Menu Bar

Drop Down MenusCSS Drop Down MenuPure CSS Dropdown Menu

نيوز ٽڪر

قادياني اسلام ۽ پاڪستان جا مجرم ***ابوعمير حزب الله بلوچ

پاڻيءَ جي نعمت خطاب : فضيلة الشيخ ذوالفقار علي طاهر رحمھ الله

Tuesday, October 30, 2018

خطاب: فضيلة الشيخ ذوالفقار علي طاهر رحمه الله

خطاب: فضيلة الشيخ ذوالفقار علي طاهر رحمه الله .
الله تبارڪ وتعاليٰ انسان جو جيڪو مزاج بنايو آهي، ان مزاج ۾ اها ڳالهه ممڪن آ ته انسان کان غلطي سرزد ٿئي، ان کان خطا ٿئي. ڪڏهن ڪا نافرماني ٿي وڃي، ڪو گناهه جو ڪم ٿي وڃي، اهو ممڪن آ. انسان جو جيڪڏهن اهو مزاج ٺاهيو ويو آهي ته گڏوگڏ الله تبارڪ وتعاليٰ انسان جي لاءِ پنهنجا گناهه معاف ڪرائڻ جي لاءِ موقعا
به ڏنا آهن.
نيڪيون ڪرڻ
انهن گناهن کي انسان ڪنهن ڪنهن طريقي سان معاف ڪرائي سگهي ٿو؟ انهن مان هڪڙو طريقو آهي نيڪيون ڪرڻ. ماڻهو صالح عمل ڪري، نيڪ عملن کي اختيار ڪري پنهنجا گناهه معاف ڪرائي سگهي ٿو. الله تبارڪ وتعاليٰ فرمائي ٿو:
اِنَّ الْحَسَنٰتِ يُذْهِبْنَ السَّيِّاٰتِ١ؕ (هود: 114)
ته نيڪيون گناهن کي ختم ڪري ڇڏين ٿيون.
هڪڙو ماڻهو بحيثيت انسان جي گنهگار آهي، پر گڏوگڏ هو نيڪيون ڪري ٿو، صالح اعمال ڪري ٿو ته اهي نيڪيون ۽ صالح عمل ان جي گناهن کي ختم ڪري ڇڏين ٿيون . الله تبارڪ وتعاليٰ صالح عملن ۾، نيڪين ۾ اها صلاحيت رکي آهي اِنَّ الْحَسَنٰتِ يُذْهِبْنَ السَّيِّاٰتِ١ؕ ته نيڪيون گناهن کي، برائين کي، نافرمانين کي ختم ڪرڻ واريون آهن ته ان مان اسان کي هي سبق مليو، ته انسان هجڻ ڪري غلطيون سرزد ٿين ٿيون. پوءِ ڇونه اسان نيڪين ڏانهن، صالح عملن ڏانهن لاڙو ڪيون، تاڪه انهن نيڪين، صالح عملن جي برڪت سان گناهه ختم ٿيندا وڃن. پياري پيغمبر ﷺ پنهنجي صحابي سيدنا معاذ بن جبل ﷦ کي يمن روانو ڪيو. جڏهن الوداع ڪرڻ مديني کان ٻاهر پهتا ته الله جي نبي ﷺ پنهنجي صحابي سيدنا معاذ بن جبل ﷦ کي ڪجهه نصيحتون ڪيون. نصيحت ڪرڻ وارو ڪير آ؟ محمد رسول الله ﷺ ۽ ڪنهن کي؟ پنهنجي صحابي کي. ڪهڙي نصيحت؟ اِتَّقِ اللّٰهَ حَيْثُ مَا كُنْتَ. (سنن الترمذي: 1987) تون جتي به هجين، الله تبارڪ وتعاليٰ کان ڊڄندو رهجانءِ. جتي به هجين، پنهنجن ۾ هجين، پراين ۾ هجين، سفر ۾ هجين، حضر ۾ هجين، جتي به هجين الله کان ڊڄندو رهجانءِ. ڪجهه ماڻهو هجن ٿا جيڪي گناهن کان، برائين کان پاسو ڪن ٿا پنهنجن ۾ ته بيعزتي نه ٿئي ۽ جڏهن هو پراين ۾ هجن ٿا، جتي ڪو سڃاڻڻ وارو ڪونه ٿو هجي، اتي خوب الله تبارڪ وتعاليٰ جي نافرماني ڪن ٿا، گناهه جا ڪم ڪن ٿا ته هتي ڪير سڃاڻڻ وارو آ!! الله جي نبي ﷺ پنهنجي صحابي معاذ بن جبل ﷦ کي نصيحت فرمائي رهيا آهن: اتَّقِ اللّٰهَ حَيْثُ مَا كُنْتَ. جتي به هجين، الله تبارڪ وتعاليٰ کان ڊڄندو رهجانءِ. وَأَتْبِعِ السَّيِّئَةَ الْحَسَنَةَ. (مسند احمد: 22059) ۽ گناهه ٿي وڃي، ڪا نافرماني ٿي وڃي، گناهه جو ڪم ٿي وڃي، ڪا لغزش ٿي وڃي، فورًا نيڪي ڪجانءِ. حالانڪه الله جي نبي ﷺ جا اصحاب سڳورا، انهن جي پوري زندگي اطاعت ۽ فرمانبرداري تي هئي پر پيارا پيغمبر ﷺ اصحابن کي نصيحت فرمائي رهيا ’آهن: گناهه جو ڪم ٿي وڃي، فورًا نيڪي ڪجانءِ. وَخَالِقِ النَّاسَ بِخُلُقٍ حَسَنٍ. ۽ ماڻهن سان سهڻي اخلاق سان ملجانءِ. ته هن حديث تي منهنجا ڀائرو! توهان غور ڪيو ته ٻي نمبر تي جيڪا پياري پيغمبر ﷺ نصيحت ڪئي، اها ڇا آهي؟ أَتْبِعِ السَّيِّئَةَ الْحَسَنَةَ. اها ساڳي ڳالهه اِنَّ الْحَسَنٰتِ يُذْهِبْنَ السَّيِّاٰتِ١ؕ ته نيڪيون، چڱا عمل گناهن کي ڌوئي ڇڏين ٿا. (هود: 114) اڄ اسان جو جيڪو مزاج، اسان جي طبيعت ڇا آهي؟ رڳو الله جي نافرماني ڪرڻ. نيڪين واري پاسي، چڱن عملن واري پاسي اسان جو ڌيان ئي ڪونهي ڇا جو آسرو آهي اسان کي؟ الله جي نبي ﷺ ته صحابن کي کولي کولي ٻڌائي ڇڏيو ته جيڪڏهن توهان کان ڪا غلطي سرزد ٿي وڃي ته نيڪيون ڪجو، تاڪه اهي غلطيون ختم ٿي وڃن، اها غلطي مٽجي وڃي. اسان جي اها سوچ ئي ناهي. اسان کي ڪا پرواهه ئي ناهي. رڳو الله جي نافرماني، رڳو گناهه جا ڪم. نيڪي واري پاسي اسان جو ڌيان ئي ناهي.
سيدنا عمر فاروق ﷦ فرمائن ٿا ته هڪڙي ٿوري مون کان غلطي ٿي. اها غلطي مون کان وسري ئي نه ٿي. ڪهڙي غلطي؟ صلح حديبيه جي موقعي تي مون الله جي نبي ﷺ جي سامهون ٿورو تيز ڳالهايو. جڏهن ڪافر، مشرڪ جيڪو شرط رکن، الله جا نبي ﷺ مڃن پيا. اسان مان جيڪڏهن ڪو ماڻهو توهان وٽ اچي، توهان اسان کي واپس نه ڪجؤ. ڪافرن، مشرڪن مان ڪو ماڻهو مسلمانن وٽ ايندو ته مسلمان واپس ڪندا.. سيدنا عمر فاروق ﷦ جڏهن اهو ٻڌي ٿو ته الله جي نبي ﷺ جي سامهون اچي چوي ٿو ته ڇا اسان ايترا ڪمزور آهيون جو اهڙا شرط به توهان تسليم ڪري رهيا آهيو؟ اهو هڪڙو جملو سيدنا عمر ﷦ الله جي نبي ﷺ جي سامهون ڳالهايو. فرمائي ٿو ته سال گذري ويا، اڃا تائين اهو جملو، اها تيزي مون کان وسري ڪونهي. ان تيزي ۽ ان جملي کي ختم ڪرڻ لاءِ جنگيون ڪيون، ڪيترا چڱا عمل ڪيا آهن ته اهو جملو جيڪو مون الله جي نبي ﷺ جي سامهون ڳالهايو هو، اهو ختم ٿي وڃي(صحيح بخاري: 32-2731) اندازو ڪيو منهنجا ڀائرو! هي اهي ماڻهو هئا، جن کي بهشت جي، مستقل بشارت مليل هئي. انهن جي سوچ ڏسو ته فلاڻي موقعي تي مون کان اها غلطي ڇو ٿي ۽ ان کي ختم ڪرڻ جي لاءِ، ان کي ميٽڻ جي لاءِ نيڪيون ڪندا هئا. اڄ اسان کي گناهه جو ڪو ڪم ياد آهي؟ ياد ئي ڪونهي. گناهه ڪيون، نافرمانيون ڪيون ۽ وساري ڇڏيون. آخر انهن کي بخشائڻو ته آهي. جيڪڏهن اسان جي ذمي هڪ گناهه به رهجي ويو ته منهنجا ڀائرو، ته بهشت ۾ وڃڻ مشڪل آ. سيدنا آدم عليه السلام هڪڙي غلطي ڪئي هئي ته هڪڙي غلطي جي ڪري جنت ۾ رهي سگهيا؟ نه! معلوم ٿيو ڪا هڪڙي غلطي، ڪو هڪڙو گناهه به ذمي رهجي ويو ته بهشت ۾ وڃڻ مشڪل آ. ان ڪري اسان عمل صالح ڪيون، نيڪيون ڪيون. مون پهرين به چيو ته انسان هجڻ جي ناطي غلطي ٿي سگهي ٿي. ان کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪجي، بخشائڻ جي ڪوشش ڪجي. ان لاءِ الله تبارڪ وتعاليٰ ڪيترا چڱا عمل رکيا آهن. اسان انهن چڱن عملن جي پابندي ڪيون.
وضو ڪرڻ
مثال جي طور تي حديث جي ڪتاب سنن نسائي ۾ الله جي نبي ﷺ جي حديث موجود آهي. فرمايائون ته: جيڪو ماڻهو وضوء ڪري ٿو ته وضوء ڪرڻ جي دوران جيڪي جيڪي عضوا ڌوئي ٿو ۽ انهن عضون مان پاڻي هيٺ ڪِري ٿو، انهن عضون جا جيڪي گناهه آهن، اهي پاڻي سان گڏ هيٺ ڪرن ٿا. ڏسو وضو ڪرڻ. ڪيڏي وڏي نيڪي آ. هٿ ڌوئي ٿو، هٿن جا گناهه هيٺ ڪرن ٿا. ماڻهو گرڙي ڪري ٿو، زبان سان ڪيل گناهه مٽجي وڃن ٿا(صحيح مسلم:244). ماڻهو منهن ڌوئي ٿو، اکين جا گناهه. ماڻهو ڪنن جو مسح ڪري ٿو، پير ڌوئي ٿو، انهن عضون جا گناهه ختم ٿي وڃن ٿا. ڪيتري عظيم نيڪي آ. ان ڪري اسان کي گهرجي ته اسان هر وقت باوضو رهون. جيئن ئي وضو ختم ٿئي، فورًا وضو ڪيون. جيترا دفعا اسان وضو ڪنداسين، اوترا دفعا اسان جا گناهه ختم ٿيندا. اهي الله تبارڪ وتعاليٰ جا ڏنل موقعا آهن. جڏهن الله تبارڪ وتعاليٰ انسان جي مزاج ۽ انسان جي طبيعت ۾ اها ڳالهه رکي آهي ته ان کان غلطي ٿيندي ته الله تبارڪ وتعاليٰ موقعا ڏنا آهن. اسان جو مزاج ۽ طبيعت اها نه هئڻ گهرجي رڳو گناهه، رڳو غلطيون. نه! گڏوگڏ بخشائڻ جو به فڪر هئڻ گهرجي ۽ جيڪي عمل الله تبارڪ وتعاليٰ گناهن کي بخشائڻ جا ٻڌايا آهن، انهن جي پابندي ڪيون تاڪه الله تبارڪ وتعاليٰ گناهه به معاف ڪندو رهي.
نماز جي پابندي:
نماز جي پابندي به گناهه ميتيندڙ آهي، الله جي نبي ﷺ جي حديث آهي:
اَلْجُمُعَةُ إِلَى الْجُمُعَةِ كَفَّارَةٌ لِمَا بَيْنَهُمَا.
ته جيڪو ماڻهو جمعي جي پابندي ڪري ٿو ته ٻن جمعن جي وچ ۾ ان کان جيڪي گناهه ٿين ٿا، الله تبارڪ وتعاليٰ اهي معاف فرمائي ڇڏي ٿو. (مسلم: 233، سنن ابن ماجھ: 1086) ڏسو اهو مليل موقعو آهي. ماڻهو جمعي جي پابندي ڪري، وقت تي اذان کان پهرين مسجد ۾ پهچي، اهو خاص ادب آهي. اذان کان پهرين ماڻهو مسجد ۾ پهچي غور سان، جمعي جو خطبو ٻڌي. هڪ جمعو ايئن گذاريو، ٻيو جمعو به ايئن گذاريو. انهن ٻنهي جمعن جي وچ ۾ ان کان جيڪي غلطيون سرزد ٿيون، الله تبارڪ وتعاليٰ اهي معاف فرمائي ڇڏيندو. اهو الله جي طرفان مليل موقعو آهي. الله جي نبي ﷺ جي حديث آهي:
وَالصَّلَاةُ الْخَمْسُ كَفَّارَةٌ لِمَا بَيْنَهُنَّ.
ته هي پنج نمازون، پنجن نمازن جي درميان ٿيندڙ گناهن جو ڪفارو آهن. (صحيح مسلم: 233) جيڪو ماڻهو پنجن نمازن جي پابندي ڪري ٿو، وقت تي ادا ڪري ٿو ۽ پياري پيغمبر ﷺ جي سنت مطابق ادا ڪري ٿو، اهي پنج نمازون ان جي گناهن جو ڪفارو بنجي وڃن ٿيون. انهن پنجن نمازن جي ڪري الله تبارڪ وتعاليٰ انهن جي وچ ۾ ٿيندڙ گناهه معاف فرمائي ڇڏي ٿو. ڏسو هي موقعا مليل آهن الله جي طرفان ۽ ڏسو جيڪڏهن اسان سڀ گناهه، برايون ڪيون ۽ بخشائڻ جي پاسي ئي نه هجون ته پنهنجو ڪيڏو نقصان ڪيون ٿا. نه اسان وضو جي پاسي، نه نماز جي پاسي، پوءِ گناهه ختم ڪيئن ٿيندا؟ ڇا اسان کي مرڻو ناهي؟ قبر ۾ ناهي وڃڻو؟ڇا اسان کي الله تبارڪ وتعاليٰ جي عذاب ۽ ٺاهيل دوزخ کان بچڻو ناهي؟ ان ڪري ضروري آهي ته جن نيڪين سان گناهه ختم ٿين ٿا، انهن نيڪين ۽ چڱن عملن جي پابندي ڪيون. الله جي نبي ﷺ وٽ هڪ صحابي آيو. سنن نسائي جي حديث آهي، پنهنجي غلطي جو اعتراف ڪيائين ته مون کان غلطي ٿي وئي آهي، آئون ڇا ڪيان؟ آئون پريشان آهيان. هي ان دور جا ماڻهو هئا، هڪ ته انهن کان شاذ ونادر ڪا غلطي ٿيندي هئي. پر جڏهن انهن کان غلطي سرزد ٿيندي هئي ته پريشان ٿي ويندا هئا. الله جي نبي ﷺ جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ۽ پنهنجي پريشاني الله جي نبي ﷺ جي سامهون رکيائين. پياري پيغمبر ﷺ ان کي ڪو جواب ڪونه ڏنو. نماز جو وقت ٿيو. جڏهن سڀني نماز پڙهي، ان به پڙهي. نماز کان فارغ ٿيا ته الله جي نبي ﷺ جي خدمت ۾ وري اهو صحابي حاضر ٿيو ته اي الله جا نبي ﷺ! منهنجو ڇا ٿيندو؟ فرمايائون: تو اسان سان گڏ هينئر نماز پڙهي آهي؟ چوڻ لڳو: جي پڙهي آ. نبي ﷺ فرمايو: ان نماز پڙهڻ ڪري الله تبارڪ وتعاليٰ تنهنجي اها غلطي معاف فرمائي ڇڏي آهي.(صحيح بخاري: 6823) وَ مَا يَنْطِقُ عَنِ الْهَوٰى ؕ۰۰۳ اِنْ هُوَ اِلَّا وَحْيٌ يُّوْحٰى ۙ۰۰۴ معنيٰ الله تبارڪ وتعاليٰ وحي ڪري پيغمبر ﷺ کي ٻڌايو هن صحابي کي خوشخبري ڏي هن نماز پڙهڻ جي برڪت جي ڪري الله تبارڪ وتعاليٰ تنهنجي غلطي معاف فرمائي ڇڏي. معنيٰ نماز پڙهڻ سان ايترو جلد گناهه معاف ٿين ٿا، فورًا گناهه معاف ٿين ٿا. جنهن نماز جي ايڏي وڏي برڪت آهي، ان نماز جي اسان ڪيتري پابندي ڪيون ٿا؟ منهنجا ڀائرو! الله تبارڪ وتعاليٰ جي طرفان مليل جيڪي هي موقعا آهن، انهن کي ضايع نه ڪيون. مختصر زندگي آ، ٿوري زندگي آ، پوءِ سڀ ڪجهه هتي ڇڏي ماڻهو لاڏاڻو ڪري ويندو. ان کان پوءِ ماڻهو اڪيلو هوندو ۽ ان جي قبر هوندي. ان کان پوءِ محشر جو ميدان هوندو، الله تبارڪ وتعاليٰ هوندو ۽ الله جو ٻانهو هوندو. انهن جڳهن تي ڪاميابي حاصل ڪرڻ جي لاءِ، فلاح ماڻڻ جي لاءِ منهنجا ڀائرو! ضروري آ ته اسان چڱا عمل ڪيون، نيڪين جي پابندي ڪيون. انسان هجڻ جي ڪري اسان کان جيڪي غلطيون ٿين ٿيون، انهن نيڪين ۽ چڱن عملن جي ڪري اهي گناهه ختم ٿيندا وڃن. نماز جو بيان هلي پيو ته نماز سان ڪيترو جلدي الله تبارڪ وتعاليٰ گناهه معاف فرمائي ٿو. حديث جي ڪتاب سنن نسائي جي حديث آ، پياري پيغمبر ﷺ اصحاب سڳورن کان سوال ڪيو انهن کي سمجهائڻ جي لاءِ، الله جي نبي ﷺ جو اهو به هڪ انداز هيو پنهنجي امت کي مسئلو سمجهائڻ لاءِ. انهن کان سوال ڪندا هئا، پڇندا هئا. فرمايائون: أَرَأَيْتُمْ لَوْ أَنَّ نَهْرًا بِبَابِ أَحَدِكُمْ. توهان مون کي ٻڌايو، توهان مان ڪنهن هڪ جي دروازي وٽ شاخ وهندي هجي، گهر جي دروازي وٽان هڪ شاخ وهندي هجي. يَغْتَسِلُ فِيْهِ كُلَّ يَوْمٍ خَمْسًا. اهو ماڻهو هڪ ڏينهن ۽ رات ۾ پنج دفعا وهنجندو هجي، غسل ڪندو هجي ان شاخ مان. هَلْ يَبْقٰى مِنْ دَرَنِهٖ شَىْءٌ؟ ڇا ان جي بدن تي ڪا ميراڻ باقي رهندي؟ ڏسو سمجهائڻ جو انداز، اهو آهي اخلاص الله جي نبي ﷺ جو پنهنجي امت سان ته منهنجي امت کي هر مسئلو چڱي طرح سمجهه ۾ اچي وڃي، هي ابليس شيطان جي ڌوڪي ۾ نه رهن. اصحاب سڳورن رضوان الله عليهم اجمعين جواب ڏنو: لَا يَبْقٰى مِنْ دَرَنِهٖ شَىْءٌ. الله جا نبي ﷺ! نه، ان جي بدن تي ڪا ميراڻ باقي نه رهندي. جيڪو ماڻهو پنج دفعا غسل ڪندو. ان جي جسم تي ڪا مر باقي ڪونه رهندي. (صحيح بخاري: 528) هاڻي جڏهن مثال اصحاب سڳورن کي چڱي طرح سمجهه ۾ اچي ويو، پيغمبر ﷺ فرمايو: ذٰلِكَ مِثْلُ الصَّلَوَاتِ الْخَمْسِ يَمْحُو اللهُ بِهَا الْخَطَايَا. اهو ئي مثال آهي پنجن نمازن جو. جيڪو ماڻهو پنجن نمازن جي پابندي ڪندو، ان ماڻهو جي ذمي ڪو گناهه باقي نه رهندو، جيئن ان ماڻهو جي جسم تي ڪا مر باقي نه رهندي جيڪو پنج دفعا غسل ڪندو. اها نمازن جي برڪت، نمازن جي پابندي، وقت تي پڙهڻ، جماعت سان پڙهڻ، الله جي نبي ﷺ جي طريقي ۽ الله جي نبي ﷺ جي سنت جي مطابق پڙهڻ. جيڪو ماڻهو پنجن نمازن جي پابندي ڪندو، ان جي ذمي ڪو گناهه ڪونه رهندو. اها ئي الله جي نبي ﷺ ڳالهه سمجهائي. هي مليل موقعو آهي، هن مان اسين فائدو وٺون. انسان هجڻ جي ڪري غلطي ممڪن آ، نافرماني ممڪن آ. هر ماڻهو گنهگار آ پر اهو ماڻهو پنهنجي پاڻ سان ڌوڪو ڪري رهيو آهي، جيڪو صرف گناهه ڪري ٿو ۽ بخشائڻ جو ان کي ڪو فڪر ناهي. ان ڪري ضروري آهي ته نماز سان تعلق هجي، مسجد سان تعلق هجي. اذان جو آواز اچي، نماز جو ٽائم ٿئي، سڀ ڪم ڪار ڇڏي ڏيون ۽ ذهن ۾ اها ئي ڳالهه هجي، دماغ ۾ اهو ئي فڪر هجي ته مسجد وڃڻو آ، جماعت سان، ٽائم سان نماز پڙهڻي آ ۽ گناهه معاف ڪرائڻا آهن. الله جي نبي ﷺ سياري جي موسم ۾ هڪ باغ ۾ ويا ۽ الله جي نبي ﷺ هڪ وڻ جي ٽاري کي جهليو ۽ ان کي زور سان لوڏيو. ايترو زور سان لوڏيو جو ان ٽاري جا پن هيٺ ڪِرڻ لڳا. ڏسو سمجهائڻ جو انداز ان نيت سان جيڪڏهن توهان حديثن جي ڪتابن جو مطالعو ڪيو ته توهان کي مثال ملندا ته الله جي نبي ﷺ پنهنجي امت جي خيرخواهي ڪهڙي ڪهڙي طريقي سان ڪئي.
فرمايائون: جيڪو پنجن نمازن جي پابندي ڪندو، ان جا گناهه به ائين ئي ڪِرندا جيئن هن وڻ جي ٽاري مان پن ڪري رهيا آهن (مسند احمد: 23716). اها آهي نماز جي برڪت ته جيڪو ماڻهو نماز جي پابندي ڪري ٿو ته ايترو جلدي ۽ فورًا ان جا گناهه معاف ٿين ٿا ۽ ختم ٿين ٿا ته معلوم ٿيو اسان کي ڪثرت سان وضو ڪرڻ کپي. هميشه وضو سان هجون. ان ۾ اسان جي لاءِ برڪت به آهي ۽ گناهه به معاف ٿين ٿا ۽ ٻي نمبر تي نمازن جي پابندي ڪيون.
ذڪر ۽ دعائون
ٽين نمبر تي هي صبح ۽ شام جون دعائون آهن، منهنجا ڀائرو! انهن جو به وڏو ڪردار آهي گناهن جي معافي جي حوالي سان. الله جي نبي ﷺ جي حديث آ: سُبْحَانَ اللّٰهِ وَبِحَمْدِهٖ سؤ دفعا صبح جو ۽ سؤ دفعا سُبْحَانَ اللّٰهِ وَبِحَمْدِهٖشام جو پڙهي ٿو، ان جا جيترا به گناهه آهن، الله تبارڪ وتعاليٰ معاف فرمائي ڇڏي ٿو، ايستائين جو انسان جا گناهه سمنڊ جي جهڳ برابر هجن. (صحيح بخاري: 6405) ايترا گناهه به الله تبارڪ وتعاليٰ معاف فرمائي ٿو. ڏسو هي الله جي طرفان مليل موقعو آهي.
ان جو طريقو آسان آ، هڪ هٿ تي اسان ڳڻي سگهون ٿا. الله جي نبي ﷺ جي حديث موجود آ. صحابي چوي ٿو: مون الله جي نبي ﷺ کي ڏٺو، پاڻ هڪ ئي هٿ تي ذڪر ڪري رهيا هئا. بيمينھ جا لفظ آهن، ساڄي هٿ تي يعني ذڪر ڪرڻ لاءِ الله جي نبي ﷺ کاٻو هٿ استعمال ناهي ڪيو. ساڄي هٿ تي اسان سؤ دفعا ذڪر ڪري سگهون ٿا ابوداؤد: 1502)
الله تبارڪ وتعاليٰ هي نشان رکيا آهن. آڱرن ۾ پندرهن نشان آهن. پنجن آڱرين ۾ پندرهن نشان، اسان هڪ دفعو هٿن تي سُبْحَانَ اللّٰهِ وَبِحَمْدِهٖ پڙهون، پندرهن دفعا ٿيو. ٻيو دفعو ٽيهه دفعا ٿيو. اهڙي طريقي سان هڪ هٿ تي اسان ڇهه دفعا ذڪر ڪنداسين، نوي ٿي ويندا ۽ ان کان پوءِ ڏهه دفعا ساڳيو ذڪر ڪيو، سؤ دفعا ٿي ويندا. ڪنهن قسم جو ڪو تڪلف، ڪا بدعت اختيار ڪرڻ جي ضرورت ئي ناهي. الله جي نبي ﷺ جي سنت تي عمل ڪندي اسان هڪ هٿ تي سؤ دفعا ذڪر ڪري سگهون ته سُبْحَانَ اللّٰهِ وَبِحَمْدِهٖ سؤ دفعا صبح جو، سؤ دفعا شام جو. ان جي برڪت ڇا آهي ته ماڻهو جا جيڪي گناهه آهن، ڀلي اهي سمنڊ جي جهڳ برابر ڇو نه هجن، الله تبارڪ وتعاليٰ ميٽي ڇڏيندو. ان مان فائدو وٺون.
اهڙي طريقي سان نبي ﷺ باغ ۾ وڃن ٿا. هيءَ ٻي حديث آهي، سياري جي موسم، پيغمبر ﷺ جي هٿ ۾ لٺ آهي. اصحاب سڳورا رضي الله عنهم گڏ آهن. پاڻ ﷺ اها لٺ وڻ جي ٽاري کي زور سان هنئي. جيئن ان وڻ جي ٽاري کي اها لٺ لڳي، ان ۾ جيڪي پن هئا، ڪِرڻ لڳا. پياري پيغمبر ﷺ فرمايو: ڏسو ڪيئن هن ٽاري جا پن ڪري رهيا آهن. جيڪو ماڻهو سُبْحَانَ اللّٰهِ وَالْحَمْدُ لِلّٰهِ، وَلَا اِلٰهَ اِلَّا اللّٰهُ وَاللّٰهُ اَكْبَرُ چوندو رهندو، اهو ذڪر مسلسل ڪندو رهندو، جيئن ٽاري مان پن ڪِري رهيا آهن، ان جا گناهه به ائين ختم ٿي ويندا، ان جا گناهه مٽجي ويندا (جامع ترمذي:3533) اهو موقعو آ، ان مان فائدو حاصل ڪيون. ته ڏسو جيڪڏهن اسان جي مزاج ۾ موجود آ ته انسان هجڻ ڪري اسان کان گناهه ٿي سگهن ٿا ته گڏوگڏ الله تبارڪ وتعاليٰ موقعا به ته ڏنا آهن. اها پنهنجو پاڻ کي وڏو نقصان پهچائڻ واري ڳالهه آ ته اسان رڳو گناهه ڪندا وڃون، انهن کي بخشائڻ جو اسان کي ڪو فڪر نه هجي. ان ڪري هنن موقعن مان فائدو حاصل ڪيون.
سنت جي برڪت
الله جي نبي ﷺ جي حديث آهي، سنن نسائي ۾ موجود آ، ٻه صحابي عقبه بن عامر ۽ ابو ايوب انصاري رضي الله عنهما، اتي هڪ وفد آيو ماڻهن جو ڪجهه ماڻهو ۽ گڏوگڏ چيائون اسان کي ٻڌايو. أُخْبِرْنَا أَنَّهٗ مَنْ صَلّٰى فِى الْمَسَاجِدِ الْأَرْبَعَةِ غُفِرَ لَهٗ ذَنْبُهٗ. ته اسان کي خبر پئي آ ته جيڪو ماڻهو چئن مسجدن ۾ نماز پڙهي ٿو ته الله تبارڪ وتعاليٰ ان جا گناهه معاف فرمائي ٿو. چار مسجدون ڪهڙيون؟ مسجد حرام بيت الله، مسجد نبوي، مسجد اقصيٰ بيت المقدس ۽ مسجد قبا. انهن چئن مسجدن ۾ جيڪو ماڻهو نماز پڙهندو، ان جا گناهه معاف ٿيندا. اها اسان کي خبر پئي آ، ڇا اها ڳالهه صحيح آ؟ ابو ايوب انصاري ﷦ فرمائي ٿو ته صحيح آ، غلط ناهي پر يَا ابْنَ أَخِىْ! أَدُلُّكَ عَلٰى أَيْسَرَ مِنْ ذٰلِكَ. اي منهنجا ڀائٽيا! ان کان نه ٻڌايان. جيڪڏهن اهو آسان ڪم تون ڪندين ته الله تبارڪ وتعاليٰ تنهنجا گناهه معاف ڪري ڇڏيندو. آسان ڪم، چيائون ضرور ٻڌايو. چيائين: تون هتان سفر ڪيو مسجد حرام وڃين، مسجد نبوي وڃين، بيت المقدس وڃين يا مسجد قبا وڃين، ان کان آسان ڪم جيڪو تون پنهنجي گهر ۾ ويهي ڪرين، تنهنجا گناهه معاف ٿي ويندا. ان چيو ضرور ٻڌايو. چيائين: مون الله جي نبي ﷺ کان ٻڌو. سَمِعْتُ رَسُوْلَ اللهِ ﷺ يَقُوْلُ: «مَنْ تَوَضَّأَ كَمَا أُمِرَ وَصَلّٰى كَمَا أُمِرَ، غُفِرَ لَهٗ مَا قَدَّمَ مِنْ عَمَلٍ». جيڪو ماڻهو الله جي نبي ﷺ جي سنت جي مطابق وضو ڪندو ۽ جيڪو ماڻهو الله جي نبي ﷺ جي سنت جي مطابق نماز قائم ڪندو، الله تبارڪ وتعاليٰ سنت جي برڪت جي ڪري ان جا گناهه معاف فرمائي ڇڏيندو(سنن النسائي: 144، ابن ماجه: 1396). تون پنهنجي گهر ۾ ويهي وضو ڪر، الله جي نبي ﷺ جي طريقي مطابق پنهنجي گهر ۾ نماز پڙهه، الله جي نبي ﷺ جي طريقي جي مطابق سنت تي عمل ڪرڻ جي ڪري الله تبارڪ وتعاليٰ تنهنجا گناهه معاف فرمائي ڇڏيندو. اندازو ڪيو، اهو به مليل موقعو آهي. اسان پاڻ ڏسون، حديثن جا ڪتاب موجود آهن. صحيح بخاري، صحيح مسلم، سنن ابوداؤد، سنن نسائي، سنن ابن ماجھ، جامع ترمذي، حديثن جا ڪتاب موجود آهن. اسان کوليون، ڏسون انهن ۾ وضو جو طريقو ڪهڙو آهي؟ نماز جو طريقو ڪهڙو آهي؟ انهن ۾ جيڪو طريقو وضو جو، جيڪو طريقو نماز جو اسان کي ملي، اهو اختيار ڪيون. ان سنت تي هلڻ جي ڪري الله تبارڪ وتعاليٰ گناهه معاف فرمائي ڇڏيندو. اهي مليل موقعا آهن، انهن مان فائدو حاصل ڪيون تاڪ اسان دنيا ۾ هجون تڏهن به ڪامياب، قبر ۾ هجون تڏهن به ڪامياب، قيامت جي ڏينهن به ڪامياب.
مسجد ۽ نماز سان مضبوط تعلق
صحيح مسلم جي حديث آ، پيارا پيغمبر ﷺ اصحاب سڳورن کي فرمائن ٿا: أَلَا أُخْبِرُكُمْ بِمَا يَمْحُو اللهُ بِهِ الْخَطَايَا وَيَرْفَعُ بِهِ الدَّرَجَاتِ؟ ڇا آئون توهان کي اهي عمل نه ٻڌايان، جيڪڏهن توهان انهن عملن تي هلو، پابندي ڪيو ته الله تبارڪ وتعاليٰ انهن عملن جي پابندي جي برڪت جي ڪري توهان جا گناهه به معاف ڪندو ۽ توهان جا درجا به بلند ڪندو؟ اصحاب سڳورن رضي الله عنهم عرض ڪيو: ضرور ٻڌايو. پياري پيغمبر ﷺ فرمايو: إِسْبَاغُ الْوُضُوءِ عَلَى الْمَكَارِهِ. (صحيح مسلم: 251) چڱي طريقي سان وضو ڪرڻ، جان نه ڇڏائڻ. مثال جي طور تي: سيارو اچي پيو، وضو ڪرڻو پيو ٿڌي پاڻي سان، گرم پاڻي ناهي. ماڻهو ٿڌي پاڻي جي ڪري جان نه ڇڏائي، بلڪه وضو جي عضون کي چڱي طرح ڌوئي. ذهن ۾ اها ڳالهه هجي ته الله جي نبي ﷺ جي سنت اها آهي، الله جي نبي ﷺ جو طريقو اهو آهي. مون کي چڱي طرح وضو ڪرڻو آهي، پاڻي جي ٿڌي هجڻ جي ڪري جيڪا مون کي تڪليف ٿي رهي آهي، برداشت ڪندس. الله جي نبي ﷺ جي طريقي تي هلندس، سنت تي عمل ڪندس ته الله تبارڪ وتعاليٰ گناهه به معاف فرمائي ٿو ۽ درجات به بلند فرمائي ٿو. إِسْبَاغُ الْوُضُوءِ عَلَى الْمَكَارِهِ وَكَثْرَةُ الْخُطَا إِلَى الْمَسَاجِدِ. ٻيو عمل جيڪو ماڻهو تمام گهڻو مسجد ڏانهن اچ وڃ جاري رکي ٿو، نماز جو ٽائيم ٿيو، فورًا مسجد جو رُخ ڪري ٿو، اهو عمل به الله تبارڪ وتعاليٰ کي پسند آهي جيڪو ماڻهو ان عمل جي پابندي ڪري ٿو، الله تبارڪ وتعاليٰ ان جا گناهه معاف فرمائي ٿو ۽ ان جا درجا بلند فرمائي ٿو. وَانْتِظَارُ الصَّلَاةِ بَعْدَ الصَّلَاةِ ٽيون عمل هڪ نماز کان پوءِ ٻي نماز جو انتظار(صحيح مسلم: 251). ان جا ٻه طريقا آهن. سڀ کان سهڻو طريقو ته اهو ئي آهي ته هڪ نماز ماڻهو جماعت سان مسجد ۾ پڙهي، ٻي نماز لاءِ اتي ئي ويهي رهي. بهترين ۽ افضل طريقو آهي. بلڪه صحيح مسلم ۾ الله جي نبي ﷺ جي حديث موجود آهي: جيڪو ماڻهو جنهن جاءِ تي نماز پڙهي ٿو، ان جاءِ تي ئي ويهي رهي ٿو جيستائين ان جو وضوء نه ٿو ٽٽي، اوستائين ملائڪ ان لاءِ دعا ڪن ٿا: يا الله! هن جا گناهه معاف فرمائي ڇڏ (صحيح مسلم: 649). ته هڪ اهو ئي طريقو آهي ته نماز پڙهڻ کان پوءِ ماڻهو ٻي نماز تائين مسجد ۾ رهي ۽ ٻيو طريقو هي آ: هڪ نماز جماعت سان پڙهي پنهنجي دڪان تي ويو، پنهنجي گهر ويو، پنهنجي آفيس ويو، پر هن جي دماغ ۾، هن جي ذهن ۾ اها ڳالهه موجود آ ته ٻي نماز مون کي جماعت سان پڙهڻي آهي. مسجد کان نڪري ٿو پر هن کي فڪر هجي ٿو ته هڪ نماز جماعت سان پڙهي آ، ٻي نماز مون کي جماعت سان پڙهڻي آهي. اهو عمل به الله تبارڪ وتعاليٰ کي ايترو پسند آ، الله تبارڪ وتعاليٰ ان عمل تي پابندي ڪرڻ واري جا گناهه معاف فرمائي ٿو ۽ ان جا درجا بلند ڪري ٿو. مختصر ڳالهه اها ئي آهي ته انسان جي مزاج ۾ اها ڳالهه موجود آ ته ان کان غلطيون ٿين ٿيون، نافرمانيون ٿين ٿيون، گناهه جا ڪم ٿين ٿا. ان ماڻهو کي اهي گناهه معاف ڪرائڻ جو فڪر به هجي. ان لاءِ دين تي عمل ڪيو. جيڪي عمل، جيڪي چڱايون، جيڪي نيڪيون الله جي نبي ﷺ ٻڌايون آهن گناهن کي معاف ڪرائڻ لاءِ، انهن جي پابندي ڪيون. وضو آ، هر وقت باوضو رهڻ جي ڪوشش ڪيون. نماز آ، نماز جي پابندي ڪيون ۽ پنهنجا عمل، پنهنجون عبادتون الله جي نبي ﷺ جي طريقي جي مطابق ادا ڪيون ته الله جي نبي ﷺ جي سنت ڪهڙي آ ۽ مسجد سان تعلق هجي، باجماعت نماز سان تعلق هجي. اهي عمل آهن ۽ ذڪر اذڪار آهن، اهي عمل آهن جن جي اسان پابندي ڪنداسين ته الله تبارڪ وتعاليٰ اسان جا جيڪي گناهه ۽ نافرمانيون آهن، اهي ميٽيندو رهندو ۽ جڏهن هن دنيا مان اسان جو لاڏاڻو ٿيندو ته اڳتي جي لاءِ آساني ئي آساني ۽ ڪاميابي ئي ڪاميابي آهي . الله تبارڪ وتعاليٰ کان دعا آهي ته قرآن ۽ حديث جي انهن ڳالهين کي سمجهڻ جي توفيق عطا فرمائي ۽ عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي، ٻين ماڻهن تائين پهچائڻ جي توفيق عطا فرمائي. وآخر دعوانا ان الحمد لله رب العالمين.

0 تبصره :

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔