Menu Bar

Drop Down MenusCSS Drop Down MenuPure CSS Dropdown Menu

نيوز ٽڪر

قادياني اسلام ۽ پاڪستان جا مجرم ***ابوعمير حزب الله بلوچ

پاڻيءَ جي نعمت خطاب : فضيلة الشيخ ذوالفقار علي طاهر رحمھ الله

Tuesday, March 31, 2020

اپريل فول جي تناظر ۾ ڪوڙ جي برائي ۽ خطرناڪي!*

💠  *

*تحرير : ابوعمير حزب الله بلوچ*

⭐ ڪوڙ انهن وڏن ڪبيره گناهن ۾ سرفهرست آھي جيڪي سچي دل سان توبه ڪرڻ کان سواء معاف نه ٿا ڪيا وڃن ، جيئن نبي ڪريم ﷺ جن فرمايو ته ڇا آئون توهان کي ڪبيره گناهن مان به سڀني کان وڏن ٽن گناهن جي باري ۾ نه ٻڌايان ؟ اهي آھن الله سان شرڪ ڪرڻ ، ماءُ پيءُ جي نافرماني ڪرڻ ۽ توهان خاص طور تي ڪوڙ کان بچو ۽ اها آخري ڳالھ پاڻ ڪيترائي دفعا ورجائي ورجائي فرمايائون جو اسان چيو ته ڪاش پاڻ ھاڻي خاموش ٿين . (صحيح بخاري: 2654)
⭐ اڳئين زماني ۾ ته ڪافر به ڪوڙ کي عار سمجهندا هئا ۽ حياءُ ڪندي ان کان بچندا هئا جيئن ابوسفيان مسلمانن ٿيڻ کان اڳ نبي ڪريم ﷺ جو سخت دشمن هوندي به سندن باري ۾ قيصر بادشاھ جي درٻار ۾ ڪوڙ نه ڳالهايو ۽ بلڪه پوري حقيقت سچائي سان بيان ڪئي . (صحيح بخاري: 2940)

💠 *ڪوڙ دوزخ ۾ وڃڻ جو سبب* 

⭐ رسول الله ﷺ  جن فرمايو:​
وَإِنَّ الكَذِبَ يَهْدِي إِلَى الفُجُورِ، وَإِنَّ الفُجُورَ يَهْدِي إِلَى النَّارِ، وَإِنَّ الرَّجُلَ لَيَكْذِبُ حَتَّى يُكْتَبَ عِنْدَ اللَّهِ كَذَّابًا.  (صحيح بخاري: 6094)
بيشڪ ڪوڙ برائي ڏانهن وٺي ويندڙ آھي ۽ برائي انسان کي دوزخ ۾ پهچائي ٿي ۽ ماڻھو ڪوڙ ڳالهائيندو ئي رهي ٿو ايستائين جو الله تعاليٰ ان وٽ وڏو ڪوڙو لکيو وڃي.

⭐ نبي ڪريم ﷺ  کي دوزخ جا عذاب ڏيکاريا ويا جن ۾ هڪ ماڻھو اهڙو به هيو جنهن جون واڇون مسلسل قيامت تائين چيريون پئي ويون ۽ ٻڌايو ويو ته هيءُ اهو ماڻھو آھي جيڪو صبح جو اٿي ڪوڙ ڳالهائيندو هيو ۽ سندس ڪوڙ دنيا ۾ ڦھلجي ويندو هيو . (صحيح بخاري: 6096. مسلم: 2275)
⭐ ان ڪري نبي ڪريم ﷺ جن هر ٻڌل ڳالھ بغير تحقيق جي اڳتي پهچائڻ واري کي به ڪوڙو گناهگار ۽ ڪوڙ ۾ جو برابر شريڪ قرار ڏنو . (صحيح مسلم : 5 ) 

💠 *ڪوڙ ٻَڌڻ بي ايمان ۽ منافق ماڻھڻ جي نشاني* 

⭐ اللہ تعاليٰ جو فرمان آھي :​
 إِنَّمَا يَفْتَرِي الْكَذِبَ الَّذِينَ لَا يُؤْمِنُونَ بِآيَاتِ اللَّـهِ وَأُولَـٰئِكَ هُمُ الْكَاذِبُونَ (النحل:105)
ڪوڙا ٺاھ ته اهي ئي ماڻھو ٺاھيندا آھن جيڪي الله جي آيتن کي نه مڃيندا آھن، ۽ اُھي (پاڻ به ) ڪُوڙا آھن.

⭐ نبي ڪريم ﷺ جن فرمايو :​
آيَةُ المُنَافِقِ ثَلاَثٌ: إِذَا حَدَّثَ كَذَبَ، وَإِذَا وَعَدَ أَخْلَفَ، وَإِذَا اؤْتُمِنَ خَانَ. (صحيح بخاري: 6096)
منافق ماڻھو جون ٽي نشانيون آھن (1) جڏھن ڳالهائي ته ڪوڙ ڳالهائي. (2) واعدو ڪري ته نه پاري .(3) جڏھن ان وٽ ڪا امانت رکي وڃي ته خيانت ڪري.
⭐ صحيح مسلم(59) جي حديث ۾ وڌيڪ آھي ته اهڙو ماڻھو ڀلي نماز پڙھي ، روزا رکي ۽ پاڻ کي مسلمان سمجهندو رهي پر اهو منافق آھي. 

⭐ ڪوڙ جي موجودگي ۾ نيڪ عمل پڻ برباد ٿي وڃن ٿا جيئن نبي ڪريمﷺ  جن روزيدار جي باري ۾ فرمايو ته جيڪو ماڻھو روزي جي حالت ۾ ڪوڙ ڳالهائڻ نه ڇڏي ته الله تعاليٰ کي سندس بک ۽ اڃ جي ڪابه ضرورت ناهي .(بخاري:1903)   

💠  *شرڪ ۽ ڪوڙ جو گڏ ذڪر*

⭐ اللہ تعاليٰ جو فرمان آھي :​
فَاجْتَنِبُوا الرِّجْسَ مِنَ الْأَوْثَانِ وَاجْتَنِبُوا قَوْلَ الزُّورِ (الحج:30)
بُتن جي پليتيءَ کان پاسو ڪريو ۽ ڪوڙي ڳالھ کان (به) پاسو ڪريو.
⭐ قارئين ڪرام ڪوڙ جي برائي مان اندازو لڳايو جو الله تعاليٰ هن آيت ۾ ڪوڙ جو ذڪر بت پرستي سان گڏ فرمايو آھي .

💠  *ڪوڙن جي قسمت ۾ ھدايت ناهي*

⭐ الله تعاليٰ فرمائي ٿو :
إِنَّ اللَّـهَ لَا يَهْدِي مَنْ هُوَ كَاذِبٌ كَفَّارٌ (الزمر:3)
بيشڪ الله اُنھي ماڻھو کي سڌو رستو نه ڏيکاريندو جيڪو ڪوڙو (۽)  ناشُڪرو آھي.

💠 *ڪوڙا شيطان جا ساٿي*

⭐الله تعاليٰ جو فرمان آھي :
هَلْ أُنَبِّئُكُمْ عَلَى مَن تَنَزَّلُ الشَّيَاطِينُ تَنَزَّلُ عَلَى كُلِّ أَفَّاكٍ أَثِيمٍ يُلْقُونَ السَّمْعَ وَأَكْثَرُهُمْ كَاذِبُونَ [الشعراء: 221-223].
ڇا اوھان کي (نه) ٻڌايان ته ڪنھن تي شيطان لھندا آھن؟ اهي سڀ ڪنھن ڪوڙي ٻٽاڪيءَ گنھگار تي لھندا آھن.

💠 *ڪوڙن لاءِ ھلاڪت ۽ لعنت*

⭐ وَيْلٌ لِّكُلِّ أَفَّاكٍ أَثِيمٍ[الجاثية: 7].
ھر ڪنھن ڪوڙي ٻٽاڪيءَ گنھگار لاءِ ويل (هلاڪت تباهي ۽ خرابي) آھي.
⭐ مباهلي واري آيت ۾ آھي :
 ثُمَّ نَبْتَهِلْ فَنَجْعَلْ لَعْنَتَ اللَّهِ عَلَى الْكَاذِبِينَ . [سورة آل عمران 61]
پوءِ پاڻ مباهلو ڪندي دُعا گھرون ۽ پوءِ ڪُوڙن تي الله جي لعنت ڪريون.

💠 *نبي ﷺ کي ڪوڙن کا نفرت*

نبي ڪريم ﷺ جن کي ڪنهن ماڻھو جي ڪوڙ جي باري پوندي هئي سندن دل ۾ ان جي باري ۾ نفرت ويهي رهندي جيستائين جو هو ڪوڙ کان توبه تائب نه ٿيندو هيو .(مسند احمد : 25183)

💠 *ماڻھن کي کِلائڻ لاءِ ڪوڙ ڳالهائڻ*

⭐ نبي ڪريم ﷺ جن فرمايو :​
وَيْلٌ لِلَّذِي يُحَدِّثُ بِالحَدِيثِ لِيُضْحِكَ بِهِ القَوْمَ فَيَكْذِبُ، وَيْلٌ لَهُ وَيْلٌ لَهُ .( ترمذي: 2315، قال الألباني: حسن )
تباهي (هلاڪت ۽ بربادي) آھي ان ماڻھو لاءِ جيڪو ماڻھن کي کِلائڻ لاءِ ڪوڙ ڳالهائي ٿو ان لاءِ ٻيهر هلاڪت هجي ۽ ان لاءِ ٽيهر هلاڪت هجي .
⭐ ٻي حديث ۾ پاڻ ﷺ فرمايائون ته آئون ان ماڻھو کي جنت جي وچ ۾ گهر جي ضمانت ڏيان ٿو جيڪو (هر حال ۾ ڪوڙ ڳالهائڻ ڇڏي ڏي ايستائين جو) مذاق ۾ به ڪوڙ ڳالهائڻ ڇڏي ڏئي . (ابوداؤد : 4800)

⭐ ڪي ماڻھو وري اپريل فول جي ڪري ڪوڙ ڳالهائي ۽ ڪوڙيون رٿابنديون ۽ خبرون نشر ڪري مسلمانن جي معاشري ۾ خوف ۽ ڏھڪاءُ پکيڙيندا آھن ، رسول الله ﷺ سان گڏ سفر ۾ ڪجھ ماڻھن اهڙو عمل ڪري مذاق ڪندي هڪ مسلمان کي خوفزده ڪيو جنهن تي پاڻ ﷺ تنبيھ ڪندي فرمايائون :
 لَا يَحِلُّ لِمُسْلِمٍ أَنْ يُرَوِّعَ مُسْلِمًا .
ڪنهن مسلمان لاءِ اهو حلال ئي ناهي جو هو ٻي مسلمان کي ڊيڄاري خوفزده ڪري پريشان ڪري . (ابوداؤد: 5004)

⭐ قارئين ڪرام اهو ته ذڪر هيو پاڻ ۾ روزاني گفتگو دوران ڪوڙ ڳالهائڻ جو پر اسان جي معاشري ۾ ڪي ماڻھو اهڙا به آھن جيڪي الله تعاليٰ سندس رسول ﷺ يعني شريعت متعلق ڪوڙ ڳالهائيدا رهن ٿا اهو انتهائي خطرناڪ گناھ آھي ، نبي ڪريم ﷺ جن اهڙي ماڻھو کي به ڪوڙو قرار ڏنو بغير تحقيق جي صرف شڪي ڳالھ سندن ڏانهن منسوب ڪري ( مسلم في المقدمة ،)
بلڪه پاڻ ﷺ فرمايائون ته جيڪو مون ڏانهن ڪا اهڙي ڳالھ منسوب ڪري جيڪا مون نه چئي هجي ته ان کي پنهنجي جاءِ جهنم ۾ سمجھڻ گهرجي . (بخاري: 108-109)

0 تبصره :

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔