Menu Bar

Drop Down MenusCSS Drop Down MenuPure CSS Dropdown Menu

نيوز ٽڪر

قادياني اسلام ۽ پاڪستان جا مجرم ***ابوعمير حزب الله بلوچ

پاڻيءَ جي نعمت خطاب : فضيلة الشيخ ذوالفقار علي طاهر رحمھ الله

Wednesday, May 6, 2020

برڪت ڀريو مهينو ۽ شيطاني فريب


فضلية الشيخ ذوالفقار علي طاهر رحمه الله .

قارئين ڪرام ! رمضان المبارڪ رحمتن ، برڪتن ۽ مغفرتن سان ڀرپور مهينو آهي. هيءُ اهو مهينو آهي جنهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ اسان جا اسلاف رب العالمين جي بارگاهه ۾ گڙگڙائي انتهائي عاجزي ۽ انڪساري سان دعائون گهرندا هئا ته: اللهم بلغنا رمضان . اي الله اسان جي زندگي کي ايندڙ رمضان تائين پهچائجانءِ ،اهڙيون دعائون هڪ رمضان جي ختم ٿيڻ سان ئي شروع ٿي وينديون هيون
. اسان جي اسلاف جي رمضان المبارڪ لاءِ ايتري قدر تڙپ ۽ شوق مان اهو اندازو لڳائڻ مشڪل نه آهي ته اهي ڪيتري قدر رمضان جي خير ۽ ڀلائي جو فهم ۽ ادراڪ رکندا هئا . هن مهيني جي رحمتن، برڪتن ۽ بخششن جو صحيح اندازو لڳائڻ لاءِ هيٺين حديثن کي ملاحظه فرمايو :

(1)  عَنْ أَبِي هُرَيْرَةَ قَالَ : قَالَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ : أَتَاكُمْ رَمَضَانُ شَهْرٌ مُبَارَكٌ، فَرَضَ اللَّهُ عَزَّ وَجَلَّ عَلَيْكُمْ صِيَامَهُ، تُفْتَحُ فِيهِ أَبْوَابُ السَّمَاءِ، وَتُغْلَقُ فِيهِ أَبْوَابُ الْجَحِيمِ، وَتُغَلُّ فِيهِ مَرَدَةُ الشَّيَاطِينِ، لِلَّهِ فِيهِ لَيْلَةٌ خَيْرٌ مِنْ أَلْفِ شَهْرٍ، مَنْ حُرِمَ خَيْرَهَا فَقَدْ حُرِمَ .
سيدنا ابو هريره رضي الله عنه فرمايو ته رمضان المبارڪ جي اچڻ تي رسول الله ﷺ جن ارشاد فرمايو : توهان وٽ اهڙو مهينو آيو آهي ، جيڪو تمام گهڻو بابرڪت آهي، جنهن جا روزا الله تعاليٰ توهان تي فرض ڪيا آهن، هن مهيني ۾ جنت جا دروازا کوليا وڃن ٿا ۽ دوزخ جا دروازا بند ڪيا وڃن ٿا، سرڪش شيطانن کي جڪڙي بند ڪيو وڃي ٿو ، هن مهيني ۾ هڪ اهڙي رات آهي جيڪا هزار مهينن کان وڌيڪ افضل آهي ، جيڪو ماڻهو ان رات جي خير ،ڀلائي ۽ برڪت کان رهجي وڃي ته اهو ئي حقيقت ۾ (هر ڀلائي ) کان محروم آهي.( سنن نسائي : 2106 صحيح الجامع الصغير للالباني رحمه الله :55 )

(2)  عَنْ أَبِي هُرَيْرَةَ ، أَوْ عَنْ أَبِي سَعِيدٍ قَالَ : قَالَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ :  إِنَّ لِلَّهِ عُتَقَاءَ فِي كُلِّ يَوْمٍ وَلَيْلَةٍ، لِكُلِّ عَبْدٍ <مُسۡلِمِِ فِي كُلِّ يَوْمٍ وَلَيْلَةٍ> مِنْهُمْ دَعْوَةٌ مُسْتَجَابَةٌ .
سيدنا ابو سعيد الخدري رضي الله عنه فرمائي ٿو ته رسول الله ﷺ جن فرمايو: بيشڪ الله تعاليٰ (رمضان المبارڪ ۾) هر ڏينهن ۽ هر رات ڪيترن ئي ماڻهن کي دوزخ کان آزاد ڪري ٿو ۽ هر ڏينهن ۽ هر رات ۾ مسلمان جي هڪ دعا( ضرور) قبول ڪئي وڃي ٿي. ( البزار . صحيح الترغيب والترهيب للالباني رحمه الله : 1002 ، مسند احمد : 7450، وقال الارناؤط :إسناده صحيح على شرط الشيخين )

(3) عَنْ أَبِي هُرَيْرَةَ قَالَ : قَالَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ : مَنْ صَامَ رَمَضَانَ إِيمَانًا وَاحْتِسَابًا غُفِرَ لَهُ مَا تَقَدَّمَ مِنْ ذَنْبِهِ .
نبي ڪريم ﷺ جن فرمايو : جنهن ماڻهو ايمان جي حالت ۾ ۽ اجر و ثواب حاصل ڪرڻ جي نيت سان رمضان جا روزا رکيا ، ته ان جا گذريل گناهه معاف ڪيا وڃن ٿا. ( صحيح بخاري : 38 ، 2014 ، صحيح مسلم : 760 )

⭐ جڏهن رمضان المبارڪ انسان لاءِ ايتري قدر فائديمند آهي ته پوءِ انسان جو ازلي دشمن ابليس اهو ڪيئن ٿو برداشت ڪري سگهي ته آدم جو اولاد هن مهيني مان ڪو لاڀُ حاصل ڪري !! ان ڪري ابليس آدم جي اولاد کي هن مهيني جي رحمتن ۽ برڪتن کان محروم ڪرڻ لاءِ اهڙي طرح  حمله آور ٿيو جو آدم جو اولاد به مطمئن رهيو ۽ ٻئي پاسي هو ثواب کان به بلڪل محروم رهجي ويو . مطمئن ايئن رهيو جو هو رمضان جا معمول ، سحري ، افطاري ، تراويح ، اعتڪاف ۽ تلاوت وغيره جي ته خوب پابندي ڪندو رهيو ۽ ثواب کان محروم ايئن رهيو جو ابليس کيس رمضان جي حوالي سان ڪيترن ئي بدعتن ۽ خلاف سنت ڪمن جو عادي بڻائي ڇڏيو، جڏهن ته بدعت اهڙين ڪمن ۾ مٿاهين درجي تي آهي جيڪي نيڪ عمل جي ثواب کان محرومي جو ڪارڻ بڻجن ٿا . الله جي نبي ﷺ جي حديث آهي ته :
 مَنْ أَحْدَثَ فِي أَمْرِنَا هَذَا مَا لَيْسَ فِيهِ فَهُوَ رَدٌّ . (صحيح بخاري : 2697 ، صحيح مسلم : 1718 )
يعني جنهن ماڻهو اسان جي هن دين ۾ ڪابه اهڙي شيءِ شامل ڪئي جيڪا پهرين هن ۾ نه هئي ته اها مردود ۽ ناقابل قبول آهي .
الله تعاليٰ قرآن مجيد ۾ اها ئي ڳالهه ٻئي انداز سان بيان فرمائي ته :
الَّذِينَ ضَلَّ سَعْيُهُمْ فِي الْحَيَاةِ الدُّنْيَا وَهُمْ يَحْسَبُونَ أَنَّهُمْ يُحْسِنُونَ صُنْعًا. (سورة الكهف 104)
اي نبي (ﷺ) توهان پنهنجي امت کي ٻڌائي ڇڏيو ته : ڇا اسان اوهان کي عمل ڪرڻ جي باوجود سخت خساري ۽ نقصان وارن ماڻهن جي باري ۾ نه ٻڌايون ؟ اهي عمل ڪرڻ وارا ماڻهو آهن جيڪي وڏي خوش فهمي ۽ ان گمان ۾ آهن ته هو نيڪ عمل ڪري رهيا آهن پر انهن جي سڄي محنت ۽ عمل دنيا ۾ ئي ضايع ٿي وڃي ٿو، ان ڪري جو انهن جا عمل الله جي وحي (قرآن ۽ سنت) جي مطابق نه ٿا هجن بلڪه سندن عملن جو بنياد بدعت تي هجي ٿو.
الله تعاليٰ فرمايو : (عَامِلَةٌ نَاصِبَةٌ) (تَصْلَىٰ نَارًا حَامِيَةً)[سورة الغاشية : 3 .  4 )
يعني قيامت جي ڏينهن اهڙا ماڻهو به هوندا جو اهي دنيا ۾ عمل ڪري ڪري ٿڪجي پيا هوندا پر انهن جا عمل سندن ڪم نه آيا ۽ انهن کي دوزخ ۾ اڇلايو ويندو .
پياري پيغمبر ﷺ جن جي حديث آهي ته: تَرِدُونَ عَلَيَّ غُرًّا مُحَجَّلِينَ، مِنْ أَثَرِ الْوُضُوءِ .
 توهان قيامت جي ڏينهن مون وٽ(حوض ڪوثر تي) اهڙي طرح ايندؤ جو اوهان جا وضوءَ وارا عضوا چمڪي رهيا هوندا .(صحيح بخاري : 136.  صحيح مسلم : 246 (اها نشاني آهي قيامت جي هن امت جي.) ان کان پوءِ پاڻ ﷺ فرمايائون ته ڪجهه اهڙا ماڻهو ايندا جو انهن جا وضوءَ جا عضوا ته چمڪي رهيا هوندا پر مون ۽ انهن جي وچ ۾ هڪ ديوار کڙي ڪئي ويندي ۽ انهن کي مون وٽ اچڻ نه ڏنو ويندو، مون کان پري ڪيو ۽ ڀڄايو ويندو ، آئون چوندس ته اهي ته منهنجا امتي آهن چيو ويندو ته :  إِنَّكَ لَا تَدْرِي مَا أَحْدَثُوا بَعْدَكَ. توهان جي علم ۾ نه آهي ته توهان کان پوءِ انهن دين ۾ ڪيترا ئي نوان ڪم داخل ڪري بدعتن جو شڪار ٿي ويا هئا، انهن توهان جي طريقي ۽ سنتن کي ڇڏي ڏنو هيو ، ان وقت رسول الله ﷺ فرمائيندا: سُحْقًا سُحْقًا لِمَنْ غَيَّرَ بَعْدِي . انهن کي پري ڪيو پري ڪيو ڇوته انهن دين کي تبديل ڪري ڇڏيو ، اهڙي طرح اهي نبي ڪريم ﷺ جي مبارڪ هٿن مان حوض ڪوٽر جو پاڻي پيئڻ کام محروم رهجي ويندا ، جيتوڻيڪ سندن وضو جا عضوا چمڪي رهيا هوندا . (صحيح بخاري : 6584  . 7051  . صحيح مسلم : 2290-91)

⚫ ابليس آدم جي اولاد کي رمضان المبارڪ جي اجر ۽ ثواب کان محروم ڪرڻ لاءِ جيڪي سنت جي خلاف عمل ۽ بدعتون جاري ڪرايون ، انهن مان ڪجهه هيٺ لکجن ٿيون :

(1) روزانو سحري جي وقت جڙتو ۽ من گهڙت لفظن ” وبصوم غد نويت من شهر رمضان “ سان روزي جي نيت ڪرڻ ، ان جو ثبوت نه قرآن ، نه حديث ۾ ، نه ڪنهن صحابي ، تابعي، تبع تابعي ۽ نه ئي ڪنهن امام ۽ محدث کان موجود آهي . وري انهن لفظن جي معنيٰ تي غور ڪيو ته “آئون سڀاڻي جي روزي جي نيت ڪيان ٿو“ حالانڪه روزو اڄ رکي رهيو آھي ۽ نيت وري سڀاڻي جي روزي جي!! ، ڇو ته مغرب جي وقت اسلامي تاريخ تبديل ٿي ويئي ، مطلب ته معنيٰ مان به خبر پئجي ويئي ته اهي لفظ گهڙيل ۽ جڙتو آھن ، نيت دل جي ارادي کي چئبو آھي ، توهان سحري لاءِ اٿڻ جو بندوست ڪيو ٿا ، جاڳو ٿا ، سحري ۾ کاڌو کائو ٿا اهو سڀ ڪجهه توهان جي نيت تي دلالت ڪري ٿو .

(2) ماڻهن کي سحري لاءِ جاڳائڻ خاطر مسجدن مان گُهگهو وڄائڻ ۽ گلين محلن ۾ دهل وغيره وڄائڻ، حالانڪه ان سلسلي ۾ سنت طريقو سحري لاءِ جاڳائڻ خاطر اذان ڏيڻ آهي . (صحيح بخاري: 617.6121.622.623)

(3) افطاري ۾ دير ڪرڻ ۽ سحري ۾ جلدي ڪرڻ ۽ ان لاءِ ميڊيا جي ذريعي باقاعده اعلان ڪري زور ڏنو وڃي ٿو ته افطاري مقرر وقت ( سج لٿي ) کان ٽي (3) منٽ دير سان ڪئي وڃي ۽ سحري وقت کان ٽي  منٽ پهرين ختم ڪئي وڃي ۽ ان کي احتياط جو نالو ڏنو وڃي ٿو ، ايستائين جو رمضان جي نقشن ۽ ٽائم ٽيبل ۾ لکيو پڻ وڃي ٿو ، اها شريعت جي سخت خلاف ورزي آهي ڇوته افطاري ۾ جلدي ڪرڻ ۽ سحري ۾ دير ڪرڻ نبي ڪريم ﷺ ۽ صحابه جي مبارڪ سنت آهي ۽ ان کي اختيار ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي . ڏسندا : (صحيح بخاري : 1955-56-57.  بيهقي : 2329-30  )
نبي ﷺ جي حديٽ آھي ته : لاَ يَزَالُ النَّاسُ بِخَيْرٍ مَا عَجَّلُوا الفِطْرَ .(صحيح البخاري؛ [1957]، صحيح مسلم؛ [1098]). يعني ماڻھو اوستائين خير ۽ ڀلائي تي رهندا جيستائين افطاري ۾ جلدي ڪندا رهندا .
خود نبي ڪريم ﷺ جن سج بيٺي ئي بار بار صحابه ڪرام کي حڪم ڏيئي رهيا هئا ته ستو ٺاهيو ستو ٺاهيو! ۽ جيئن ئي سج لٿو ته پاڻ روزو افطار ڪيائون. (صحيح بخاري: 1955_57)

(4) سحري نه ڪرڻ ۽ سڄي سڄي رات جاڳي مختلف رانديون ، ڪرڪيٽ ، فٽبال ، تاش وغيره کيڏندو ۽ کائيندو ، پيئندو رهڻ ۽ سحري جي وقت سمهي رهڻ! حالانڪه نبي ﷺ جن فرمايو: اسان مسلمانن ۽ اهل ڪتاب يهودين ۽ نصاريٰ جي روزي ۾ فرق سحري ڪرڻ آهي.(صحيح مسلم : 1096 ( حديث ۾ آهي ته سحري ضرور ڪريو ڇو ته بيشڪ ان ۾ برڪت آهي . (صحيح بخاري:1923)

ٻي حديث ۾ آهي : تَسَحَّرُوا وَلَوْ بِجَرْعَةٍ مِنْ مَاءٍ . (صحيح ابن حبان : 3476. صحيح الترغيب والترهيب : 1071) يعني سحري ضرور ڪيو پوءِ ڀلي پاڻي جو هڪ ڍڪُ ئي ڇو نه هجي .

(5) رمضان المبارڪ جي مختلف وقتن ۾ غيرمسنون ۽ غيرثابت دعائون پڙهڻ جو اهتمام ڪرڻ . مثال طور : تراويح جي هر ٻن (2) رڪعتن کان پوءِ جيڪا دعا پڙهي وڃي ٿي جنهن جي آخر ۾ يامجير يامجير جا لفظ آھن، صحيح حديثن  ۾ ان جو ڪوبه ثبوت نه آهي . اهڙي طرح افطاري جي وقت :   اللَّهُمَّ لَكَ صُمْتُ، وَعَلَى رِزْقِكَ أَفْطَرْتُ . واري دعا پڙهڻ جڏهن ته اها دعا سند جي اعتبار سان مرسل آهي ۽ مرسل ضعيف جو هڪ قسم آهي. اهڙي نموني پهرين ٻئي ۽ ٽئين عشري لاءِ الڳ الڳ ڪنهن به خاص دعا جو ڪو به ثبوت صحيح حديثن ۾ نه آھي .

(6) اهڙي طرح صرف خاص ستاويهين تاريخ کي قدر واري رات سمجهڻ حالانڪه نبي ڪريم ﷺ جن فرمايو : شب قدر کي آخري ڏهاڪي جي اڪي راتين ۾ ڳولهيو .(صحيح بخاري: 2017)

(7)  رمضان ۾ عام طور ۽ آخري عشري ۾ يا ستاويهين رات جو هڪ ئي رات ۾ پورو قرآن مجيد پڙھڻ جنهن کي شبينو چيو وڃي ٿو، بلڪل پياري پيغمبر جي سنت جي خلاف ورزي آھي سندن فرمان مبارڪ آھي ته جنهن ماڻھو ٽن ڏينهن کان گهٽ وقت ۾ قرآن مجيد ختم ڪيو ان حقيقت ۾ قرآن سمجهيو ناهي . (ابوداؤد : 1390. ترمذي : 2949)

(8) رمضان جي آخري ڏينهن ۾ ۽ عيد واري ڏينهن هڪ ٻئي ڏانهن عيد ڪارڊ موڪلڻ ۽ انهن ۾ اداڪارن جا فحش ڦوٽو وغيره به هجن ٿا ، ۽ اهو ڪافرن جو طريقو آھي، دين ۾ انهن عيد ڪارڊن جو ڪو به ثبوت ناهي . ان سلسلي ۾ شرعي طريقي ڪار اهو آهي ته چنڊ ڏسڻ کان پوءِ “تقبل الله منا ومنڪم “ جي لفظن سان عيد مبارڪ ڏني وڃي .
اهي ۽ انهن کان سواءِ ٻيا ڪيترا ئي اهڙا عمل آهن جيڪي شيطان جي طرفان رائج ڪرايا ويا ته جيئن بدعتن جو ارتڪاب ڪري آدم جو اولاد رمضان المبارڪ جي هر خير ، ڀلائي ، اجر ۽ ثواب کان محروم رهجي وڃي .
ان ڪري اسان کي هوشيار رهڻ گهرجي ته  ڪنهن به بدعت جو ارتڪاب ناهي ڪرڻو، سڄو مهينو الله جي نبي ﷺ جي طريقي يعني سنت جي مطابق گذارڻو آهي.

0 تبصره :

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔