Menu Bar

Drop Down MenusCSS Drop Down MenuPure CSS Dropdown Menu

نيوز ٽڪر

قادياني اسلام ۽ پاڪستان جا مجرم ***ابوعمير حزب الله بلوچ

پاڻيءَ جي نعمت خطاب : فضيلة الشيخ ذوالفقار علي طاهر رحمھ الله

Wednesday, January 8, 2020

شرعي ڦيڻا دم ۽ جهاڙون


تحرير : ابوعمير حزب الله بلوچ 

نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جو فرمان آھي ته :
مَا أَنْزَلَ اللَّهُ دَاءً إِلَّا أَنْزَلَ لَهُ شِفَاءً (صحيح بخاري: 5678)
 لِكُلِّ دَاءٍ دَوَاءٌ، فَإِذَا أُصِيبَ دَوَاءُ الدَّاءِ بَرَأَ بِإِذْنِ اللَّهِ عَزَّ وَجَلَّ. (صحيح مسلم : 2204)
الله تعاليٰ جيڪا به بيماري نازل يا تخليق فرمائي آھي ته ان جو علاج، شفاء ۽ دوا به ضرور نازل ڪئي اٿس جڏھن مرض جي صحيح دوا جي تشخيص ٿي وڃي ته پوءِ الله تعاليٰ جي مرضي سان بيماري کان شفاء نصيب ٿئي ٿي .
ڦيڻن جي سلسلي ۾ نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن صحابه ڪرام کي حڪم ڏيندي فرمايو ته توهان پنهنجا ڦيڻا مون کي ٻڌائي تصديق ڪرائي وٺو هر ڦيڻو جائز آھي جيستائين ان ۾ شرڪ داخل نه ٿئي .(صحيح مسلم: 2200)
* مطلب ته شرڪيه دم جهاڙ ناجائز ۽ حرام آھن ان ڪري
مشرڪ ۽ بدعتي ماڻھن کان دم جهاڙ ڪرائڻ کان بچڻ ضروري آھي ڇو ته انهن جي ڦيڻن جو ڪو به اعتبار ناهي گهڻو ڪري سندن ڦيڻا شرڪيه هوندا آھن .
نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جو فرمان مبارڪ آھي ته جيڪو جهاڙ ڦيڻي جي ذريعي ڪنهن مسلمان ڀاءَ کي فائدو پهچائي سگهي ٿو ته ضرور کيس فائدو رسائي . (صحيح مسلم: 2199)

⭐ ڏکن، غمن، پريشانن ۽ بيمارين جي علاج جو هڪ طريقو طبي آھي ۽ ٻيو روحاني آھي هتي روحاني علاج جي سلسلي ۾ ڪجهه دم ڦيڻا ۽ جهاڙون لکجن ٿيون جيڪي قرآن ۽ سنت مان ثابت آھن .

⭐ مڪمل قرآن مجيد شفاء آھي

* قرآن مجيد جسماني ۽ روحاني بيمارين لاءِ شفاء آھي :
يَا أَيُّهَا النَّاسُ قَدْ جَاءَتْكُمْ مَوْعِظَةٌ مِنْ رَبِّكُمْ وَشِفَاءٌ لِمَا فِي الصُّدُورِ وَهُدًى وَرَحْمَةٌ لِلْمُؤْمِنِينَ. [سورة يونس 57]
اي انسانؤ بيشڪ اوهان ڏانهن اوهان جي رب طرفان نصيحت لاءِ ڪتاب آيو آھي جنهن ۾ دلين جي بيمارين لاءِ شفاء آھي جيڪو مومنن لاءِ ھدايت ۽ رحمت پڻ آھي .

* وَنُنَزِّلُ مِنَ الْقُرْآنِ مَا هُوَ شِفَاءٌ وَرَحْمَةٌ لِلْمُؤْمِنِينَ . [سورة اﻹسراء 82]
۽ اسان قرآن ۾ جيڪو ڪجهه نازل ڪيو آھي سو مومنن لاءِ شفاء ۽ رحمت آھي .
مطلب ته پورو قرآن مجيد شفاء آھي .

⭐ هر بيماري ۽ خاص طور وڇون نانگ يا ڪنهن زهريلي جانور جو ڦيڻو: ست دفعا سورة الفاتحة (الحمد شريف ) پڙھي جهاڙ رکڻ . (بخاري : 5007. مسلم : 2001. ترمذي : 2063) ست دفعا پڙھڻ جو ذڪر ترمذي جي حديث ۾ آھي .

⭐ معوذتان .
سورة الاخلاص (قل هو الله احد مڪمل سورة) سورة الفلق (قل اعوذ برب الفلق مڪمل سورة ) سورة الناس (قل اعوذ برب الناس مڪمل سورة) (صحيح بخاري: 5735 . صحيح مسلم : 2192)

* پاڻ صلي الله عليه وسلم فرمايو ته اهي سورتون صبح ۽ شام ٽي ٽي دفعا پڙھڻ هر شيءِ کان ڪافي آھن (سنن النسائي: 5428 ابوداؤد : 5082)

* بيماري ۾ رسول الله صلي الله عليه وسلم جن پاڻ تي انهن سورتن سان دم ڪندا هئا. (بخاري: 5735. مسلم)

* پناهه گهرڻ لاءِ اهي ٻئي سورتون (معوذتان) زبردست ۽ بيمثال آھن . (مسلم: 814)

* سخت طوفان (بارش ) ۽ انڌاري رات ۾ نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن انهن ٻنهي سورتن ذريعي الله جي پناهه گهرندا هئا ۽ حڪم پڻ ڏيندا هئا. (ابوداؤد: 1463)

* جنن کان بچاء ۽ بري نظر کان بچڻ لاءِ پڻ اهي ٻئي سورتون مسنون آھن (ترمذي:2058، ابن ماجة: 3511)

⭐ آية الڪرسي هڪ بهترين ڦيڻو آھي ڇو ته اها قرآن جي عظيم آيت آھي خاص طور رات جو سمهڻ وقت پڙھڻ سان صبح تائين ملائڪ پڙھندڙ جي ، سندس گهر ۽ مال جي حفاظت ڪندا رهن ٿا ۽ ماڻھو شيطان کان محفوظ رهي ٿو. (بخاري : 2311. ترمذي: 2880، 2884)

⭐ سورة البقرة جون آخري ٻه آيتون جنهن گهر ۾ ٽي ڏينهن پڙھيون وڃن  شيطان ان گهر ۾ داخل ٿيڻ جي طاقت نه ٿو رکي . (جامع ترمذي : 2882)
* اهي ٻه آيتون جيڪو ماڻھو رات جو پڙھي ته اهي سندس لاءِ ڪافي ٿي وينديون .(بخاري: 5008، مسلم: 807-808)

* اهڙي فضيلت پوري سورة بقره لاءِ پڻ ثابت آھي ته جنهن گهر ۾ اها پڙھي وڃي شيطان ان مان ڀڄي نڪري وڃي ٿو .(مسلم:780)

* (جادو شيطان ۽ جن يعني هر) باطل سوره بقره ۽ سوره آل عمران جو مقابلو ڪرڻ جي طاقت نه ٿا رکن . (مسلم: 804)

⭐ مريض جي عيادت ڪرڻ وقت کيس هنن لفظن سان دلاسو ڏيڻ گهرجي ته :
لَا بَأْسَ، طَهُورٌ إِنْ شَاءَ اللَّهُ . مطلب ته ڪا ڳالهه ناهي اها بيماري ته گناهن کان پاڪ ڪندڙ يعني گناهن لاءِ معافي جو سبب آھي .( صحيح بخاري: 5662)

⭐ بيمار جي جسم تي ساڄو هٿ رکي هيءُ ڦيڻو رکيو وڃي :
اللَّهُمَّ رَبَّ النَّاسِ، أَذْهِبِ الْبَاسَ، اشْفِهِ وَأَنْتَ الشَّافِي، لَا شِفَاءَ إِلَّا شِفَاؤُكَ، شِفَاءً لَا يُغَادِرُ سَقَمًا . (صحيح بخاري: 5743، مسلم : 2191)

⭐ جبريل عليه السلام نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم کي هنن لفظن سان ڦيڻو ڪندا هئا :
 بِاسْمِ اللَّهِ أَرْقِيكَ،مِنْ كُلِّ شَيْءٍ يُؤْذِيكَ، مِنْ شَرِّ كُلِّ نَفْسٍ، أَوْ عَيْنِ حَاسِدٍ اللَّهُ يَشْفِيكَ، بِاسْمِ اللَّهِ أَرْقِيكَ. (صحيح مسلم : 2186)
بِاسْمِ اللَّهِ يُبْرِيكَ، وَمِنْ كُلِّ دَاءٍ يَشْفِيكَ، وَمِنْ شَرِّ حَاسِدٍ إِذَا حَسَدَ، وَشَرِّ كُلِّ ذِي عَيْنٍ. (صحيح مسلم: 2185.)

⭐ هيٺين لفظن سان مريض تي دم ڪيو وڃي ۽ نقطن واري جاءِ تي مريض جو نالو وٺڻ گهرجي :
اللَّهُمَّ اشْفِ ... ، اللَّهُمَّ اشْفِ...،  اللَّهُمَّ اشْفِ ... (صحيح مسلم : 1628)

⭐ مريض تي ست دفعا هيءُ  ڦيڻو رکڻ سان جيڪڏھن ان بيماري ۾ سندس موت لکيل نه هوندو ته الله تعاليٰ ضرور ان کي شفاء عطا فرمائيندو :
أَسْأَلُ اللَّهَ الْعَظِيمَ رَبَّ الْعَرْشِ الْعَظِيمِ أَنْ يَشْفِيَكَ . (ابوداؤد: 3106 ، ترمذي : 2083)

⭐ اللَّهُمَّ اشْفِ عَبْدَكَ، يَنْكَأُ لَكَ عَدُوًّا، أَوْ يَمْشِي لَكَ إِلَى جِنَازَةٍ و إِلَى صَلَاةٍ . (ابوداؤد: 3107)

⭐ جيڪو ماڻھو صبح جي وقت ۽ شام جي وقت ٽي دفعا هيءَ دعا پڙھندو ته کيس ڪا به شيءِ نقصان نه رسائي سگهندي :
بِاسْمِ اللَّهِ الَّذِي لَا يَضُرُّ مَعَ اسْمِهِ شَيْءٌ فِي الْأَرْضِ وَلَا فِي السَّمَاءِ وَهُوَ السَّمِيعُ الْعَلِيمُ، (ابوداؤد : 5088، ترمذي : 3388)

⭐ جيڪو ماڻھو سفر وغيره ۾ ڪنهن جڳهه يا گهر ۾ رهي ۽ هيءُ دعا پڙھي ته کيس ڪا به شيءِ ، نانگ، وڇون وغيره نقصان نه رسائي سگهندي :
أَعُوذُ بِكَلِمَاتِ اللَّهِ التَّامَّاتِ مِنْ شَرِّ مَا خَلَقَ.
(صحيح مسلم : 2708 ، 2709)

⭐ ننڍن ٻارن کي جنن شيطانن ۽ بري نظر کان بچائڻ لاءِ هيءُ ڦيڻو رکڻ سنت آھي :
أَعُوذُ بِكَلِمَاتِ اللَّهِ التَّامَّةِ مِنْ كُلِّ شَيْطَانٍ وَهَامَّةٍ ، وَمِنْ كُلِّ عَيْنٍ لَامَّةٍ . (صحيح بخاري: 3371 )

⭐ جسم ۾ سور واري جڳهه تي هٿ رکي ٽي دفعا بسم الله پڙھڻ کان پوءِ ست دفعا هيءَ دعا پڙھي ڦيڻو رکڻ سان سور ختم ٿي ويندو :
أَعُوذُ بِعِزَّةِ اللَّهِ وَقُدْرَتِهِ مِنْ شَرِّ مَا أَجِدُ وَأُحَاذِرُ . (صحيح مسلم :2202،  ابوداؤد : 3891 ، ابن ماجة : 3522)

⭐ وڇونءَ جي ڏنگ کي پاڻي ۽ لوڻ ھڻڻ ۽ سورة الڪافرون ( قل يا أيها الكافرون ) ۽ سورة الفلق ( قل أعوذ برب الفلق )  ۽ سورة الناس ( قل أعوذ برب الناس ) پڙھي ڦيڻو رکڻ مسنون آھي.
(رواه الطبراني في الصغير : 830 ، وفي الاوسط : 5890  وحسنّه الهيثمي ، وصححه الالباني في الصحيحة ( 548 ) ، والمشكاة (4567)

⭐ ڪنهن ماڻھو کي ڪا تڪليف بيماري ، جسم ۾ ڪو زخم يا ڦٽُ هوندو هيو ته نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن ان تي هنن لفظن سان ڦيڻو رکندا هئا :
بِاسْمِ اللَّهِ، تُرْبَةُ أَرْضِنَا، بِرِيقَةِ بَعْضِنَا ؛ لِيُشْفَى بِهِ سَقِيمُنَا، بِإِذْنِ رَبِّنَا . (صحيح مسلم : 2194)

0 تبصره :

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔