ٿو ان کي دين جو علم ۽ سمجهه عطا فرمائي ٿو.(صحيح بخاري : 71)
عَنْ أَبِي هُرَيْرَةَ رَضِيَ اللَّهُ عَنْهُ، عَنْ رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ قَالَ : تَجِدُونَ النَّاسَ مَعَادِنَ، خِيَارُهُمْ فِي الْجَاهِلِيَّةِ خِيَارُهُمْ فِي الْإِسْلَامِ إِذَا فَقِهُوا . (صحيح بخاري : 3493. صحيح مسلم : 2637 )
نبي اڪرم صلي الله عليه وسلم جن فرمايو : توهان ماڻهن کي (نيڪي ۽ برائي ۾) زمين مان نڪرندڙ سون ۽ چاندي جي کاڻين وانگر لهندؤ جيڪي ماڻهو جاهليت واري زماني سٺا ۽ چڱين صفتن جا مالڪ هئا اهي اسلام آڻڻ کان پوءِ به نيڪ ۽ بهترين صفتن وارا هوندا پر شرط اها آهي جو اهي دين جو علم ۽ سمجهه حاصل ڪن ...
علم الله تعاليٰ جي وڏي نعمت آهي جيڪو هر صورت ۾ ماڻهو لاءِ فائدي مند آهي ۽ جهالت وڏو عذاب آهي جنهن جو هر لحاظ سان وڏو نقصان آهي رسول الله صلي الله عليه وسلم جن فرمايو:
إِنَّمَا الدُّنْيَا لِأَرْبَعَةِ نَفَرٍ ؛ عَبْدٍ رَزَقَهُ اللَّهُ مَالًا وَعِلْمًا، فَهُوَ يَتَّقِي فِيهِ رَبَّهُ، وَيَصِلُ فِيهِ رَحِمَهُ، وَيَعْلَمُ لِلَّهِ فِيهِ حَقًّا، فَهَذَا بِأَفْضَلِ الْمَنَازِلِ، وَعَبْدٍ رَزَقَهُ اللَّهُ عِلْمًا وَلَمْ يَرْزُقْهُ مَالًا، فَهُوَ صَادِقُ النِّيَّةِ، يَقُولُ : لَوْ أَنَّ لِي مَالًا لَعَمِلْتُ بِعَمَلِ فُلَانٍ. فَهُوَ بِنِيَّتِهِ، فَأَجْرُهُمَا سَوَاءٌ، وَعَبْدٍ رَزَقَهُ اللَّهُ مَالًا وَلَمْ يَرْزُقْهُ عِلْمًا، فَهُوَ يَخْبِطُ فِي مَالِهِ بِغَيْرِ عِلْمٍ، لَا يَتَّقِي فِيهِ رَبَّهُ، وَلَا يَصِلُ فِيهِ رَحِمَهُ، وَلَا يَعْلَمُ لِلَّهِ فِيهِ حَقًّا، فَهَذَا بِأَخْبَثِ الْمَنَازِلِ، وَعَبْدٍ لَمْ يَرْزُقْهُ اللَّهُ مَالًا وَلَا عِلْمًا، فَهُوَ يَقُولُ : لَوْ أَنَّ لِي مَالًا لَعَمِلْتُ فِيهِ بِعَمَلِ فُلَانٍ. فَهُوَ بِنِيَّتِهِ فَوِزْرُهُمَا سَوَاءٌ. (سنن الترمذي ابواب الزهد باب : مَا جَاءَ مَثَلُ الدُّنْيَا مَثَلُ أَرْبَعَةِ نَفَرٍ: 2325)
دنيا چار قسم جي ماڻهن لاءِ آهي
(1) هڪ اهو ماڻهو جنهن کي الله تعاليٰ علم ۽ مال ٻئي عطا ڪيا آهن اهو مال ڪمائڻ ۽ خرچ ڪرڻ ۾ الله جو خوف رکي ٿو ان مال سان صله رحمي ڪري ٿو ۽ الله تعالي جا حق به ادا ڪري ٿو ، اهڙي ماڻهو جو درجو سڀني کان افضل ۽ مٿاهون آهي، (2) ٻيو اهو ماڻهو جنهن کي الله تعاليٰ علم ته عطا ڪيو آهي پر مال ۽ دولت نه عطا ڪيا اٿس ، پر تڏهن به هن جي نيت سچي آهي ۽ هو چوي ٿو ڪاش الله تعاليٰ مون کي به مال عطا ڪري ته آئون به پهرين شخص وانگر نيڪ ڪمن ۾ خرچ ڪيان ، ان کي سندس نيت مطابق پهرين افضل شخص جي برابر ئي بدلو ملندو، (3) ۽ اهو ماڻهو جنهن کي علم ناهي عطا ڪيو ويو پر مال دولت ڏني ويئي اٿس اهو نه صله رحمي ڪري ٿو ۽ نه ئي الله تعاليٰ جا حق ادا ڪري ٿو نه مال ڪمائڻ ۽ خرچ ڪرڻ ۾ الله جو خوف ڪري ٿو ، اهو سڀ کان وڌيڪ بڇڙي درجي تي آهي (4) هڪ اهو ماڻهو جنهن وٽ نه علم آهي نه ئي مال دولت اهو چوي ٿو ته جيڪڏهن مون وٽ مال هجي ها آئون هن( ٽئين نمبر) واري شخص وانگر پنهنجو مال (بڇڙن ڪمن ۾ ) خرچ ڪيان ها ، ته انهن ٻنهي جو گناهه ۽ عذاب برابر آهي اهي هڪ ئي درجي جا بڇڙا آهن.
عَنْ أَبِي مُوسَى ، عَنِ النَّبِيِّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ قَالَ : مَثَلُ مَا بَعَثَنِي اللَّهُ بِهِ مِنَ الْهُدَى وَالْعِلْمِ، كَمَثَلِ الْغَيْثِ الْكَثِيرِ أَصَابَ أَرْضًا، فَكَانَ مِنْهَا نَقِيَّةٌ قَبِلَتِ الْمَاءَ، فَأَنْبَتَتِ الْكَلَأَ وَالْعُشْبَ الْكَثِيرَ، وَكَانَتْ مِنْهَا أَجَادِبُ أَمْسَكَتِ الْمَاءَ، فَنَفَعَ اللَّهُ بِهَا النَّاسَ فَشَرِبُوا، وَسَقَوْا، وَزَرَعُوا، وَأَصَابَتْ مِنْهَا طَائِفَةً أُخْرَى، إِنَّمَا هِيَ قِيعَانٌ لَا تُمْسِكُ مَاءً، وَلَا تُنْبِتُ كَلَأً، فَذَلِكَ مَثَلُ مَنْ فَقُهَ فِي دِينِ اللَّهِ، وَنَفَعَهُ مَا بَعَثَنِي اللَّهُ بِهِ، فَعَلِمَ وَعَلَّمَ، وَمَثَلُ مَنْ لَمْ يَرْفَعْ بِذَلِكَ رَأْسًا، وَلَمْ يَقْبَلْ هُدَى اللَّهِ الَّذِي أُرْسِلْتُ بِهِ.
(صحيح البخاري | كِتَابٌ : الْعِلْمُ | بَابُ فَضْلِ مَنْ عَلِمَ وَعَلَّمَ. 79 صحيح مسلم : 2282)
سيدنا ابوموسيٰ اشعري رضي الله عنه کان روايت آهي ته رسول الله صلي الله عليه وسلم جن فرمايو:
الله تعاليٰ جيڪو علم ۽ هدايت مون کي ڏئي موڪليو آهي ان جو مثال ان زبردست بارش وانگر آهي جيڪا زمين تي وسي ٿي پوءِ زمين جو ڪو حصو سٺو هوندو آهي جيڪو پاڻيءَ کي چوسي تمام گهڻو گاهه ۽ اوڀڙ ڪڍي ٿو ۽ ڪا زمين سخت هوندي آهي جيڪا پاڻي کي روڪيندي آهي جنهن مان الله تعاليٰ ماڻهن (۽ سڀني جاندارن) کي فائدو رسائي ٿو جو اهي پيئن ، پيئارن ۽ ٻني ٻارو پوکين ٿا ، اهو مثال آهي ان ماڻهو جو جيڪو علم حاصل ڪري، ان جي چڱي طرح سمجهه پرائي ۽ ٻين کي پڻ سيکاري ٿو .
۽ ڪا زمين سڌي ميدان وانگر هجي ٿي جيڪا نه اوڀڙ اڀائي نه ئي پاڻي کي روڪي ٿي ، اهو مثال آهي ان ماڻهو جو جيڪو علم ۽ هدايت ڏانهن ڪابه توجهه نه ٿيو ڏئي ۽ نه ان کي قبول ڪري ٿو .
عَنْ أَبِي أُمَامَةَ الْبَاهِلِيِّ قَالَ : ذُكِرَ لِرَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ رَجُلَانِ : أَحَدُهُمَا عَابِدٌ، وَالْآخَرُ عَالِمٌ، فَقَالَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ : فَضْلُ الْعَالِمِ عَلَى الْعَابِدِ كَفَضْلِي عَلَى أَدْنَاكُمْ . ثُمَّ قَالَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ : إِنَّ اللَّهَ، وَمَلَائِكَتَهُ، وَأَهْلَ السَّمَاوَاتِ، وَالْأَرَضِينَ، حَتَّى النَّمْلَةَ فِي جُحْرِهَا، وَحَتَّى الْحُوتَ ؛ لَيُصَلُّونَ عَلَى مُعَلِّمِ النَّاسِ الْخَيْرَ .(جامع ترمذي: 2685)
رسول الله صلي الله عليه وسلم جن جي سامهون ٻن ماڻهن جو ذڪر ڪيو ويو ته انهن مان هڪ عالم ۽ ٻيو عابد (عبادت گذار) آهي ، رسول الله صلي الله عليه وسلم جن فرمايو: عالم جي فضيلت عابد جي مٿان ايتري آهي جيتري منهنجي فضيلت توهان مان ڪنهن ادنيٰ شخص تي ۽ پاڻ فرمايائون ته: الله تعاليٰ رحمت نازل ڪري ٿو ان ماڻهو تي جيڪو(عالم) ماڻهن کي خير ۽ ڀلائي سيکاري ٿو، ۽ ملائڪ آسمان وارا ۽ سڀيئي زمين وارا ، ايستائين جو ماڪوڙيون (ڪِوليون) پنهنجي سوراخن ۾ ۽ مڇيون سمنڊ ۾ ان لاءِ رحمت ۽ مغفرت جون دعائون ڪن ٿيون .
عَنْ أَبِي هُرَيْرَةَ، قَالَ : سَمِعْتُ رَسُولَ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ يَقُولُ : مَنْ جَاءَ مَسْجِدِي هَذَا لَمْ يَأْتِهِ إِلَّا لِخَيْرٍ يَتَعَلَّمُهُ أَوْ يُعَلِّمُهُ فَهُوَ بِمَنْزِلَةِ الْمُجَاهِدِ فِي سَبِيلِ اللَّهِ. (سنن ابن ماجة : 227)
رسول الله صلي الله عليه وسلم جن فرمايو: جيڪو شخص منهنجي هن مسجد ڏانهن ڀلائي (قرآن ۽ حديث جو علم) سکڻ يا سيکارڻ جي نيت سان اچي اهو(مقام ، مرتبي ۽ ثواب جي اعتبار سان) الله جي راهه ۾ جهاد ڪرڻ واري مجاهد (فوجي) وانگر آهي .
عَنْ عَبْدِ اللهِ بْنِ مَسْعُودٍ رَضِيَ اللهُ عَنْهُ، قَالَ حَدَّثَ صَفْوَانُ بْنُ عَسَّالٍ الْمُرَادِيُّ قَالَ: أَتَيْتُ رَسُولَ اللهِ صَلَّى الله عَلَيْهِ وَسَلَّمْ، وَهُوَ مُتَّكِئٌ فِي الْمَسْجِدِ عَلَى بُرْدٍ لَهُ فَقُلْتُ لَهُ: يَا رَسُولَ اللهِ، إِنِّي جِئْتُ أَطْلُبُ الْعِلْمَ، فَقَالَ: مَرْحَبًا بطالبِ الْعِلْمِ، طَالِبُ الْعِلْمِ لَتَحُفُّهُ الْمَلَائِكَةُ وَتُظِلُّهُ بِأَجْنِحَتِهَا، ثُمَّ يَرْكَبُ بَعْضُهُ بَعْضًا حَتَّى يَبْلُغُوا السَّمَاءَ الدُّنْيَا مِنْ حُبِّهِمْ لِمَا يَطْلُبُ، فَمَا جِئْتَ تَطْلُبُ؟ ، قَالَ: قَالَ صَفْوَانُ: يَا رَسُولَ اللهِ، لَا نَزَالُ نُسَافِرُ بَيْنَ مَكَّةَ وَالْمَدِينَةِ، فَأَفْتِنَا عَنِ الْمَسْحِ عَلَى الْخُفَّيْنِ، فَقَالَ لَهُ رَسُولُ اللهِ صَلَّى الله عَلَيْهِ وَسَلَّمْ: ثَلَاثَةُ أَيَّامٍ لِلْمُسَافِرِ، وَيَوْمٌ وَلَيْلَةٌ لِلْمُقِيمِ.
(ﺃ‍‍‍‍ ‍‍‍‍‍‍‍‍ﻰ في الكبير(٨/٥٤ ‍‍ ٧٣٤٧) ‍‍ ‍‍‍‍‍‍‍‍‍‍ﻰ (١/١٣١) : ‍‍‍‍ ‍‍ ‍‍‍‍‍‍‍‍. السلسة الصحيحة: ٣٣٩٧ , ‍‍‍‍‍‍ ‍‍‍‍‍‍‍‍ ‍‍‍‍‍‍‍‍:٧١)
سيدنا صفوان بن عسال رضي الله عنه رسول الله صلي الله عليه وسلم جن جي خدمت ۾ حاضر ٿي عرض ڪيو ته آئون توهان وٽ علم حاصل ڪرڻ لاءِ آيو آهيان جنهن تي پاڻ فرمايائون ته طالب علم لاءِ ڀليڪار! طالب علم کي ته ملائڪ پنهنجي پَرن سان ڍڪين ٿا ۽ مٿس ڇانوَ ڪن ٿا پوءِ هڪٻئي جي مٿان سوار ٿي دنيا واري آسمان تائين پهچي وڃن ٿا اُهي اهو عمل ان علم سان محبت جي ڪري ڪن ٿا جيڪو هو حاصل ڪري رهيو آهي……
عَنْ زَيْدِ بْنِ ثَابِتٍ قَالَ : سَمِعْتُ رَسُولَ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ يَقُولُ : نَضَّرَ اللَّهُ امْرَأً سَمِعَ مِنَّا حَدِيثًا فَحَفِظَهُ حَتَّى يُبَلِّغَهُ ؛ فَرُبَّ حَامِلِ فِقْهٍ إِلَى مَنْ هُوَ أَفْقَهُ مِنْهُ، وَرُبَّ حَامِلِ فِقْهٍ لَيْسَ بِفَقِيهٍ . (ابوداؤد: 3660)
الله تعاليٰ ان ماڻهو جي چهري کي تر و تازه (پر رونق ۽ شاداب) رکندو جنهن اسان جي ڪا حديث ٻڌي، ان کي ياد ڪيائين ۽ پوءِ اڳتي ٻين تائين پهچايائين ڇو ته ڪيترائي علم ۽ فقه کي حاصل ڪندڙ ٻين اهڙن تائين علم کي رسائين ٿا جيڪي انهن کان وڌيڪ فقيهه هوندا آهن ۽ ڪيترائي علم ۽ فقه کي حاصل ڪرڻ وارا پاڻ فقيهه نه ٿا هجن .
رسول الله صلي الله عليه وسلم جو فرمان مبارڪ آهي ته : بَلِّغُوا عَنِّي وَلَوْ آيَةً . جيڪڏهن هڪ آيت (حديث يا دين جو مسئلو ) به توهان کي معلوم هجي ته منهنجي طرفان ٻين تائين پهچائي ڇڏيو .(صحيح بخاري: 3461)
ڇوته ان جو وڏو ثواب آهي سندن فرمان مبارڪ آهي : مَنْ دَلَّ عَلَى خَيْرٍ فَلَهُ مِثْلُ أَجْرِ فَاعِلِهِ . جيڪو ماڻهو ڪنهن خير ۽ ڀلائي ڏانهن ڪنهن جي رهنمائي ڪري ٿو ته عمل ڪرڻ واري جي برابر ان کي به ثواب ملي ٿو .(صحيح مسلم : 1893)
عَنِ ابْنِ مَسْعُودٍ رَضِيَ اللَّهُ عَنْهُ قَالَ : سَمِعْتُ النَّبِيَّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ يَقُولُ : لَا حَسَدَ إِلَّا فِي اثْنَتَيْنِ : رَجُلٍ آتَاهُ اللَّهُ مَالًا فَسَلَّطَهُ عَلَى هَلَكَتِهِ فِي الْحَقِّ، وَرَجُلٍ آتَاهُ اللَّهُ حِكْمَةً، فَهُوَ يَقْضِي بِهَا وَيُعَلِّمُهَا- وفي رواية- رَجُلٍ عَلَّمَهُ اللَّهُ الْقُرْآنَ فَهُوَ يَتْلُوهُ آنَاءَ اللَّيْلِ، وَآنَاءَ النَّهَارِ، فَسَمِعَهُ جَارٌ لَهُ، فَقَالَ : لَيْتَنِي أُوتِيتُ مِثْلَ مَا أُوتِيَ فُلَانٌ، فَعَمِلْتُ مِثْلَ مَا يَعْمَلُ.
(صحيح بخاري: 1409. 5026.)
حسد(رشڪ) ڪرڻ صرف ٻن ماڻهن تي جائز ٿي سگهي ٿو …اهو شخص جنهن کي الله تعاليٰ حڪمت (قرآن ۽ حديث جي علم) سان نوازيو آهي ۽ اهو ان مطابق فيصلا ڪري ٿو ۽ ٻين کي پڻ (اهو علم ) سيکاري ٿو.
عَنْ أَبِي هُرَيْرَةَ رَضِيَ اللَّهُ عَنْهُ أَنَّ رَسُولَ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ قَالَ : " إِذَا مَاتَ الْإِنْسَانُ انْقَطَعَ عَمَلُهُ إِلَّا مِنْ ثَلَاثٍ : صَدَقَةٌ جَارِيَةٌ، وَعِلْمٌ يُنْتَفَعُ بِهِ، وَوَلَدٌ صَالِحٌ يَدْعُو لَهُ .( صحيح مسلم : 1631. جامع ترمذي : 1376)
جڏهن انسان مري وڃي ٿو ته سندس عمل جو سلسلو بند ٿي وڃي ٿو مگر ٽي عمل مرڻ کان پوءِ به جاري رهن ٿا،(1) سندس جاري ڪيل ڪو صدقو (2) اهڙو علم جو سندس مرڻ کان پوءِ به ماڻهو ان مان فائدو حاصل ڪن (3) سندس نيڪ ۽ صالح اولاد جيڪا ان لاءِ دعائون گهري .
عَنْ أَبِي هُرَيْرَةَ رَضِيَ اللَّهُ عَنْهُ، عَنْ رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ قَالَ
أَلَا إِنَّ الدُّنْيَا مَلْعُونَةٌ،مَلْعُونٌ مَا فِيهَا، إِلَّا ذِكْرُ اللَّهِ، وَمَا وَالَاهُ، وَعَالِمٌ أَوْ مُتَعَلِّمٌ.(جامع ترمذي : 2322. ابن ماجة: 4112.)
رسول الله صلي الله عليه وسلم جن فرمايو: دنيا ۽ جيڪو ڪجهه دنيا ۾ آهي ان تي لعنت ٿيل آهي سواء الله جي ذڪر ۽ جيڪا شيءِ کيس پسند هجي ۽ ديني علم سيکاريندڙ (عالم) ۽ علم سکندڙ (طالب علم) جي .
قارئين ڪرام قرآن ۽ حديث ۾ وارد انهن فضيلتن کي حاصل ڪرڻ ۽ وعيدن کان بچڻ لاءِ ضروري آهي ته اسان پنهنجو تعلق ديني ادارن سان جوڙيون ۽ ان ۾ وڌيڪ مضبوطي آڻيون ، هر سال شوال جي مهيني ۾ ديني مدرسن ۾ نئين سال لاءِ داخلا شروع ٿيندي آهي اچو ته پاڻ به فائدو حاصل ڪيون ۽ پنهنجي آل اولاد کي پڻ انهن ادارن ۾ داخل ڪرائي پنهنجي آخرت لاءِ ذخيرو بنايون .
علم جي متعلق چند ضعيف ۽ موضوع روايتون
هيٺ هن موضوع متعلق بطور تنبيهه چند ضعيف ۽ موضوع روايتون لکجن ٿيون جيئن عام خطيب ۽ عوام الناس اهڙين روايتن بيان ڪرڻ کان محفوظ رهن.
(1) عَنْ أَبِي هَارُونَ الْعَبْدِيِّ قَالَ : كُنَّا نَأْتِي أَبَا سَعِيدٍ ، فَيَقُولُ : مَرْحَبًا بِوَصِيَّةِ رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ، إِنَّ رَسُولَ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ قَالَ : إِنَّ النَّاسَ لَكُمْ تَبَعٌ، وَإِنَّ رِجَالًا يَأْتُونَكُمْ مِنْ أَقْطَارِ الْأَرَضِينَ ؛يَتَفَقَّهُونَ فِي الدِّينِ، فَإِذَا أَتَوْكُمْ، فَاسْتَوْصُوا بِهِمْ خَيْرًا . (ترمذي ، ابن ماجة)
وضاحت : هن روايت جي سند سخت ضعيف بلڪه موضوع آهي ، راوي ابو هارون العبدي سخت ضعيف ، مجروح ۽ ڪذاب آهي . تفصيل لاء ڏسندا : (اضواء المصابيح بتحقيق مشڪواة المصابيح لشيخنا الحافظ زبير علي زئي رحمه الله رقم الحديث : 215 .)
(2) عَنْ أَبِي هُرَيْرَةَ قَالَ : قَالَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ : الْكَلِمَةُ الْحِكْمَةُ ضَالَّةُ الْمُؤْمِنِ ، فَحَيْثُ وَجَدَهَا فَهُوَ أَحَقُّ بِهَا .(ترمذي ، ابن ماجة )
وضاحت: هن جو راوي ابراهيم بن فضل المخزومي ابو اسحاق المدني منڪرالحديث ۽ متروڪ آهي. (اضواء المصابيح بتحقيق مشڪواة المصابيح : 216 وضعفه الشيخ الالباني رحمه الله في تحقيق مشكواة المصابيح)
(3) عَنِ ابْنِ عَبَّاسٍ قَالَ : قَالَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ : فَقِيهٌ وَاحِدٌ أَشَدُّ عَلَى الشَّيْطَانِ مِنْ أَلْفِ عَابِدٍ ( ابن ماجة)
وضاحت : هيءَ روايت موضوع من گهڙت آهي راوي روح بن جناح الدمشقي سخت ضعيف ۽ مجروح آهي . (اضواء المصابيح بتحقيق مشڪواة المصابيح : 217. ضعيف الترغيب والترهيب : 66)
(4) عَنْ أَنَسِ بْنِ مَالِكٍ ، قَالَ : قَالَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ : طَلَبُ الْعِلْمِ فَرِيضَةٌعَلَى كُلِّ مُسْلِمٍ، وَوَاضِعُ الْعِلْمِ عِنْدَ غَيْرِ أَهْلِهِ كَمُقَلِّدِ الْخَنَازِيرِ الْجَوْهَرَ وَاللُّؤْلُؤَ وَالذَّهَبَ . ‍‍ ‍‍‍‍ ‍‍‍‍‍‍‍‍‍‍ ‍‍ ‍‍‍‍ ‍‍‍‍‍‍ ‍‍‍‍‍‍ ‍‍‍‍‍‍. ‍‍: ‍‍‍‍‍‍ ‍‍‍‍‍‍ ‍‍‍‍‍‍‍‍‍‍ ﺿ‍‍‍‍‍‍ ‍‍ ‍‍ ‍‍ ‍‍‍‍‍‍ﺿ‍‍‍‍‍‍(مشڪواة)
وضاحت: روايت جو راوي قاري ابوعمر حفص بن سليمان الاسدي حديث ۾ سخت ضعيف ۽ مجروح آهي . (اضواء المصابيح بتحقيق مشڪواة المصابيح : 218)
امام الباني رحمه الله هن روايت کي صحيح قرار ڏنو آهي.
نوٽ: اطلبوا العلم ولوا بالصين. يعني علم حاصل ڪريو جيتوڻيڪ توهان کي چين وڃڻو پوي. هن روايت کي شيخ الباني رحمه الله باطل قرار ڏنو آهي .(السلسلة الضعيفة: 416)
(5) مَنْ طَلَبَ الْعِلْمَ لِيُجَارِيَ بِهِ الْعُلَمَاءَ، أَوْ لِيُمَارِيَ بِهِ السُّفَهَاءَ، أَوْ يَصْرِفَ بِهِ وُجُوهَ النَّاسِ إِلَيْهِ ؛ أَدْخَلَهُ اللَّهُ النَّارَ . (ترمذي، ابن ماجة)
وضاحت : هيءَ روايت ضعيف آهي راوي اسحاق بن يحييٰ ، حماد بن عبدالرحمان ، اشعث بن سوار ، عبدالله بن سعيد المقبري ضعيف آهن . (اضواء المصابيح بتحقيق مشڪواة المصابيح : 225.226)
نوٽ: امام ناصر الدين الباني رحمه الله مختلف ضعيف روايتن کي جمع ڪري هن روايت کي حسن قرار ڏنو آهي.
(6) عَنِ ابْنِ جُرَيْجٍ ، عَنْ أَبِي الزُّبَيْرِ ، عَنْ أَبِي صَالِحٍ ، عَنْ أَبِي هُرَيْرَةَ ، رِوَايَةً : يُوشِكُ أَنْ يَضْرِبَ النَّاسُ أَكْبَادَ الْإِبِلِ ؛ يَطْلُبُونَ الْعِلْمَ، فَلَا يَجِدُونَ أَحَدًا أَعْلَمَ مِنْ عَالِمِ الْمَدِينَةِ.
وضاحت: هيءَ روايت ضعيف آهي ، سند ۾ ابن جرج ۽ ابوالزبير المڪي مدلس آهن ۽ روايت “عن“ سان آهي . (اضواء المصابيح بتحقيق مشڪواة المصابيح : 246 ، سلسلة الاحاديث الضعيفة: 4833)
(7) أَخْبَرَنَا بِشْرُ بْنُ ثَابِتٍ الْبَزَّارُ ، حَدَّثَنَا نَصْرُ بْنُ الْقَاسِمِ، عَنْ مُحَمَّدِ بْنِ إِسْمَاعِيلَ ، عَنْ عَمْرِو بْنِ كَثِيرٍ ، عَنِ الْحَسَنِ قَالَ : قَالَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ : مَنْ جَاءَهُ الْمَوْتُ وَهُوَ يَطْلُبُ الْعِلْمَ لِيُحْيِيَ بِهِ الْإِسْلَامَ، فَبَيْنَهُ وَبَيْنَ النَّبِيِّينَ دَرَجَةٌ وَاحِدَةٌ فِي الْجَنَّةِ . (سنن الدارمي)
وضاحت: ضعيف آهي، مرسل هجڻ سان گڏ راوي نصر بن القاسم ، محمد بن اسماعيل ، ۽ عمرو بن ڪثير ٽيئي مجهول آهن . (اضواء المصابيح بتحقيق مشڪواة المصابيح :249 . السلسة الضعيفة تحت حديث : 3804)
(8) عَنْ عَبْدِ اللَّهِ بْنِ عَمْرٍو ، قَالَ : خَرَجَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ ذَاتَ يَوْمٍ مِنْ بَعْضِ حُجَرِهِ فَدَخَلَ الْمَسْجِدَ فَإِذَا هُوَ بِحَلْقَتَيْنِ : إِحْدَاهُمَا يَقْرَءُونَ الْقُرْآنَ وَيَدْعُونَ اللَّهَ، وَالْأُخْرَى يَتَعَلَّمُونَ وَيُعَلِّمُونَ، فَقَالَ النَّبِيُّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ : كُلٌّ عَلَى خَيْرٍ : هَؤُلَاءِ يَقْرَءُونَ الْقُرْآنَ وَيَدْعُونَ اللَّهَ فَإِنْ شَاءَ أَعْطَاهُمْ، وَإِنْ شَاءَ مَنَعَهُمْ، وَهَؤُلَاءِ يَتَعَلَّمُونَ وَيُعَلِّمُونَ، ……. فَجَلَسَ مَعَهُمْ.(سنن ابن ماجة. سنن الدارمي)
وضاحت : هيءَ روايت ضعيف آهي راوي عبدالرحمان بن زياد بن انعم الافريقي ، عبدالرحمان بن رافخ التنوخي ، داؤد بن زبرقان ، ۽ بڪر بن خنيس ضعيف آهن . (اضواء المصابيح بتحقيق مشڪواة المصابيح :257 . السلسة الضعيفة : 11)
(9) عَنِ ابْنِ جُرَيْجٍ قَالَ : قَالَ ابْنُ عَبَّاسٍ رَضِيَ اللَّهُ عَنْهُ : تَدَارُسُ الْعِلْمِ سَاعَةً مِنَ اللَّيْلِ خَيْرٌ مِنْ إِحْيَائِهَا.(سنن الدارمي)
وضاحت : هيءَ روايت ضعيف آهي ڇوته ابن جريج سيدنا ابن عباس رضي الله عنه کي ناهي پاتو ۽ حفص بن غياص مدلس آهي ۽ “عن“ سان روايت ڪري ٿو.( اضواء المصابيح بتحقيق مشڪواة المصابيح: 256. وضعفه الشيخ الالباني مشكاة المصابيح )
(10) عن علي رضي الله عنه قال: قال رسول الله صلى الله عليه وسلم: يوشك أن يأتي على الناس زمان لا يبقى من الإسلام إلا اسمه، ولا يبقى من القرآن إلا رسمه، مساجدهم عامرة وهي خراب من الهدى، علماؤهم شر من تحت أديم السماء، من عندهم تخرج الفتنة، وفيهم تعود. (رواه البيهقي في شعب الإيمان مشڪواة المصابيح [276]
وضاحت : هن جي سند موقوفا ۽ مرفوعا ٻنهي طرح ضعيف آهي راوي عبدالله بن دڪين ۽ بشر بن الوليد القاضي ضعيف آهن .( اضواء المصابيح بتحقيق مشڪواة المصابيح: 276. وضعفه الشيخ الالباني رحمه الله، السلسلة الضعيفة : 1936)

0 تبصره :

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔