Menu Bar

Drop Down MenusCSS Drop Down MenuPure CSS Dropdown Menu

نيوز ٽڪر

قادياني اسلام ۽ پاڪستان جا مجرم ***ابوعمير حزب الله بلوچ

پاڻيءَ جي نعمت خطاب : فضيلة الشيخ ذوالفقار علي طاهر رحمھ الله

Friday, March 27, 2020

وبائي بيمارين جي باري ۾ ڪجھ ضروري طبي احتياط ۽ تدبيرون شريعت جي نظر ۾.*


*تحرير: ابوعمير حزب الله بلوچ*

💠 *(1)وبا وارن جاين تي وڃڻ کان بچو*

💠  رسول اللہ ﷺ جن فرمايو جنهن جڳھ تي وبا پکڙجي ته اوڏانهن نه وڃو ۽ جيڪڏھن توهان پهرين کان اتي موجود هجو ته وبا جي خوف کان اتان کان نه نڪرو . [صحیح البخاري: ٦۹۷۳، صحیح مسلم: ۲۲۱۹]



💠 *(2) ميل جول ۽ مصافحو بند ڪرڻ*

💠 نبي ڪريم ﷺ فرمايو: لا يُورِدُ المُمْرِضُ على المُصِحِّ.
يعني ڪنهن بيمار کي صحتمند وٽ نه آڻيو . [صحیح البخاري: ۵۷۷٤، صحیح مسلم: ۲۲۲۱]

💠 ثقيف واري وفد ۾ هڪ ڪوڙھ جو مريض ماڻھو به هيو نبي ڪريم ﷺ کي جڏھن ان جو اطلاع ڏنو ويو ۽ ملاقات ڪري بيعت ڪرڻ جي خواهش جو اظھار ڪيو ويو ته پاڻ ﷺ  ان سان نه ملاقات ڪيائون ۽ نه ئي مصافحو ڪيائون بلڪه ان ڏانهن پيغام موڪليائون ته ٺيڪ آھي اسان تنهنجي زباني بيعت قبول ڪئي تون واپس موٽي وڃ . (صحيح مسلم :2231 ، نسائي . مسند احمد)

💠 نبي ڪريم ﷺ جن فرمايو: ته ڪابه بيماري (ذاتي طور پنهنجي مرضي سان) متعدي نه ٿي ٿئي (جو الله جي مرضي کان سواءِ هڪ مان ٻئي کي لڳي وڃي) ... ۽ ڪوڙھ جي مريض کان ايئن ڀڄو جيئن شينهن کان ڀڄو ٿا(يعني ان سان ملاقات ۽ مصافحو نه ڪيو) (صحيح بخاري: 5707)

💠 نوٽ: اها روايت جنهن ۾ آھي ته نبي ڪريم ﷺ جن ڪوڙھ جي بيمار کي پاڻ سان گڏ هڪ ئي پليٽ ۾ ھٿ وجهرايو ۽ کاڌو کارايو ۽ فرمايو ته بسم الله ڪري الله تي ڀروسو ۽ توڪل ڪندي کاءُ ، راوي مفضل بن فضاله جي ضعف جي ڪري ضعيف آھي (انوارالصحيفة . ابوداؤد: 3925)

💠 *(3)وباء جي دور ۾ گهرن ۾ بند رهڻ ۽ شھادت جو درجو ماڻڻ*

💠 نبي ڪريم ﷺ جن فرمايو: طاعون جي وبا الله تعاليٰ جو عذاب آھي جو جنهن تي وڻيس ان تي نازل ڪري ٿو پر مومنن لاءِ ان کي به رحمت بڻائي ڇڏيو اٿس اهڙي طرح جو جنهن جڳھ تي طاعون پکڙجي وڃي ۽ مومن ماڻھو صبر ڪندي ، الله تعاليٰ کان ثواب جي اميد رکندي ۽ اهو عقيدو رکندي پنهنجي گهر ۾ ويهي رهي ته کيس بس اوتري ئي تڪليف پهچي سگهي ٿي جيتري الله تعاليٰ سندس قسمت ۾ لکي هوندي ته الله تعاليٰ ان لاءِ شھيد جو درجو لکي ڇڏي ٿو . (مسند احمد: 26139 ، قال الارناؤط: إسناده صحيح على شرط البخاري.)
💠 حافظ ابن حجر رحمه الله فرمائين ٿا ته هيءَ حديث ان ڳالھ تي دلالت ڪري ٿي ته : ان وبا جي دور ۾ جيڪو ماڻھو صرف اهي صفتون اختيار ڪري صبر ڪري ته کيس شھادت جو درجو ملندو جيتوڻيڪ کيس(ان بيماري ۾) موت نه به اچي ... ( فتح الباري: ج 10 ص 194، تحت حديث : 5734)

⭐ هن حديٽ مان اهو پڻ ثابت ٿيو ته صحتمند ماڻھن جو به وبائي بيمارين جي وقت پنهنجي گهرن ۾ رهڻ ۽ بغير ڪنهن لازمي ضرورت جي ٻاهر نه نڪرڻ ڪيتري قدر ضروري آھي ۽ ان ۾ ڪيڏو وڏو ثواب پڻ آھي.

💠 قارئين ڪرام هنن حديثن مان اها ڳالھ بلڪل واضح ٿي ته وبائي بيمارين واري دور ۾ اسان کي دين تي عمل ڪندي ۽ الله تعاليٰ سان مضبوط تعلق قائم ڪندي ۽ ان تي ڀرپور توڪل ڪندي سخت احتياطي تدبيرن جي پڻ ضرورت آهي ۽ رسول الله جو پڻ اهو ئي فيصلو آھي ته:  اسان جي ڪنهن طرز عمل سان نه اسان کي تڪليف رسي ۽ نه ئي ٻين کي نقصان پهچي :  لَا ضَرَرَ وَلَا ضِرَارَ. (سنن ابن ماجة: 2340)

💠 يقينا ھر مسلمان لاءِ اها ڳالھ وڏي تڪليف جو باعث آھي جو اڄ اسان جون مسجدون به جمعي ۽ جماعت لاءِ بند آھن پر ان کي شريعت جي خلاف قرار نه ٿو ڏئي سگهجي ڇو ته ان جو مقصد صرف مسلمانن کي ڪرونا واري خطرناڪ وبا کان بچائڻ آھي شريعت ۾ جڏھن مينهن برسات ، سختي سردي ، طوفاني صورتحال ۾ نه صرف گهرن ۾ نماز پڙھڻ جي اجازت آھي بلڪه اذان ۾ باقائده اهو اعلان ڪرڻ جو حڪم پڻ آھي ته :أَلَا صَلُّوا فِي الرِّحَالِ . يعني نمازون پنهنجي گهرن ۾ ئي پڙھو . ( صحيح بخاري: 632)
ته پوءِ ڪرونا واري هيءَ بيماري انهن عذرن کان ته گهڻي خطرناڪ آھي .

0 تبصره :

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔