Menu Bar

Drop Down MenusCSS Drop Down MenuPure CSS Dropdown Menu

نيوز ٽڪر

قادياني اسلام ۽ پاڪستان جا مجرم ***ابوعمير حزب الله بلوچ

پاڻيءَ جي نعمت خطاب : فضيلة الشيخ ذوالفقار علي طاهر رحمھ الله

Monday, October 29, 2018

نحوست ، برو سَؤڻ وٺڻ ۽ وهم پرستي جي حقيقت



ابوعمير حزب الله بلوچ

ڪنهن شيءِ ۾ برو سؤڻ وٺڻ حرام آهي ۽ ڪافرن ، مشرڪن ۽ رسولن جي دشمنن جو ڪم آهي .
الله تعالى جو فرمان آهي ته :
فَإِذَا جَاءَتْهُمُ الْحَسَنَةُ قَالُوا لَنَا هَذِهِ وَإِنْ تُصِبْهُمْ سَيِّئَةٌ يَطَّيَّرُوا بِمُوسَىٰ وَمَنْ مَعَهُ (الاعراف:131)
پوءِ جڏهن کين (يعني فرعوني ڪافرن کي ڪو) سک پهتو ٿي ته چيائون ته هي ته اسان جي لاءِ آهي ۽ جيڪڏهن ڪو ڏک پهچندو هو ته موسيٰ (عليه السلام) ۽ سندس (مومن) ساٿين کي نڀاڳو سمجھندا هئا .
قَالُوا إِنَّا تَطَيَّرْنَا بِكُمْ لَئِنْ لَمْ تَنْتَهُوا لَنَرْجُمَنَّكُمْ وَلَيَمَسَّنَّكُمْ مِنَّا عَذَابٌ أَلِيمٌ.
(سورة يس 18)
قَالُوا اطَّيَّرْنَا بِكَ وَبِمَنْ مَعَكَ قَالَ طَائِرُكُمْ عِنْدَ اللَّهِ بَلْ أَنْتُمْ قَوْمٌ تُفْتَنُونَ.(سورة النمل 47)
يعني ڪافر رسولن کي چوڻ لڳا ته اسان توهان ۽ توهان تي ايمان آڻيندڙن کي نڀاڳو سمجهون ٿا..



رسول الله ﷺ جن فرمايو:وَلَا طِيَرَةَ . يعني ڪنهن به شيءِ کي نڀاڳو سمجهڻ جي ڪا به حقيقت نه آهي .(صحيح بخاري :5717)

نبي ڪريم ﷺ جن فرمايو : إِنْ كَانَ الشُّؤْمُ فِي شَيْءٍ، فَفِي الدَّارِ وَالْمَرْأَةِ وَالْفَرَسِ. يعني جيڪڏهن ڪنهن شيءِ ۾ نڀاڳُ يا نحوست هجي ها ته گهر ، عورت ۽ گهوڙي ۾ هجي ها . (صحيح بخاري: 5094)
مطلب ته ڪنهن به شيءِ ۾ نحوست ۽ نڀاڳُ نه آهي.

عرب ۾ هيءَ وهم پرستي رائج هئي ته انهن مان ڪو ماڻهو سفر تي نڪرڻ کان اڳ ڪو پکي جھلي ان کي اڏاريندو هو جيڪڏهن اهو پکي ساڄي پاسي اڏاميو ته ان کي سٺو سؤڻ سمجھندا هئا ۽ پوءِ سفر يا ڪم ڪار تي نڪرندا هئا ، پر جيڪڏهن اهو پکي کاٻي طرف اڏاميو ته ان کي برو سؤڻ سمجھي پنهجي ارادي ڪيل سفر يا ڪم کي ڇڏي ڏيندا هئا .
نبي ڪريم ﷺ جن ان جي شرعي حڪم کي واضح ڪندي فرمايو ته : اَلطِّيَرَةُ شِرْكٌ، اَلطِّيَرَةُ شِرْكٌ ، ثَلَاثًا.
بدشگوني يعني برو سؤڻ شرڪ آهي ، برو سؤڻ شرڪ آهي ، برو سؤڻ شرڪ آهي ( سنن أبي داود | كِتَابٌ : الطِّبُّ | بَابٌ : فِي الطِّيرَةِ : 3910)

  اهڙي طرح انهي حرام ۽ توحيد جي مخالف ڪم جي هڪ صورت هيءَ به آهي ته انسان ڪجھ مهينن کي منحوس سمجھي جيئن صفر يا محرم جي مهيني ۾ انهي وهم جي ڪري شادي نه ڪرڻ ته متان شادي ڪامياب نه ٿئي يا ڪو نقصان نه ٿي پوي .
جڏهن ته نبي ڪريم ﷺ جن فرمايو : وَلَا صَفَرَ . يعني صفر جي مهيني کي منحوس سمجهڻ جي ڪا به حقيقت ناهي . (صحيح بخاري : 5707)

  اهڙي طرح ڪجھ ڏينهن کي منحوس سمجھڻ جيئن هر مهيني جي آخري اربع جي ڏينهن کي منحوس سمجھڻ .
  اهڙي طرح ڪجھ انگن اکرن کي منحوس سمجھڻ جيئن (13)جو انگ جنهن جي باري ۾ بري وهم جو شڪار ٿيڻ .
  اهڙي طرح ڪجھ نالن کي منحوس ڄاڻڻ جيئن يزيد ، مروان وغيره
  مصيبت ، بيماريءَ يا ڪنهن عيب ۾ مبتلا ماڻهو کي ڏسي برو سؤڻ وٺڻ جيئن ڪو ماڻهو دڪان کولڻ يا ڪنهن ڪم ڪار لاءِ نڪتو ته رستي ۾ هن کي ڪو ڪاڻو ، معذور يا فقير ، مسڪين ماڻهو مليو ، يا ڪاري ٻلي يا چِٻرو ڏٺائين ته هو ان کي منحوس سمجھي دڪان يا ڪم ڪار ۾ نقصان جي ڊپ کان واپس گھر موٽي آيو .
نبي ڪريم ﷺ جن فرمايو : وَلَا هَامَةَ. چِٻري (پکي) ۾ ڪو به نڀاڳُ ناهي .(صحيح بخاري : 5707)

  اسان جي معاشري ۾ پڻ اهڙي قسم جا برا سؤڻ عام جام آهن مثلاََ :

  نئين يا پراڻي گاڏي کي بري نظر کان بچائڻ لاءِ جُتي لڙڪائڻ ۽ گهر جي مٿان ڪاري ديڳڙي يا هنڍي رکڻ .
  ڪنهن مزار ، علم يا آستاني وٽان گذرندي سلام ڪرڻ ، هٿ سان اشارو ڪرڻ ۽ اهو عقيدو رکڻ ته ايئن نه ڪرڻ سان “بابو“ ٽنگون ٻانهون ڀَنڃي وجهندو .
  ڪنوار کي قرآن جي ڇانوَ ۾ رخصت ڪرڻ ، ۽ ڏاج ۾ کيس ڇري، چاقو ، قينچي دانگي يا تئو نه ڏيڻ .
  ٻارن کي بري نظر کان بچائڻ لاءِ پيشاني تي ڪارو ٽڪو لڳائڻ يا ٿُڪ هڻڻ .

  نجومين ، عاملن ۽ ڀوپن جو هٿ ڏسي ، طوطي يا قرآن مجيد جي ذريعي فال ڪڍي آئنده جو خبرون يا قسمت جو حال ٻڌائڻ.
حالانڪه نبي ڪريم ﷺ جو فرمان آهي جيڪو ماڻهو اهڙي ڪنهن ڀوپي وٽ ويو ۽ کيس سچو سمجهيائين ته چاليهن ڏينهن تائين ان جي نماز ئي قبول نه ٿي ٿئي. (صحيح مسلم : 2230)
  صبح جو سوير دوڪاندارن جو اوڌر نه ڏيڻ ۽ سوير سوال ڪندڙ کي منحوس سمجهڻ .
  چِٻري (اُلو) پکي کي موت جو پيغام سمجهڻ .
  ڪانگَ پکي کي مهمان اچڻ جي نشاني سمجهڻ .
  ڪاري نانگ کي نر يا مادي جي بدلي وٺڻ جي خوف کان نه مارڻ .
  اکِ جي ڦِرڪڻ يا هِڏڪي ٿيڻ کي ڪنهن مٽ مائٽ يا دوست طرفان يادگيرو سمجهڻ ۽ هٿن تي خارش ٿيڻ ۾ نفعي يا نقصان جو عقيدو رکڻ .
  بيمار کي شفاء لاءِ تعويذ ، ڌاڳا ، ڪڙا يا ڇلا پارائڻ .
  فوت ٿي ويل ٻار جو نالو ٻيهر نه رکڻ.
  بيوھ عورت کي منحوس سمجهڻ ۽ ان سان نڪاح نه ڪرڻ.
رات جي وقت صفائي نه ڪرڻ ۽ گهر کي ٻهاري نه ڏيڻ ۽ ان کي جنن ۽ ڀوتن جي چنبڙڻ جو سبب سمجهڻ .
  مٿي جا وار کُسڻ کي مالدار ٿيڻ جو سبب يا نشاني سمجهڻ.
  بجلي اچڻ يا وڃڻ وقت ڳالھ ڪندڙ ماڻهو کي سچو يا ڪوڙو چوڻ .
  محفل ۾ ذڪر هلندي ڪنهن ماڻهو جي اچانڪ اچڻ تي کيس وڏي عمر وارو چوڻ . وغيره

  مٿي ذڪر ڪيل سڀئي وهمي عمل شرڪ ، بدعت ۽ غير شرعي ڪم آهن ۽ الله تعاليٰ تي توڪل ۽ ڀروسي جي سراسر خلاف آهن اهڙن ڪمن کان رسول اڪرم ﷺ جن لاتعلقي ۽ برائت جو اعلان فرمايو آهي فرمايائون :
لَيْسَ مِنَّا مَنْ تَطَيَّرَ اَو تُطُيِّرَ لَهُ، اَو تَكَهَّنَ وَ تُكُهِّنَ لَهُ أَظُنُّهُ، قَالَ:أَوْ سَحَرَ أَوْ سُحِرَ لَهُ.(المعجم الكبير للطبراني : ج 18 ص 162ح 355 .صحيح الجامع 5435)
سيدنا عمران بن حصين رضي الله عنه کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ جن فرمايو ته :
جنهن ڪو برو سؤڻ ڪيو يا ڪرايو ، جنهن ڪا به ڪهانت (غيبي معاملا معلوم هجڻ جي دعويٰ) ڪئي يا ڪرائي(يعني ان کي سچو مڃيو) يا جنهن جادو ڪيو يا ڪرايو ته اهڙي ماڻهو جو اسان (مسلمانن) سان ڪوبه تعلق نه آهي.

  جنهن اهڙي قسم جي ڪا ڳالھ ڪئي يا عقيدو رکيو ته ان جو ڪفارو هيٺئين حديث ۾ موجود آهي :
عَنْ عَبْدِ اللَّهِ بْنِ عَمْرٍو قَالَ :قَالَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ مَنْ رَدَّتْهُ الطِّيَرَةُ مِنْ حَاجَةٍ فَقَدْ أَشْرَكَ قَالُوا يَا رَسُولَ اللَّهِ مَا كَفَّارَةُ ذَالِكَ؟ قَالَ أَنْ يَقُولَ أَحَدُهُمْ :
سيدنا عبدالله بن عمرو رضي الله عنه کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ جن فرمايو :جيڪو بري سؤڻ جي ڪري ڪنهن ڪم کان رڪجي ويو ته ان شرڪ ڪيو ان جو ڪفارو هيءُ آهي ته الله کان ان گناهه جي (بخشش لاءِ ) هيءَ دعا گھري :
اللَّهُمَّ لَا خَيْرَ إِلَّا خَيْرُكَ وَلَا طَيْرَ إِلَّا طَيْرُكَ وَلَا إِلَهَ غَيْرُكَ .
اي الله! ڪابه نحوست (نقصان)ثابت ناهي سواءِ انهيءَ نحوست جي جنهن جو تون حڪم ڪرين ۽ نه آهي ڪابه ڀلائي سواءِ انهيءَ ڀلائي جي جيڪا تنهنجي مرضي سان هجي ۽ توکان سواءِ ڪوبه معبود نه آهي ـ (مسند احمد : 7045 حسنه الارناؤط)

  بري سؤڻ تي اعتبار طبيعت جي لحاظ سان ڪنهن ماڻهو ۾ وڌيڪ ته ڪنهن ۾ گھٽ ٿئي ٿو انهيءَ جو بهترين علاج الله تعالى جي ذات تي ڀروسو ۽ پوري طرح توڪل ڪرڻ آهي جيئن سيدنا عبدالله بن مسعود رضي الله عنه فرمايو:
وَمَا مِنَّا إِلَّا وَلَكِنَّ اللَّهَ يُذْهِبُهُ بِالتَّوَكُّلِ.
اسان مان هر هڪ جي دل ۾ بري سؤڻ جي ڪري ڪو وهم پيدا ٿي ويندو آهي پر الله تي توڪل ڪرڻ جي ڪري الله تعاليٰ ان وهم کي ختم ڪري ڇڏيندو آهي .
( سنن أبي داود | كِتَابٌ : الطِّبُّ | بَابٌ : فِي الطِّيرَةِ حديث نمبر 3910 ، ترمذي :1614. ابن ماجة :3538. السلسلة الصحيحة 430 )

  اهڙن برن سؤڻن کان بچڻ لاءِ عقيدي توحيد جو مضبوط هجڻ انتهائي ضروري آهي خصوصاََ اها ڳالهه ته هر تصرف ، نفعي ۽ نقصان جو مالڪ صرف الله تعاليٰ ئي آهي ۽ ان کان سواءِ ٻيو ڪير به نه آهي :
وَإِنْ يَمْسَسْكَ اللَّهُ بِضُرٍّ فَلَا كَاشِفَ لَهُ إِلَّا هُوَ وَإِنْ يَمْسَسْكَ بِخَيْرٍ فَهُوَ عَلَىٰ كُلِّ شَيْءٍ قَدِيرٌ.(سورة اﻷنعام 17)

۽ جيڪڏھن الله توکي ڪو ڏک تڪليف پُھچائي ته اُن (الله) کانسواءِ ان جو ڪو لاھيندڙ نه آھي، ۽ جيڪڏھن اُھو توکي سُک پُھچائي ته اُھو سڀ ڪنھن شيء تي وس وارو آھي.
وَإِنْ يَمْسَسْكَ اللَّهُ بِضُرٍّ فَلَا كَاشِفَ لَهُ إِلَّا هُوَ وَإِنْ يُرِدْكَ بِخَيْرٍ فَلَا رَادَّ لِفَضْلِهِ ۚيُصِيبُ بِهِ مَنْ يَشَاءُ مِنْ عِبَادِهِ ۚ وَهُوَ الْغَفُورُ الرَّحِيمُ.(سورة يونس 107)

۽ جيڪڏھن الله توکي ڪو ڏک تڪليف پھچائي ته اُن کان سواءِ ٻيو ڪو به اُن جي لاھڻ وارو ڪونھي، ۽ جيڪڏھن تولاءِ ڪا چڱائي گھري ته سندس فضل کي ڪو ھٽائڻ وارو نه آھي، پنھنجي ٻانھن مان جنھن کي وڻيس تنھن کي فضل پُھچائيندو آھي، ۽ اُھو بخشڻھار مھربان آھي.
نبي ڪريم ﷺ جن فرمايو : پوري امت گڏجي ڪري توکي ڪوبه فائدو يا نقصان نه ٿي رسائي سگهي مگر صرف اهو ئي جيترو الله تعاليٰ تنهنجي قسمت ۾ لکيو هوندو. (جامع ترمذي :2516)
الله تعاليٰ اسان کي اهڙي وهم پرستين کان محفوظ رکي ۽ حقيقي سچي توحيدي واٽ جو راهي بنائي . آمين .

0 تبصره :

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔